Home / ڪرنٽ افيئر / شڪارپور رت ۾ ٻڏل!
above article banner

شڪارپور رت ۾ ٻڏل!

نثا دشتي

سال 2015 جيئن شروع ٿيوپوري ملڪ جيان سنڌ اندر به امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي دعا ڪئي وئي ۽ اها به بارگاه جي در التجا هئي ته هر وسندي، گهر، اوڙو پاڙو ڪنهن به دهشت جي لپيٽ ۾ نه اچي. 2014 جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جڏهن پشاور اسڪول جو سانحو ٿيو ته پوري ملڪ بلڪه عالمي دنيا سڪتي ۾ اچي وئي هئي ۽ اميد پئي ڪئي وئي ته ايندڙ سال عام ماڻهن لاءِ پرسڪون ثابت ٿيندو. پر هي سال پنهنجي شروعات ۾ ئي ٽانڊا کڻي آيو جيڪو هر ٻئي گهر ۾ ڪرڻ سان باهه ڏئي اندر ويران ڪري ويو. سنڌ جيڪا سک، امن، شانتي سميت سهپ ۽ رواداري واري ڌرتي طور هميشه نمايان رهي آهي جتي هر مذهب، فرقي کان اعليٰ ريت ڀائپي جي هئي.ان سنڌ ۾ پاڻي جي سوڪهڙي وانگر شايد محبت، سک، امن به سڪي ويو آهي پر اڃا به سنڌ اندر سهپ جو مادو آهي.

ڪالهه جڏهن هڪ دوست ٻڌايو ته شڪارپور اندر امام بارگاهه ۾ بم ڌماڪو ٿيو 60 کان وڌيڪ جانين جو نقصان ٿيو، تڏهن بدن منجهان سان نڪرندي محسوس ڪيم ته هي ڪهڙي دور ۾ جئون پيا ته نه مسجد محفوظ، نه اسڪول محفوظ مندر نه گرجا محفوظ؟ ڇا مذهبي جنونيت آهي يا ڪي ٻيون قوتون تن جو جواب اڄ به خود سواليه آهي. جنوري جي شروعات ۾ ئي سنڌ لاشن مٿان لاش کنيا آهن. ان لاءِ شڪارپور شهر خاص شڪار رهيو. سال جي شروعات شڪارپور لاءِ ڳري ثابت ٿي. 15 جنوري شڪاپور واسين لاءِ ڀيانڪ ثابت ٿيو. 11 جنوري تي ملير ۾ ڪوچ سڙي وڃڻ واري واقعي ۾ شڪارپور ضلعي جا 25 مسافر سڙي فوت ٿيا ۽ 19 ڏينهن بعد 61 نمازي شهيد ٿيا.

شڪارپور جيڪو ماضي ۾ پئرس چورائبو هو اتي ڪڏهن به ڪنهن طرح سان نه فرقيواريت نه مذهبي واقعا پيش آيا پر 2010 کان شروع ٿيل اهو سلسلو شڪارپور ضلعي سان گڏوگڏ اندرون سنڌ جا ٻيا ضلعا به دهشت جي لپيٽ ۾ آهن. بظاهر ايئن لڳي رهيو آهي ته سنڌ اندر شدت پسندي جو راڄ قائم ٿئي پيو. شڪارپور ۾ جنهن وقت ڌماڪو ٿيو ان وقت شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع امام بارگاهه ۽ مسجد جي ٻه ماڙ عمارت ۾ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو ۽ جمعي جي نماز جو خطبو جاري هو. پوليس مطابق هڪ شخص ٿيلهي سميت امام بارگاهه جي اندر آيو جنهن بعد ڌماڪو ٿيو، هڪ CID آفيسر مطابق واقعو آپگهاتي هيو. پر افسوس سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي زخمين کي وقت سر امداد نه ملڻ ڪري ۽ اسپتالن ۾ سهولتون موجود نه هجڻ ڪري به ڪيترائي زخمي زندگي وڃائي ويهن ٿا ۽ يقيني طور ايمبولينس جي گهٽتائي، ايمرجنسي جا ڪي به جوڳا انتظام نه هجڻ ۽ تڙپندڙ مريضن کي گڏهه گاڏن ۾ کڻي طبي امداد لاءِ واڪا ڪرڻ به سنڌ ۾ ئي ممڪن آهي. ان واقعي دوران ۽ ان کان اول اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ ايمرجنسي واقعن حڪومت لاءِ ماڻهن جو رويو نفرت آميز هيو ۽ آهي به!! اها ذميواري اسٽيٽ جي آهي ته هو هڪ عام ماڻهو جي حفاظت ڪري. قانون کان بي خبر ماڻهن کي جيڪڏهن قانون جي سيڪشن جي خبر هجي ته اهڙن واقعن جو ورجاءُ شايد نه ٿئي.

jan 22

ڳچ عرصي کان شڪارپور اندر وڌندڙ اهڙن واقعن تي ڪنهن خاص قسم جو رد عمل نه ڏيکاريو ويو آهي، تنهنڪري فلاحي ڪمن لاءِ پئرس طور مشهور شڪارپور ۾ اڄ گهر گهر گهٽي گهٽي سوڳ ۾ ورتل آهي! اهي سڀ بيگناهه ماڻهو جيڪي خدا در پنهنجن زندگين لاءِ دعا گهرڻ لاءِ آتا هئا سي اڄ مڻين مٽين حوالي ٿي ويا. اڄ سنڌي قوم آڏو اهو سوال آهي ته ڇا اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن خلاف صرف ٽي ڏينهن جو سوڳ ٿيندو يا ڪو لائحه عمل به طئي ٿيندو يا صرف سرڪار پاران جوڙيل ڪاميٽين جو انتظار رهندو؟ ڪٿي اسان اوهانجي وچ ۾ رهندڙ ئي ته اسان جا دشمن ته نه آهن؟ جو ايتري دل آزاريندڙ سانحي ۾ سموري سنڌ جو زخمي وجود نظر پيو اچي؟ ڇا هينئر وقت جو سنڌ پنهنجي سيني اندر اهڙين ڌارين يلغار ۽ گهر گهر لاش کڻندڙ دانهون ڪوڪون ڪندڙ امڙين ڀينرن جي ڀائرن جي قاتلن کي جاءِ ڏي؟ هاڻ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو هو ان عنصر کي جيڪو سڪون ڦٽائڻ ۽ ڌارين واري اک کڻي اسان کي شهرن گهٽين ۾ داخل ٿئي تن کي وائکو ڪري حد کان الڳ ڪرڻو آهي.

بهرحال هن واقعي کانپوءِ هڪ شيءِ واضح آهي ته سنڌ اندر سيڪيورٽي جي انتظامن جي حالت خراب آهي. اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس به سڪتي ۾ آهي ۽ هينئر سنڌ پوليس کي به وڏي پيماني تي تربيت ۽ ڪارآمد وسيلن ۽ ذميواري جي اشد ضرورت آهي. ان کان سواءِ صحت جي بگڙيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ضلعي اندر ڪراچي جهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن. ۽ هر سينٽر تي رت جي بوتلن جو هر وقت انتظام هجي. هڪ طرف انساني جانين کي گڏه گاڏن ۾ کڻڻ ۽ رت جي کوٽ به حڪمرانن لاءِ سواليه نشان آهن. پر هاڻي اهي سواليه نشان ختم ٿيڻ گهرجن! هي ضلعا جن ۾ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن تن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي! هينئر ڳالهيون، دلاسا نه عمل گهرجي ڇو ته عوام جي قيمتي حياتين جي ذميواري اسٽيٽ جي آهي!

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو