Home / ڪتاب / شاهه لطيف: سنڌ جي تاريخ جو پهريون عظيم شاعر
above article banner

شاهه لطيف: سنڌ جي تاريخ جو پهريون عظيم شاعر

Hameedسنڌ جي نامور اديب، محقق ۽ دانشور يوسف شاهين جي سڃاڻپ ڪرائڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ برابر آهي. هو منهنجي پسند جي اديبن مان آهي. هو دل ۽ هٿ جوسخي انسان آهي. هن جي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ڀائيواري رڳو “اناالحق” ۽ “فاتحن جي دنيا” جهڙا شاهڪار ڪتاب ڏيڻ نه پر برسات ميگزين توڙي اخبار ڪڍڻ ۽ ان ۾ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي مايوسيءَ مان ڪڍي ايڊيٽر جي مسند تي ويهارڻ ۽ ان کان “اياز ۽ صحافت” جهڙو نادر نسخو لکائڻ به ڳڻپ جهڙو شاندار ڪم آهي، توڙي جو اياز پنهنجو ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” سندس نالي ڪيو آهي پر پوءِ به شاعرانه ترنگ ۾ هو لکي ويو آهي ته “يوسف سان ملي مونکي احساس ٿيو آهي ته سرمائيداري نظام ته برو آهي ۽ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي. پر اهو ضروري ناهي ته پرولتاري انقلاب کان پوءِ هر سرمائيدار کي گوليءَ سان اڏايو وڃي” اهڙي راءِ ڏيڻ جي شايد ڪا به ضرورت نه هئي. يوسف شاهين جهڙا باشعور دماغ، قوم جا گهڻ گهرا ۽ اهي املهه موتي هوندا آهن، جيڪي قوم جي فخر ۽ وڏائي جو سبب بڻبا آهن.

يوسف شاهين جو ڪتاب “فاتحن جي دنيا” جيڪو 1992 ۾ ڇپيو هو ۽ 160 صفحن تي پکڙيل ان ڪتاب جو مهاڳ برک ايڊيٽر ۽ دانشور سراج ميمڻ لکيو هو ۽ ڪتاب جو تت سمجهائيندي هن لکيو هو ته: “فاتحن جي دنيا ۾ هن جي ٿيسز اها آهي ته ڪن قومن جي بادشاهن ۽ فوجي آمرن لشڪري ذريعن سان ڪمزور قومن کي فتح ڪري سندن عظيم ادارن ۽ ورثي کي، ٻولين، تهذيبن ۽ سڀيتائن کي تباهه ڪري پنهنجون ٻوليون، مذهب، عقيدا ۽ رواج به لاڳو ڪيا”.

jan 52

انهيءَ ڪري ئي چيو ويندو آهي ته ڪنهن به ملڪ جو مذهب اهوئي هوندو آهي، جيڪو ان جي بادشاهه جو مذهب آهي ۽ رعيت به اهوئي مذهب اختيار ڪندي آهي. انهيءَ جي دليل ۽ وضاحت طور “فاتحن جي دنيا” ۾ ڇرڪائيندڙ ۽ ذهن کي ڌوڏيندڙ مواد موجود آهي. هڪ لحاظ کان فاتحن جي دنيا ڪتاب الجيريا جي نظرئي دان فرانز فينن جي ڪتاب “مٽيءَ هاڻا ماڻهو” جي پائي جو ڪتاب آهي، ڇاڪاڻ جو جيئن فينن غلام قومن کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ حاصلات لاءِ مارڪسزم کان هٽي ڪري نئين نظرياتي سگهه سان پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ويڙهه جو ڏس ڏنو آهي. ايئن يوسف شاهين “فاتحن جي دنيا” ۾ عام ۽ رواجي تاريخ کان هٽي ڪري تاريخ جي ماخذن ۽ بنيادن کي ڳولهيو ۽ سمجهايو آهي ته اهي شيون، خيال ۽ عقيدا جن تي اسان فخر ڪندا آهيون، اُهي گهڻي ڀاڱي اسان کي فاتحن کان ورثي ۾ مليل هونديون آهن. اها تاريخ ڏانهن هڪ نرالي، نئين ۽ منفرد نگاهه آهي، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ ليکڪ پنهنجي ان نظريي کي “فاتحن جي دنيا” جي مهاڙ ۾ چٽو ڪندي لکيو آهي ته “عقيدي ۽ ذات جي قيد کان آجو ٿي، دنيا جي تاريخ پڙهڻ سان هيءَ ڳالهه چٽي ٿيو پوي ته مذهبن، ٻولين ۽ تهذيبن بابت، اسان ماضيءَ جي جنهن ورثي جا امين آهيون اهو اسان کي “فاتحن” وٽان مليو يا اسان تي مڙهيو ويو”.

سندس ٻيو ڪتاب “حق موجود” جيڪو خدا جي تاريخ آهي ۽ ان جي تصور جي ارتقا بابت آهي، اهو ڪتاب آرم اسٽرانگ جي ڪتاب “خدا جي تاريخ” کان گهڻو اڳ لکيو ۽ ڇپايو ويو آهي ۽ ان ئي معيار جو ڪتاب آهي، جيڪو به سندس تحقيق ۽ تجزيي جو حسين امتزاج آهي.

تاريخ ۾ ان خيال ڏانهن نگاهه ڪندي مان مارڪس جي ويچارن کان پرڀرو ٿي ڪرشن چندر جي ان ڪهاڻيءَ جو ذڪر به نه ڪندس جنهن ۾ هن اهو ٻڌايو هو ته خدا ڌرتي ڇڏي پنهنجو بسيرو آسمان ۾ ڇو ڪيو آهي. پر اها ڳالهه ضرور ڪندس ته تاريخ جي ورقن کي ورائيندي اها سڌ پوي ٿي ته گهڻو اڳ بادشاهه ئي پاڻ کي خدا سڏائيندو هو پنهنجي پوڄا لاءِ عبادت خانا ٺهرائيندو هو ۽ مذهب کي پنهنڪي ڪرسيءَ جي ٽيڪي طور ڪتب آڻيندو هو ۽ هاڻي انهن ملڪن ۾ جتي مذهب ۽ رياست کي جدا نه ڪيو ويو آهي اتي 21 صديءَ ۾ به آئين ۽ مذهبي صحيفن موجب هو ڌرتيءَ تي خدا جو نائب ۽ ان جو پاڇو آهي.

“شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر” ڪتاب جيڪو چوڏهن بابن ۽ 200 صفحن تي پکڙيل آهي. ان ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ، تهذيب ۽ تمدن کي وڏي ڏاهپ ۽ مدلل انداز ۾ تاريخي ماخذن، ڪتابن ۽ حوالن سميت سيبيتائي سان سمويو ويو آهي.

توڙي جو ليکڪ جي بقول ته هن هي ڪتاب صرف ڇهن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو آهي پر پوءِ به هن ڪتاب ۾ سندس سڄي ڄمار جو مطالعو، مشاهدو، تجزياتي نوٽس ۽ علمي وقار جلهڪي رهيو آهي ۽ هو اسان کي تاريخ جي پاتال ۾ گم ٿيل صدين کي پنهنجي تحقيق ۽ مطالعي جي سوجهري ۾ سمجهائي رهيو آهي ته ”سنڌي قوم دنيا جي وسيع ۽ طاقتور سنڌ سلطنت قائم ڪئي هئي جيڪا دنيا ۾ ٿيندڙ سرحدي تبديلين جي باوجود لڳ ڀڳ چارهزار سال دائم ۽ قائم رهي، ان جو اسان جي تاريخ ۾ ڪو به تفصيل نٿو ملي، جڏهن ته انگريزي ڪتاب اهڙن احوالن سان ڀريا پيا آهن”.

“انسان ذات جا غلاميءَ هيٺ پنج هزار سال” ۾ هو انساني تاريخ جا پيرا کڻي، سڳ ۽ ثبوت سوڌو اسان کي ٻڌائي ٿوته “پنج هزار سال انسان اهڙي نظام هيٺ گذاريا آهن. اڄ جنهن کي “عوام” چئجي ٿو، دنيا ۾ اهڙي ڪا به مخلوق نه هئي، دنيا جا سمورا انسان “غلام” هئا، جن کي “رعيت” سڏبو هو، اهي شڪست در شڪست کاڌل قومن جا فرد هئا، جن جا ڪي به حق نه هئا، اهي فقط بادشاهن يا شهنشاهن جي فتح ڪيل سرحدن جي سلطنتن ۾ ڪيڙن ماڪوڙن وانگر زندگي گذاري سگهيا ٿي”.

ايئن 1776ع وارو آمريڪا جي آزاديءَ وارو انقلاب انساني تاريخ جو پهريون عظيم ڇال هيو، جنهن انساني غلاميءَ جو خاتمو آندو ۽ ملڪ کي عوام جي ملڪيت قرار ڏنو ۽ اُهي “طاقت جو سرچشمو” ڄاتا ويا. ان دور ۾ توڙي سموري انساني سفر ۾ اهو سال هڪ معجزي مثل آهي. ان بعد هو اسان کي 1776ع جي جڳ ۾ سموري دنيا جي ملڪن، شهنشاهن، فرمانروائن ۽ توسيع پسند فڪر، حڪمرانن ۽ انهن جي غلام بڻايل قومن ۽ ملڪن کان آگاهه ڪندي انساني تاريخ جي ٻي وڏي ڇال يعني فرينچ انقلاب جي خوشخبري ٻڌائي ٿو، جنهن جي دور رس اثرن کان اڄ سوڌو دنيا نه نڪري سگهي آهي. 1789ع ۾ آيل ان عظيم انقلاب بابت هو ٻڌائي ٿو ته “جنهن کي” انقلاب فرانس” چئجي ٿو. انساني تاريخ جو اهو ٻيو وڏو واقعو هو. جڏهن رعايا بدران عوام” ۽ عوام جي فطري حقن بابت ڳالهه ڪئي ويئي. انقلاب فرانس طرفان هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو… هر شخص جا فطري حق تسليم ڪندي، آزادي، جمهوريت ۽ برابري جو اقرار ڪيو ويو” اهو آمريڪا ۽ فرانس جو انقلاب حليم باغي جي لفظن ۾ “ولهار سڄو آ واسي ويو، انسان اٿيو، انسان اٿيو” مثل ڄڻ سموري انسان ذات جا نصيب ئي نيارا ٿي ويا ۽ ڀاڳ سان ڀاڪرين پئجي ويا.

ڪتاب جو ٻيو باب آهي “فاتحن جا خدا، مذهب ۽ ٻوليون” جنهن ۾ هن سموري تاريخ جي اٿل پٿل، تبديلي ۽ توسيع بنديءَ کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون مذهب ۽ خدائن جي عبادت جو رواج آهي، اهي سڀ فاتحن جا ڏنل تحفا آهن. ايئن هو “سمير” “ساراگن” “همورابي” “اشوَري سلطنت” “سائرس اعظم” ”سڪندر اعظم” ”رومن امپائر”، “سيزر”، آگسٽس جي دور کان ٿيندو خدا جي آخري پيغمبر نبي ڪريم صلعم ۽ آمريڪا جي انقلاب تائين اچي ٿو. ان سڄي اپٽار کان پوءِ “سنڌ دنيا جي اولين عظيم تهذيب” جهڙو سون ورنو باب لکي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب کي نئين انداز ۾ پڌرو ڪندي پنهنجي کوجنا جا تاريخي۽ سائنسي بنياد ۽ ماخذ ظاهر ڪري ٿو. اهڙيون فخر جهڙيون ڳالهيون اسان لاءِ بنهه نيون نه آهن. پر مڪالمي جواهو انداز ۽ تاريخ جي اهڙي تاويل ۽ وضاحت بنهه نئين آهي. جنهن تحقيق ۾ نه رڳو سنڌ جي تهذيب جون سرحدون بيحد وسيع هيون پر ان ۾ رهندڙ انسانن جا قدر، رهڻي ڪهڻي، عقيدا ۽ قانون به ان وقت جي آدم زاد کان اڳتي وڌيل ۽ آسائشن سان ڀرپور هئا، وڏي ڳالهه ته ان دور جون سندن ايجادون، انسان ذات تي ڪيل وڏي احسان مثل آهن.

ان کان پوءِ ڪتاب جو باب آهي “سنڌ ڏانهن آرين جون هجرتون” جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته 1500ع قبل مسيح ۾، آرين سنڌو ماٿري تي قبضو ڪري ورتو ۽ 500 سالن تائين سنڌ تي قابض رهيا، انهن پاڻ سان گڏ پنهنجا عقيدا، دستور ۽ خدا به جدا آندا ۽ “اندر” سندن خدا هو، جيڪو ان جي مخالفن جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀڄي پورا ڪري ڇڏيندو هو. ويد ۽ ذات پات جو نظام سنڌ ۽ هند ۾ آرين جا ڏنل تحفا آهن ان کان پوءِ جي باب ۾ هو سنڌ ۽ مڳڌ ۾ آرين خلاف بغاوتن جو وچور ڏئي ٿو. جنهن۾ هو سنڌ ۽ مڳڌ کي پهريان ملڪ ڳڻي ٿو جن آرين خلاف بغاوت ڪئي، ۽ انهن جي خدائن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

ان بعد ڪتاب ۾ شامل مقالو آهي “سنڌ تي عرب جون ارڙهن ڪاهون” جنهن ۾ هو ان دور جي سموري تاريخ کي سلسلي وار ۽ واقعن آڌار سمجهائي ٿو ته اها به عربن جي توسيع پسندي هئي جنهن ۾ مذهب جو ڪو به دخل نه هو. سندس مقالي جو اهم پاسو سنڌ جي مزاحمتي سگهه بابت ٻڌائڻ آهي ته سنڌ جا سمورا هيرا ويڙهه وڙهندي ماريا ويا ۽ آڻ نه مڃيائون. عربن جي فتح به ايئن ٽيڪنالاجي جي فتح هئي جيئن بابر جي هندستان تي فتح يا انگريزن جي برصغير تي سوڀ. پر اصل ڳالهه آهي آڻ نه مڃڻ، انڪار ڪرڻ ۽ سموري سگهه سميت حملي آورن جو مقابلو ڪرڻ.

ان بعد جيڪي مضمون آهن، انهن جو وچور هن ريت آهي “ سنڌ تي تغلقن جون ڪاهون”، “ارغونن شاهه بيگ ۽ سندس پٽ جو سنڌ تي قبضو”، “سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مخدود بلاول جي “شهادت”، “ترخانن جو سنڌ تي قبضو”، “سنڌ تي مغلن جي ڪاهه”، مغل دور-سنڌ ۾ آزاديءَ جون تحريڪون” ۽ صوفي شاهه عنايت جي شهادت” شامل آهن. ايئن ڄڻ 1351 کان 1719ع تائين لڳ ڀڳ چار سَوُ سالن جي سنڌ جي غلاميءَ ۽ آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جي مختصر پر پيرائتي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. هو پاڻ اعلي پائي جو محقق ۽ تاريخ جو برک ڄاڻو آهي، جنهن جي جهلڪ ڪتاب جي هر سٽ مان بکي رهي آهي. ايئن هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جو ڪڙو-ڪڙي سان جڙيل آهي. ڪتاب جو آخري باب آهي “سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر” جيڪو هن ڪتاب جي سرجڻ جو سبب آهي.جنهن ۾ شاهه لطيف جون سوين سٽون ۽ بيت شاهدي ۽ دليل طور ڏنل آهن. جنهن ۾ اسان جي هن عظيم ۽ معجزي جهڙي شاعر پنهنجي وطن، ٻولي، آزادي ۽ سجاڳيءَ جا درس ڏنا آهن. جنهن جي هر سٽ هڪ ڪتاب کان به ڳري آهي. سندس هن مقالي جو حُسن اهو به آهي ته هن ويهي هر هڪ بيت جي تشريح يا تاويل نه ڪئي آهي پر اهو خود پڙهندڙ جي شعور ۽ سمجهه تي ڇڏيو آهي. صرف ان دور، جنهن ۾ ڀٽائي پيدا ٿيو، سمجهه ڀريو ۽ تاريخي شعوري ۽ قومي ڄاڻ سان مالا مال ٿيو، انهيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس. ايئن ٻڌايو اٿس ته ڀٽائي سنڌ جي صدين جي پيڙا جو پڙلاءُ هو، جنهن جي تاريخ جي سوين واقعن، حادثن اتفاقن ۽ انقلابن تربيت ۽ نشو نما ڪئي هئي. آخر ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو قول ڏنو اٿس“شاهه جو مقام منهنجي نظر ۾، دنيا جي سمورن شاعرن کان بلند آهي. مون مولانا روميءَ کي پڙهيو آهي شاهه لطيف رومي کان وڏو شاعر آهي، روميءَ جي ڪلام ۾ حڪايتون آهن، پر روميءَ جي ڪلام ۾ شاهه وانگر “حب الوطني ناهي”.

سچ ته گهڻي عرصي کان پوءِ سنڌي ۾ اهڙي طبع زاد لکڻي پڙهڻ لاءِ ملي آهي جيڪو ڄاڻ، لکڻ جي هنر، اختصار توڙي سادگيِ سبب انمول موتيءَ مثل آهي، هن ڪتاب کي سنڌ ۾ ضرور پذيرائي ملڻ گهرجي محب وطن سياسي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ استادن کي ادبي ويهڪون ڪرڻ گهرجن. هر سنڌي جي ذاتي توڙي سرڪاري لائبريري ۾ هن ڪتاب کي هئڻ گهرجي. ته جيئن هن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿين. جيڪي ڄڻ ته اسانجي حب الوطني ۽ پنهنجي تاريخ ۽ ماضيءَ جي خزاني سان پيار ڪرڻ جو ثبوت هوندا. پيڪاڪ پبليڪيشن هن ڪتاب جي اشاعت تي جس لهڻي، وڌيڪ اهو ته ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي مواد جو دهراءُ آهي ۽ ڪافي هنڌن تي پروف جون پڻ چُڪون آهن. اميد ته ايندڙ ايڊيشن وڌيڪ سڌاريل ۽ سنواريل هوندو ۽ ان ۾ الڳ سان بيبلوگرافي ۽ انڊيڪس به شامل هوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو