Home / ڪرنٽ افيئر / صولت مرزا جي ڦاهي ڪيئن رڪجي وئي؟
above article banner

صولت مرزا جي ڦاهي ڪيئن رڪجي وئي؟

اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سڀ کان پهريون اختلاف ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ ڦاسيءَ جو اوسيئڙو ڪندڙ قيدي “صولت مرزا” جي مسئلي تان ان وقت ٿيو هو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا طرفان سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد صولت مرزا کان وي آءِ پي سهولتون واپس ورتيون ويون. وي آءِ پي سهولتن ۾ خاص ڪري “ليپ ٽاپ” انٽرنيٽ، موبائيل فون، ڪئميرا وغيره جي سهولت پڻ مليل هئي ۽ گهرو وزير جيڪو خود جيلن جي کاتي جو پڻ وزير هو کيس انٽيليجنس رپورٽ ملي هئي ته صولت مرزا جي هدايتن تحت ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿين ٿا ۽ جيلن مان مختلف ڪيسن بابت “ڊيل” ٿئي ٿي. صولت مرزا سهولتون گهٽ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا تي ناراض ٿي. اتان دونهي دُکڻ لڳي، جيڪا اڳتي هلي شديد اختلافن ۾ تبديل ٿي. ذوالفقار مرزا سڀ عهدا ڇڏي صرف هڪ دفعو سرڪار کان الڳ ٿيو پر ايم ڪيو ايم ان کانپوءِ ڪيئي ڀيرا سرڪار ۾ آئي، وري اها وئي. اڄڪلهه هو ٻيهر سرڪار کان ٻاهر آهي ۽ سنڌ سرڪار تي سندس زبردست دٻاءُ آهي.

صولت مرزا تي ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ثابت ٿيو. شاهد حامد کي شهيد بينظير ڀٽو جي آخري سرڪار دوران ڪراچي ۾ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان ٻه مهينا اڳ اپريل 1997ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سندس ڊرائيور اشرف بروهي ۽ گارڊ خان اڪبر سان گڏ قتل ڪيو ويو هو. ڪي اي ايس سي جي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل کان صرف هڪ ڏينهن اڳ اردوءَ جي سڀ کان وڏي اخبار سندس خلاف ڪرپشن جي وڏي خبر شايع ڪئي هئي. جنهن سبب شاهد حامد جي قتل کانپوءِ سندس گهر واري شهناز حامد (جيڪا بعد ۾ سنڌ سرڪار ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهي هئي، هاڻي رٽائرڊ ٿي وئي) اخبار وارن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سخت چڙيل هئي. هن پهرين ڏينهن تي چيو ته هو ته سندس مڙس کي ايم ڪيو ايم طرفان مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون هيون. هن قتل جي ٽئين ڏينهن مان ۽ صحافي دوست منظور شيخ شهناز حامد سان تعزيت ڪرڻ جي بهاني ملاقات ڪئي هئي. هڪ مختصر انٽرويو ٿيو هو جنهن ۾ پڻ هن خاتون صولت مرزا جو نالو ورتو ۽ چيو ته هو صولت مرزا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي. (ان وقت سندس نوجوان پُٽ عمر شاهد پڻ موجود هو جيڪو بعد ۾ پوليس ۾ ايس پي بڻيو. هن وقت ايس ايس پي جي رينڪ جو آهي. لياري ٽاسڪ فورس جو انچارج هو. چوڌري اسلم جي اڳواڻي ۾ لياري ٽاسڪ فورس هڪ پورهيت رسول بخش بروهي کي ڪوڙي مقابلي ۾ ڪيس ثابت ٿيڻ تي تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سندن گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا هئا چوڌري اسلم گرفتار به ٿيو هو پر عمر شاهد پرڏيهه فرار ٿي ويو هو).

بيگم شهناز شاهد حامد بهادر عورت هئي. ان واقعي بعد ايم ڪيو ايم جو نالو وٺي ايف آءِ آر داخل ڪرائي. ان ايف آءِ آر ۾ ئي صولت مرزا گرفتار ٿيو ۽ ميان نواز شريف سرڪار جي آخري ڏهاڙن ۾ مئي 1999ع تي دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالت صولت مرزا کي ڦاهيءَ جي سزا ڏني. صولت مرزا اڄڪلهه مچ بلوچستان جي جيل ۾آهي، تازو دهشتگردن کي ملندڙ ڦاسين دوران سندس “ڊيٿ وارنٽ” (موت جو پروانو) تي به صحيح ٿي وئي ۽ ڪراچي جيل ۾ کيس ڦاسي ڏيڻ جون تياريون ٿيون. قيدي کي مچ جيل کان ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻو هو. پر تازو جنوري جي پهرين هفتي ۾ وفاقي سرڪار طرفان سنڌ جي گهرو کاتي کي لکيل هڪ خط ذريعي صولت مرزا جي ڦاسي روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي. وفاقي سرڪار جي 4 جنوري جي حڪم مطابق ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي ڦاسي ملتوي ڪئي وئي.

صولت مرزا پاران ٻيهر اپيل پڻ داخل ڪئي وئي آهي. اطلاع آهن ته ايم ڪيو ايم جي وفد جي وزير اعظم نواز شريف ۽ ملڪ جي اهم سگهارين ڌرين سان رابطن کانپوءِ صولت مرزا جي ڦاهيءَ تي عمل روڪيو ويو آهي. صولت مرزا جي ڦاهي تي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ وري ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي. ڪراچي ۾ سوڳ جا ڏهاڙا، هڙتالون ۽ مختلف مامرن تي سرڪار کي سوڙهو ڪرڻ جي مامرن جون ڪڙيون اصل ۾ صولت مرزاجي ڦاهيءَ سان ملن ٿيون. جيتوڻيڪ صولت مرزا جي ڦاسيءَ جي سزا ختم ڪرڻ سنڌ سرڪار جي وس ۾ ناهي پر ڦاسي نه ملڻ سبب صولت مرزا کي عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ملي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن يا دهشتگردي جي واقعن ۾ ڦاهيءَ جي سزا کاڌل مجرمن کي ڦاهيون ملي رهيون آهن پر سڄي وايو منڊل ۾ صولت مرزا جي ڦاهي سياسي رنگ ۾ بدلجي رهي آهي.

jan-16

وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سان ايم ڪيو ايم هن ڪيس کي آڏو ڪري سياست ڪري رهي آهي. سنڌ سرڪار کي سمجهه ۾ نٿڳ اچي ته اها ايم ڪيو ايم سان ڪهڙي سياست ڪري. سڌ سماءَ جو وزير شرجيل ميمڻ مسلسل ايم ڪيو ايم کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته  ڪراچي جي شهري ادارن ۾ هزارين گوسڙو ملازم آهن جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جا ڪيترائي ملازم دهشتگرد آهن. ڪراچيءَ جا شهري ادارا يعني ڪراچي واٽر بورڊ، ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) وغيره سڌي ريت شرجيل ميمڻ جي ڪنٽرول ۾ آهن. سنڌ سرڪار عدالت ۾ اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ ۾ گوسڙو ملازم ڪمن آڏو سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. ٽمبر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه واري ڪيس ۾ سرڪار اهو موقف اختيار ڪيو . ڇو ته ٽمبر مارڪيٽ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کي سوڙهو ڪيو، احتجاج ڪيو. پر ان ساڳي ڪراچيءَ ۾ گلشن حديد سپر هاءِ وي تي ويندڙ لنڪ روڊ تي ٿيل حادثي ۾ سڙي ويل 65 سنڌين بابت ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار کان ڪو به پڇاڻو نه ڪيو. ظاهر آهي ته اُهي سڀ سنڌي گهڻو ڪري پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر هوندا. سندن تعلق شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سکر، پنو عاقل، جي علائقن سان هو. جن جا وارث هاڻي ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ ملڻ لاءِ ڀٽڪي رهيا آهن. پر اهو ڪراچيءَ جو اشو ناهي. ايم ڪيو ايم ڀلا ڇو ان ۾ پوي.

شاهه فيصل ڪالوني ڪراچيءَ ۾ هڪ سرڪاري اسڪول جي عمارت تي قبضو ٿيڻ لڳي ٿو ته سنڌ جو گورنر پهچي وڃي ٿو پر سڄي سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند پيا آهن. هزارين استاد گوسڙو آهن. سوين اسڪولن جي عمارتن تي قبضو ٿي چڪو آهي پر ڪڏهن به ياد ناهي ته سنڌ جو وڏو وزير اهڙي ڪنهن هنڌ پهتو هجي. سڀ مسئلا سياسي تناظر ۾ ڏٺا پيا وڃن. ايئن ئي دهشتگردن کي ملندڙ ڦاهين جو به آهستي آهستي سياسي منظر بڻجي رهيو آهي. ايئن نه هجي ها ته صولت مرزا کي به ڦاهي اچي چڪي ها. جيتوڻيڪ  عدالت صولت مرزا کي ڪراچي آڻڻ واري پٽيشن اڳي رد ڪري چڪي آهي، جڏهن ته گذريل سال صولت مرزا جي ڀاءُ مچ جيل روانگي کي چئلينج ڪيو هئو پر اندروني طور تي ايم ڪيو ايم جو هينئر به سنڌ سرڪار تي دٻاءُ آهي ته صولت مرزا سميت ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ جن قيدين کي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻين جيلن ڏانهن موڪليو ويو انهن کي واپس ڪراچي جي جيلن ۾ آندو وڃي.

aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو