Home / افيئر / شگر ملز مافيا 6 ارب روپيا ڳڙڪائي وئي!
above article banner

شگر ملز مافيا 6 ارب روپيا ڳڙڪائي وئي!

عاجز جمالي

سنڌ ۾ جڏهن به ڪمند جي پيڙائي جي موسم ايندي آهي ڪمند جي اگهه بابت ڪو بحران ڪر کڻندو آهي. ان جو نقصان ٿلهي ليکي سنڌ جي زميندار، آبادگار يا هاريءَ کي ٿيندو آهي. نتيجي ۾ کنڊ جي قيمت وڌندي آهي، جنهن جو بار سڄي ملڪ جي عوام تي پوندو آهي. مُلڪ ۾ ڪُل 85 کن شگر ملز آهن، جن مان 33 شگر ملون سنڌ ۾ آهن. 7 خيبر پختون خواهه ۾، زرعي زمين ۽ سنڌ کان ٽيڻ تي وڌيڪ زمين رکندڙ پنجاب ۾ 45 شگر ملون آهن.

پاڪستان ۾ شگر مل مالڪن جي تنظيم “پاسما” جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ هر سال ڪمند جي پوکائي ۽ کنڊ جي پيداوار ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ۽ پاسما پنهنجي رپورٽ ۾ خود لکيو آهي ته گذريل سال جي سيزن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختون خواه ۾ ڪمند جو اگهه170 روپيا في مڻ ۽ سنڌ ۾ 172 روپيا في مڻ اگهه ڏنو ويو. ان حساب کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار نئين سيزن 15-2014 ۾ ڪمند جو اگهه 182 روپيا في مڻ مقرر ڪيو. ملڪ ۾ هلندڙ سال ڪمند جي پوک ۾ هڪ لک هيڪٽرز جو واڌارو ٿيو آهي. گذريل سال جي رپورٽ موجب 11 لک هيڪٽرز کان وڌيڪ زمين تي ڪمند جي پوکائي ٿي، جنهن مان 6 ڪروڙ 37 لک ٽن کنڊ جي پيداوار ٿي.

سنڌ ۾ ڪجهه اهڙيون شگر ملون به آهن جن جون هيڊآفيسون لاهور ۾ آهن. انهن شگر ملز جا مالڪ سنڌي آهن پر سندن پارٽنرز پنجاب جا آهن. مثال طور گهوٽڪي شگر ملز ۽ ڳاڙهي ۾ عبدالله شاهه غازي شگر ملز آهي. ملڪ ۾ شگر ڪين ايڪٽ تحت ڪمند ۽ کنڊ جا اگهه مقرر ٿيندا آهن. 1934ع ۾ منظور ٿيل شگر ڪين ايڪٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا ترميمون ٿي چڪيون آهن. نئين قانون موجب ڪمند جي پيڙائي وچ نومبر ڌاري شروع ڪئي ويندي آهي. ان کان اڳ سنڌ جو “ڪين ڪمشنر” ڪمند جي اگهه لاءِ سنڌ سرڪار کي لکندو آهي ۽ سنڌ سرڪار اگهه بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي آهي. هن ڀيري هڪ ته سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ دير ڪئي- نومبر بدران ڊسمبر ۾ سرڪار 182 روپيا في مڻ جو اگهه مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. پر شگر ملز مالڪن صرف سنڌ ۾ ئي نئين اگهه تي اعتراض ڪيو. سنڌ ۾ 33 شگر ملن مان ڏهه ٻارهن شگر ملون ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ ڪمند جي پيڙائي ڪرڻ ۽ 182 روپيا اگهه ڏيڻ لاءِ تيار هيون پر سنڌ سرڪار ۾ شامل شگر مل مالڪن ان تي اعتراض ڪيو.

jan 23

سنڌ ۾ هڪ اندازي موجب 20 کن شگر ملون حڪمران پارٽيءَ جي وزيرن، اڳواڻن ۽ اهم ماڻهن جون آهن. شگر ملز مالڪن ۾ زرداري، ٽالپر، ڀٽو، مرزا، بچاڻي، مهر ۽ 10 کن شگر ملز ۾ سرڪاري بااثر ماڻهو حصيدار آهن. جن جي هوڏ سبب سرڪار پنهنجي نوٽيفڪيش تي عمل نه ڪرائي سگهي ۽ شگر مل مالڪ جي تنظيم “پاسما” پنهنجي هوڏ تي قائم رهي. سنڌ ۾ شگر مل مالڪن جي تنطيم “پاسما” جا اهم عهديدار پڻ سرڪاري پارٽيءَ جي اهم ماڻهن جا “پارٽنرز” آهن. ان ڪري اُهي سنڌ جي ڪين ڪمشنر کي کنگهن ئي ڪونه ٿا. شگر ملڪ مالڪن جو موقف رهيو هو ته هو گذريل سال کان گهٽ اگهه ڏيندا، جنهن سبب زميندارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو هئو. هر شگر مل کي لگ ڀڳ 50 لک ٽن ڪمند گهرجي ها. پر سرڪار خاص ڪري زراعت جو وزير سردار علي نواز خان مهر زميندارن کي دلاسا ڏيندو رهيو ته گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. سرڪار شگر مل مالڪن کي راضي ڪري وٺندي. سردار علي نواز خان مهر پاڻ به شگر مل جو مالڪ آهي.

وقت جو فاعدو وٺندي شگر مل مالڪن جي تنظيم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلي وئي ۽ هاءِ ڪورٽ 15 ڏهاڙن جو مدو ڏنو. پر سيٺ قطعي طور 182 روپيا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن سبب جنوري ۾ به ڪمند جي پيڙائي اڪثر شگر ملز ۾ شروع نه ٿي سگهي، جنهن سبب زميندارن کي هڪ طرف زمين خالي نه ملي جنهن ۾ ٻي پوک ٿيندي آهي ته ٻئي طرف ڪمند جي “ڳني” جو وزن گهٽ ٿيڻ لڳو. سنڌ سرڪار جي ڪمزوريءَ سبب جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر آواز آٿاريو ته سرڪار کين ڳالهائڻ نه ڏنو، جنهن سبب مخالف ڌر جي پارٽين زميندارن، آبادگارن سان گڏجي حيدرآباد جي باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو. هن ڌرڻي ۾ قوم پرست پارٽين به حصو ورتو. ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ان سان گڏ ڪمند جي آبادگارن جي حق ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيڻ لڳو. اهڙي احتجاج سبب سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ان تي هڪٻئي سان جهڳڙو به ڪرڻو پيو. ڪمند جي آبادگارن جي مسئلي تي بلاول هائوس کي به متحرڪ ٿيڻو پيو. آصف علي زرداري، قائم علي شاهه کي سڏائي پڇيو ته آخر مسئلو ڇو ٿيو؟ خبر ناهي ته قائم علي شاهه ڇا چيو هوندو پر ڪمند جي آبادگارن جو مسئلو سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ “منهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو” جي مثال وانگر ثابت ٿيو.

ايڏين ڪوششن باوجود سنڌ ۾ اڃا تائين سموريون شگر ملون ڪرشنگ يعني پيڙائي نه پيون ڪن. هاڻي وري نئون تماشو اهو ٿيو آهي ته ٽرڪن وسيلي جيترو ڪمند شگر مل پهچي ٿو، ان جي وزن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته شگر ملز مافيا پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ان سپريم ڪورٽ جو به سهارو ورتو پر سپريم ڪورٽ به سنڌ هاءِ ڪورٽ واري فيصلي کي اهميت ڏني. هاءِ ڪورٽ اڳي ئي زميندارن کي 182 روپيا في مڻ اگهه ڏيڻ جو حُڪم ڏنو هو. ڇا اهو ممڪن آهي ته 33 شگر مل مالڪ سنڌ سرڪار، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کان به ڏاڍا هُجن جو اهي سڄي سنڌ کي يرغمال بڻائي ويهن پر اصل ۾ سنڌ سرڪار جي ڪمزوري کي سيٺين کي رعايت ڏيڻ سبب هي صورتحال پيدا ٿي. پر هن جو ٻيو پهلو اهو آهي جو خود زميندارن ۽ آبادگارن جو وڏو حصو سنڌ سرڪار ۾ شامل آهي، جنهن سبب آبادگار ڪمند نه پوکڻ واري سوال تي ورهايل آهن. جيڪڏهن ايندڙ سال سنڌ ۾ ڪمند جي پوکائي نه ٿيندي ته شگر ملز مالڪ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيندا. سنڌ ۾ هڪ طرف ته احتجاج ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف سياست به ٿي رهي آهي. آبادگارن جي تنظيمن جون چوڻ آهي ته هلندڙ سيزن ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پيو آهي. هڪ مهينو ڪمند دير سان کڄڻ سبب هڪ طرف ڪمند تباهه ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف ان جو وزن گهٽجي ويو آهي.

سنڌ آبادگار بورڊ جي عبدالمجيد نظاماڻي جو خيال آهي ته صرف ڪمند جي سلسلي ۾ ئي آبادگارن کي پنج کان ڇهه ارب روپين جو خسارو هينئر تائين ٿي چڪو آهي. ٿلهي ليکي هلندڙ سال سنڌ جي زراعت کي ڪروڙين روپين جو خسارو ٿيو آهي، جنهن جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي. سنڌ ۾ شگر ملز مافيا سياست ۽ سرڪار جي ڇٽيءَ هيٺ مضبوط ۽ منظم آهي جن جو انگ ته بلڪل ٿورو آهي پر لکين زميندار ۽ آبادگار غير منظم آهن. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ زرعي جنسن جي اگهن جي مقرريءَ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪنهن به قسم جو “ميڪينزم” موجود ناهي. زراعت کاتو اگهه مقرر ڪرڻ وقت هميشه ناڪام رهندو آهي، جنهن سبب زرعي جنس جا اگهه مقرر ڪرڻ وقت سنڌ ۾ احتجاج ٿيندو آهي. نتيجي طور وڏي وزير کي مداخلت ڪري اگهه مقرر ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي پريڪٽسس سبب آبادگارن کي هميشه نقصان ٿيندو آهي.

سنڌ آبادگار بورڊ جو صدر عبدالمجيد نظاماڻي چوي ٿو

25 روپيا في مڻ تي گهٽ اگهه ملي پيو- ملز کي سرڪار جي هُشي آهي

سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن سان ٿيل ناانصافين بابت سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي ٻڌايو آهي ته اتر سنڌ جون 4 شگر ملون صرف ڪمند کڻي رهيون آهن. باقي 26 شگر ملڪ مالڪ ڏاڍ مڙسي ڪيو ويٺا آهن. “افيئر” سان ڳالهائيندي عبدالمجيد نظاماڻي جو چوڻ هو ته هن سال ڪمند جي آبادگارن کي اربين جو نقصان ٿيندو، هن وقت تائين جيترو ڪمند کنيو ويو آهي يا جيترو پيو آهي ان ۾ 5 کان 6 ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ جون ٽي قديمي شگر ملون حڪمران ڌر ڏنڊي جي زور تي بند ڪرايون آهن جن ۾ 1947کان قائم سيري شگر مل، ٽنڊو محمد خان شگر مل ۽ ميرپورخاص شگر مل شامل آهن. باقي 29 شگر ملز مان 16 کن ته سرڪار جي ماڻهن جون آهن. عبدالمجيد نظاماڻي جو چوڻ آهي ته في مڻ 25 روپيا اگهه گهٽ ملي رهيو آهي. 182 روپين واري نوٽيفڪيشن تي عمل ڪو نه پيو ٿئي. هينئر تائين شگر ملز 16 ڪروڙ مڻ ڪمند کنيو آهي 40 ڪروڙ مڻ ڪمند آهي. هينئر تائين پنج ڇهه ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. اندازو ڪريو جڏهن سڄو ڪمند کڄندو ته ڪيڏو نقصان ٿي چڪو هوندو. جڏهن بگهڙ ڪئي حملا ڪندا آهن ته ڪو مقامي ڪُتو انهن جي اڳواڻي ڪندو آهي انهن کي گهٽ گهيڙ ڏيکاريندو آهي. هن وقت اسان ڪمند جي آبادگارن جو اهوئي حال آهي. اسان بيوسي جي عالم ۾ ويٺا آهيون. سرڪارجي ڪن تي جونءِ به ڪا نه ٿي چُري. هن ٻڌايو ته احتجاج به ڪيا، عدالت به فيصلو ڏنو، اسيمبليءَ ۾ به ڳالهه ٿي پوءِ آخر ڪهڙي طاقت آهي، جنهن جي هُشيءَ تي شگر مل وارا ڏاڍ مڙس بڻجي ويٺل آهن. دينا دستي واري صورتحال آهي رياست جڏهن خود ظلم جو حصو بڻجي وڃي ته پوءِ آخر ڇا ڪجي؟

سنڌ جون 33 شگر ملون

1-العباد شگر ملز (ميرپورخاص)

2-عبدالله شاهه غازي شگر ملز (ٺٽو)

3-النور شگر ملز (نواب شاهه)

4-انصاري شگر ملز (ٽنڊو محمد خان)

5-آرمي ويلفيئر شگر ملز (بدين)

6-باواني شگر ملز (بدين)

7-ديوان شگر ملز (بدين)

8-ڊگهڙي شگر ملز (ميرپورخاص)

9-فاران شگر ملز (حيدرآباد)

10-جي ڊي ڊبليو شگر ملز (گهوٽڪي)

11-حبيب شگر ملز (نواب شاهه)

12-خيرپور شگر ملز (خيرپور)

13-لاڙ شگر ملز (بدين)

14-مٽياري شگر ملز (مٽياري)

15-مهراڻ شگر ملز (حيدرآباد)

16-ميرپورخاص شگر ملز (ميرپورخاص)

17-مرزا شگر ملز (بدين)

18-نجما شگر ملز (ميرپورخاص)

19-نئون ديرو شگر ملز (لاڙڪاڻو)

20-پنگريو شگر ملز (بدين)

21-راڻي پور شگر ملز (خيرپور)

22-سڪرنڊ شگر ملز (نواب شاهه)

23-سانگهڙ شگر ملز (سانگهڙ)

24-نيو دادو شگر ملز (دادو)

25-سيري شگر ملز (حيدرآباد) (بند آهي)

26-شاهمراد شگر ملز (ٺٽو)

27-سنڌ آبادگار شگر ملز (حيدرآباد)

28-ٽنڊو الهيار شگر ملز (سنجر چانگ)

29-ٽنڊو محمد خان شگر ملز (ٽنڊو محمد خان) (بند آهي)

30-سردار غلام محمد شگر ملز (گهوٽڪي)

31-ٿرپارڪر شگر ملز (ميرپورخاص)

32-ڪِرن شگر ملز (سکر)

33-بچاڻي شگر ملز (ٽنڊو الهيار)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو