Home / ڪرنٽ افيئر / شڪارپور سانحو: سنڌ ۾ نئين کيڏاڙ جي شروعات!
above article banner

شڪارپور سانحو: سنڌ ۾ نئين کيڏاڙ جي شروعات!

نسيم بخاري

شڪارپو شهر جي لکي در واري علائقي ۾ موجود امام بارگاهه ڪربلا معلا ۾ جنهن وقت بم ڌماڪي کانپوءِ دونهون ۽ بدبو پکڙيل هئي، جڏهن انساني عضوا مسجد جي اڱڻَ ۾ وکريا پيا هئا. بچي ويل زخمي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا هئا ۽ هزارين شهري پنهنجي پيارن جي وڇڙڻ تي شامِ غريبان جهڙي ڪيفيت ۾ هئا. ٺيڪ ان وقت، وقت جو وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي جي واپارين پاران ماني جي دعوت کانپوءِ، سٺي کاڌي نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيو هو ۽ ٽهڪڙا ڏئي قائم علي شاهه جي پٺي ٺپيندي، سنڌ ۾ وڏ وزارت دوران سندس ڪارڪردگي تي شاباس ڏئي رهيو هو. شڪارپور واقعي جي ذميواري ويڙهاڪ گروپ جند الله قبول ڪئي آهي. جنهن جي ترجمان فخر سان اعتراف ڪيو آهي ته هنن شيعا مڪتب جي ماڻهن جي مسجد کي نشانو بڻايو. احمد مروت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هنن اها ڪارروائي ان ڪري ڪئي جو شيعا سندس دشمن آهن.

ويڙهاڪ تنطيم جند الله، گذريل سال داعش جي حمايت ڪري چڪي آهي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي ساٿاري آهي. ڪوئيٽا ۾ هزارا ڪميونٽي سان تعلق کندر سوين، هزارين ماڻهن کي مارڻ جو پڻ اُها ذميواري قبول ڪندي آئي آهي. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن کي خوفناڪ طريقي سان دهشت جو کاڄُ بڻائيندڙ واقعي کانپوءِ، پوري پاڪستان ۾ سنگين قسم جي جيڪڏهن ڪا واردات سامهون آئي آهي ته اها شڪارپور واقعو ئي آهي. پر سوال اهو آهي ته پشاور کانپوءِ سنڌ ۾ پيش آيل ڀيانڪ واقعي جي به ڪا ان سطح تي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي؟ جهڙي ريت پشاور سانحي کانپوءِ هر سطح تي سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

jan-31-2015

شڪارپور واقعو، شڪارپور جي تاريخ جو ئي نه پر ڪراچي کانپوءِ سموري سنڌ جو اهو پهريون خوفناڪ، المناڪ ۽ خطرناڪ واقعو آهي، جيڪو کوڙ سارين انساني جانين جي اجل جو اهڃاڻ ثابت ٿيو آهي. پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي شديد واقعي کانپوءِ جيڪڏهن (سي ون ٿرٽي) جهاز جي زخمين کي ڪراچي کڻائي وڃڻ وارو جوڳو بندوبست ڪيو به ويو ته تڏهن، جڏهن 25 کان 30 زخمي شڪارپور، 7 زخمي سکر ۽ 5 زخمي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

واقعي کانپوءِ شهرين زخمين ۽ فوتين کي موٽر سائيڪلن، رڪشائن، چنگچين ۽ گڏهه گاڏين تي کڻي اسپتال پهچايو. سَون جي تعداد ۾ ماڻهو رت جي عطيي جي لاءِ پهتا، پر اُهي سڀ جو سڀ ماڻهو ڏاڍا پريشان ۽ غمگين هئا. ڇو ته اسپتال ۾ ايڏي وڏي الميي کي منهن ڏيڻ لاءِ نه ڪي ڊاڪٽر هئا نه ٽيڪنيشن نه وري دوائون موجود هيون. شڪارپور جي شاعر ۽ سخي مرد “اوڌو داس” پاران جوڙايل ان تاريخي اسپتال ۾ عام طور تي به جيڪڏهن ڪو مريض ويندو آهي، ته ان کي سکر يا لاڙڪاڻي مان علاج ڪرائڻ لاءِ ڏس ڏنو ويندو آهي. شهر جي هن مک سول اسپتال ۾ لاڳاپيل شعبن جا ماهر ڊاڪٽر ئي ناهن. شڪارپور جا ڪيڏا وڏا سياستدانن آهن پر انهن ڪڏهن ان معاملي کي غور هيٺ نه آندو آهي ته عوام جي سک ۽ صحت لاءِ ڪو ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو ڪجي ۽ انهن سياستدانن جي منظور نظر ماڻهن جائي ڪرتب آهن جو سول اسپتال ۾ دوائن جي خريداري جي آڙ ۾ ڪروڙين روپين جا فنڊ اسڪينڊلز جي صورت ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. ان حوالي سان ويجهڙ ۾ وڏي پئماني تي جاچ پڙتال جو هڪ سلسلو به سامهون آيو، جنهن جي تسلسل ۽ پڄاڻي جو اڄ تائين ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي. جيڪو ثابت ڪري ٿو ته چونڊيل نمائندا، پنهنجي ماڻهن کي بچائڻ ۽ انهن کان وڌيڪ ڪُڌا ڪَمَ وٺڻ وارو ڪيترو هُنر رکن ٿا.

عالمي دهشتگردي واري جنگ ۾ شڪارپور اڄ جيڪو پنهنجو رت ڏنو آهي، ان واقعي کانپوءِ وزير اعظم کي ٿڏي تي شڪارپور پهچڻ کپي ها. ڪراچيءَ کان شڪارپور اڌ ڪلاڪ جو هوائي سفر آهي پر نه رڳو هو نه آيو پر ان جي ڪنهن نمائندي به اچڻ مناسب نه سمجهيو. ڪراچيءَ جي هڪ لساني تنظيم جي ٻن ٽن ڪارڪنن جي مارجڻ کانپوءِ، ان جي دڙڪي تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار ايتري هيڻي ٿي دٻجي وڃي ٿي جو وزير اعظم ڪراچي پهچي ٽنهي مک جماعتن کي هڪ ميز تي ويهاري هڪٻئي جي مدد ڪرڻ تي راضي ڪري ٿو. پر ڇا شڪارپور ۾ اهڙي “بيٺڪ” لڳائڻ جي ضرورت نه آهي. اهو ڪم وزير اعظم کان نه پڳو پر وزير اعلي به اهڙو ويچار دل ۾ نه آندو، اهو ڪم ته هتان جي لوڪل انتظاميا به ڪري سگهي ٿي، ته سڀني چونڊيل نمائندن سياسي پارٽين، عالمن توڙي مذهبي تنظيمن کي هڪ هنڌ ويهاري هنن کان شهر جي امن امان يقيني بنائڻ لاءِ ڪن نقطن تي خاطري ۽ ضمانت وٺي سگهي.

شهر جي سمورين عبادتگاهن جي هر چر پر کي اک رکي سگهجي ٿي. هتي ٿيندڙ سرگرمين ۽ تقريرن جي حوالي سان ڪيترائي طئي ٿيل نُڪتا عمل هيٺ آڻي سگهجن ٿا. اهو به ڏسڻ ۽ جاچڻ جي ضرورت آهي ته شڪارپور جي چئني ڪنڊن کان جيڪي وڏا وڏا مدرسا جوڙيل آهن، يا جڙي رهيا آهن، انهن ۾ سرمائيڪاري ڪنهن جي آهي ۽ وڏي انگ ۾ ڪهڙين ذاتين يا علائقن سان تعلق رکندڙ ٻار پڙهن ٿا. انهن جي نصاب کي نظر ۾ رکڻ جي پڻ ضرورت آهي.

جڏهن ته ڪنهن به امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ اهو پڻ ضروري آهي ته واردات ڪندڙ يا اهڙو ارادو رکندڙ ماڻهن جا مددگار، همدرد ۽ مٽ مائٽ پڻ نگاهه هيٺ هئڻ کپن. شڪارپور جي دوري دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هر شهيد لاءِ 20، 20 لک معاوضي ڏيڻ واري اعلان وقت اهو جملو پڻ چيو ته حملو ڪندڙ جا لڳ لاڳاپا جاچيا ويندا ۽ ان جي ساٿين کي به ڪاٺ ۾ وڌو ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڇا سچ پچ به اهڙي حڪمت عملي حقيقت جو روپ ڌاريندي، اهو ئي اهو نقطو آهي، جيڪو انتظاميا سدائين نظرانداز ڪندي آئي آهي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن واقعي به گهربل ڪردار ادا ٿيندو اچي ته اڄ شايد صورتحال ئي ڪا ٻي هجي ها. ايئن نه ٿيو آهي تڏهن ئي صوفي روح رکندڙ سنڌ کي اڄ تباهي ۽ بربادي وارا منظر ڏسڻا پئجي رهيا آهن.

هتي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته امام بارگاهه ۾ ٿيل دهشتگردي جي نوعيت جنهن عالمي سطح جي آهي، ان ئي طور طريقي سان ان مان جان ڇڏائڻ جي ضرورت آهي. هي واقعو عام بدامني ناهي، هي واقعو رڳو صوبي لاءِ نه پر وفاق لاءِ به للڪار آهي. جنهن کان وفاق شرمناڪ حد تائين لنوايو آهي. گڏوگڏ آمريڪا، برطانيا فرانس ۽ ٻين جن به ملڪن ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي، تن کي پڻ سيڪيولر سنڌ جي صوفي روح لاءِ اثرائتي ڪردار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته عالمي دهشتگردي جي جن کي بوتل ۾ ايئن ئي بند ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان سطح جون اثرائتيون سرگرميون عمل ۾ اينديون.

انهن ماڻهن جا جيڪي لڳ لاڳاپا ۽ واسطا آهن يا هو جن ادارن ۽ فورمن سان لاپاڳيل آهن. سي هن شهر جي تقدير بدلائي سگهڻ واري سگهه رکن ٿا. پر سوال اهو آهي ته هن ڏس ۾ عملي ۽ اثرائتا ڪهڙا اپاءُ ڏسڻ ۾ آيا آهن. هتي اها ڳالهه به غور طلب آهي ته شڪارپور شهر جي اهم چوڪن تي وڏن خانن، ڀوتارن، سردارن ۽ سياستدانن جا جيڪي تصويرن جا پينافليڪس ڏسجن ٿا يا شهر جي اهم عمارتن تي سندن حق ۾ جيترا وڏا نعرا لکيل ۽ چاڪنگ ٿيل آهي، اوترائي پئسا جيڪڏهن ان غير ضروري ڏيکاءُ بدران هتي، بلڊ بئنڪن، يا ايمبولينسن جي حوالي ڪتب آندا وڃن ها ته شايد اڌ رستي ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ زخمي فوت نه ٿين ها، ايترن ماڻهن جو ايڏو وڏو موت گهڻي رت ضايع ٿيڻ ۽ وقت سر اسپتال نه پهچڻ جي ڪري نه ٿئي ها ۽ نه وري عام ماڻهو چونڊيل نمائندن تي وڏي پئماني تي ڪاوڙيل ڏٺو وڃي ها.

چوڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڀوتارن جا اُٺَ جيڏا ڦوٽو سندن همدرن ۽ پرستارن هنيا آهن، پر ايترو عقل ته ڀوتارن کي به آهي جو هو کين اهڙي فضول خرچي کان روڪين ها. پر جن کي شوبازي جي فوبيا آهي، اُهي ته مُڇ کي وٽُ ڏئي وَلَهُورُ ٿيڻ ڄاڻين سي خلق جي ڀلي لاءِ ۽ چڱائي جو درس ڪيئن ڏيندا، ڇو ته اها ڳالهه هنن جي مفادن لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ پنهنجي گرهه تي لت ڪير ڏيندو؟

naseembukari44@gmai.coma

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو