Home / ويندي ويندي / شروعات جو ڪو انت ڪونهي
above article banner

شروعات جو ڪو انت ڪونهي

ايئن به ناهي ته ڪو آغا رفيق يا رياض وڳڻ مسيت جا ڪک هئا پر پوءِ وقت جي حاڪمن کين عتاب هيٺ آندو. ٻئي همراه زماني جا ماڻهو آهن. وقت جي حڪمرانن سان هلي ڄاڻن. زرداري پارٽي سان سندن نوڙت جو رستو پراڻو هو. آغا صاحب ته زرداري جي ڏکين ڏينهن جو ساٿي هيو پر پوءِ اهڙو به زمانو آيو جو آغا صاحب کي سنگت ۽ ضمير مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي. آغا صاحب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهي ڇڏي پر ضمير گوارا نه ڪيس ته سنڌ جي سرڪاري نوڪرين تي وڏيرن جي رولو ٻارن، سندن ڪمدارن جي پٽن ۽ پيسا ڀري نوڪريون وٺندڙ جاهلن جا ڪٽڪ مقرر ڪري. هاڻ سندس من ۾ ڪيترو سُڪون هوندو ان جو اندازو شايد ئي ڪنهن زماني جي ماڻهو کي هجي. مُڙس پنهنجي پڇاڙي موچاري ڪري ويو .

octopus

رياض وڳڻ به ٻيلي کاتي جي چيف ڪنزرويٽر جي پوسٽ تي ويهڻ جو اهل ڪونه هيو پر سنگت کيس اتي مقرر ڪرايو پر پوءِ ڇا ٿيو ته اوچتو سندس به ضمير جاڳي پيو. زرداري پارٽي کي انڪار ڪري وڌائين.چون ٿا ته سردار آصف زرداري “اومني گروپ” جي نالي سان هڪ گروپ ٺاهيو آهي جيڪو سنڌ ۾ ڪمند جون مِلون هلائيندو، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندو ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ان گروپ کي ٽنڊي محمد خان جي ڪچي جون زمينون ڏيڻ جي به ڳالهه هلي ٿي. مٿي، اتر سنڌ ۾ ته وڏيرن جا اڳي ئي ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا آهن، وڏيرن جون ڪيٽيون آباد آهن. رهيل هيو لاڙ جتي زمينون خالي پيون آهن. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته رياض وڳڻ اها زمين لکي ڏيڻ تي راضي ڪونه هيو، نتيجي ۾ مٿس ڪوڙو سچو ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪري ٿاڻي تي ويهاريو ويو آهي. حالانڪه کيس آندو ئي ان ڪم لاءِ هيائون پر بندي جي من ۾ ٻي. هاڻ ڪراچي جي پريڊي ٿاڻي تي ويٺو اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن جي سوالن جوابن کي منهن ڏئي.

هاڻ هتي ڳالهه اها ڪونهي ته ڪو ٻئي همراھ وڏا ديش ڀڳت ٿي ويا آهن. اصل ۾ هاڻ ديش ڀڳت ڪنهن به عهدي تي اچي ئي ڪونه ٿا سگهن. عزت سان نوڪري ڪرڻ جا زمانا ئي ويا. سڀ ڪامورا مڙئي جهان کي هلائن پيا. کين ڪم ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، جائز ناجائز پڇڻ جو نه! هونئن ته ڪِرڻ کان پوءِ ڪهڙيون حدون ويهي جاچجن. شروعات جو ڪو انت ناهي هوندو. ماڻهو ڪري ٿو ته پوءِ ڪهڙا گپ جاچڻ ۽ ناليون ڏسڻ جا ليکا؟ ڪامورا وزيرن يا وڏي صاحب کي انڪار ڪندا ته پوسٽنگ تي ئي نه اچي سگهندا. پر ڏٺو اهو ويو آهي تهانهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي ڪنهن حد کان پوءِ هيٺ ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ کين ناڪاره ڪوٺي سائيڊ پوسٽ تي اڇلايو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام ۾ ڇُٽي ذات جي هڪ همراھ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي. ڪرپشن ته ڌوڙ وڃي پائي، هڪڙي ڪرپشن مالي نقصان ڏيندي آهي پر سر ته سلامت رهندو آهي. سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس وبا وانگر ڦهلجي وئي آهي. هر سال سوين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار ٿي مرن ٿا. ڇُٽي صاحب جي قلم سان جيڪي وئڪسين خريد ٿيون سي مدي خارج هيون. جيڪي گوريون خريد ٿيون تن ۾ دوا بجاءِ ٽالڪم پائوڊر هيو. ليبارٽريون ڪوڙيون. کانئس پوءِ سنڌ جو هڪ وڏو اديب ان عهدي تي آيو. ان به وسان ڪونه گهٽايو. پر ٻنهي آفيسرن جا فائل مجال آ جو اينٽي ڪرپشن کاتو پڙهي ۽ حرڪت ۾ اچي. ۽ ٻيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري پيچوهي گهڻا دفعا چيو آ ته پير مظهر تعليم کاتي ۾ ٽيهه هزار جعلي ڀرتيون ڪري ويو آهي. مٿس ڪو ڪيس ڇو نه ٿو ٿئي؟

جنرل ضيا کان جنرل مُشرف ۽ سندن پاران سنڌ ۾ مقرر ٿيندڙ غوثن، ڄامن، لياقتن ۽ اربابن، سنڌ سان ڪنهن به ڪانه رهائي آهي پر زرداري پارٽي جو ڪو پلاند رهيل هيو سنڌ سان جو ايڏي انتظامي بگاڙ پيدا ڪئي اٿائين جو هاڻ ته سالن تائين به ان جو تدارڪ ڪو نيڪ نيتي سان ڪرڻ به چاهي ته نه ڪري سگهندو. ادو ۽ ادي گڏجي سنڌ کي جمهوريت پسند هجڻ جي جيڪا سزا ڏيئي رهيا آهن اهڙي سزا ته جنرل ضيا جي به خواب ۽ خيال ۾ نه هئي. سنڌ تي تي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ ستل روحن جو اڃا ڪيترو قرض باقي آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو