Home / ڪئپيٽل افيئر / ظالمان سان گفتگو
above article banner

ظالمان سان گفتگو

Sanaullah Atiq Chinjniدهشتگردو! اوهان وٽ انسانيت کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟. اوهين جيڪي مدتن کان پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ جي سياسي ۽ معاشي ڍانچي کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهيو. اوهان وٽ اسلام کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟. اوهان کي پنهنجن مخصوص ڪاميابين لاءِ ڪيترا پشاور جا سانحا گھربل آهن. اوهين ڌرتيءَ کي ٽامو بڻائي ملڪ جي مصيبتن ماريل ماڻهن کي ڪهڙي جنت جا خواب ڏيکاري رهيا آهيو؟. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ متڀيد، تعصب ۽ تڪرارن سان ڪهڙو پيغام پهچائڻ چاهيو ٿا. اوهانجي هوڏ واري روش سبب جڏهن ملڪي سلامتي ذري گهٽ داءُ تي لڳي چڪي آهي. ملڪ جي روشن آئيندي کي اوهين پنهنجن ڪارن قبائن اندر جيئرو دفن ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟ آخر اوهان جي رڌڻي ۾ اهڙو ڪهڙو رُولو پيو آهي؟ جو اوهين ڃاڻي واڻي ملڪ اندر مسئلن جا انبار لڳائي رهيا آهيو؟! جڏهن اوهان جي نشاني تي اسپتالون، عبادتگاهون ۽ اسڪول آهن. پوءِ اوهان زندگيءَ جي ڪهڙين علامتن جي لاءِ عوام کان سهڪار جي اميد لڳايون ويٺا آهيو. اوهين عوام جي احترام کان وانجهيل ۽ ترقيءَ جا دڳ ڀلجي ويل گمراه ٽولا آهيو.

شدت پسندو! اوهان جي هر ڪٽر راءِ انساني حقن جون اکيون ڪڍڻ چاهي ٿي. اوهان ڏهاڪن کان عوام جي اکين ۾ متڀيد جو سُرمو پارائيندا رهيا آهيو. عوام جي ڪسمپرسي ۽ بدحالي تي چٿرون ڪري رهيا آهيو. اوهان کي ملڪ جي هر شهري سان ٽڪراءُ جي عادت ۽ قوم جي هر غريب طبقي سان نفرت آهي. اوهانکي مذهبي ڪٽرپڻي جي نانءُ تي خودڪش بمبار بڻجڻ آسان ٿو لڳي. مگر انسانيت جي نالي تي زنده رهڻ اوهان کي ڀاري ٿو لڳي. اوهانجي ياري سڻڀن ٽڪرن جي محتاج رهندي آئي آهي. قوم جي تباهي جا سانحا اوهانجي عياشي جا سامان آهن. اوهان ملڪ جي شهرين کي جيئرو باه جي بٺين ۾ جلائيندا رهيا آهيو. اوهان جو تعصب هاڻي ملڪ جا ويڄ ماري رهيو آهي. اوهان استادن، صحافين، وڪيلن، سائنسدانن ۽ شاعرن جا قاتل آهيو. اوهان قوم جون بهادر نياڻيون بيدردي سان ڪُهي ڇڏيون. جن جو ڏوه صرف علم جي روشني ڦهلائڻ هيو. اوهان جي وحشت جو دنگ ۽ ڇيهه ئي نظر نه ٿو اچي. مهرباني ڪري ملڪ سان پنهنجي مذاق بند ڪيو.

jan 22

اوهان کان هڪڙي ڳالهه پڇجي ته پاڪستان جا هاري، مزدور ۽ پورهيت اوهانجن سوچن جا محور ڇو نه بڻجي سگهيا آهن؟ عوام جي درد ڀرين دانهن کان اوهان هر دور ۾ لاتعلق رهيا آهيو. جنهن وقت ديس جي ڪنهن دادلي ٻار به پنهنجن حقن تي لڳندڙ راتاهن خلاف دانهن ڪرڻ جي جسارت ناهي ڪئي. اوهان کي ڪهڙو حق حاصل آهي. جو اوهان رياست کي للڪاريندي هينئر انسانيت جا سينا رتورت ڪري چڪا آهيو؟! جڏهن پورو ملڪ پشاور جي شاگردن سان گڏ شهيد ڪيو ويو. اسين سڀ سوڳوار آهيون. اسين سڀ ان درد جي شدت کان خاموش نه رهي سگهياسين. سنڌ به پنهنجا اهنج ۽ ايذاءُ وساري “وري ڀٽ پاسي، هلوڙي هلوڙي” چوندي پشاور جي شهيدن لاءِ “ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي” جيان روئيندي رڙندي رهي. عوام انسانيت جي جيت خاطر گرجا گهرن ۾ ميڻ بتيون جلايون، پريس ڪلبن اڳيان ڏيئا ٻاريا، روڊن تي احتجاج ڪيا. اسان جو عوام ان جاڳندڙ قطار جيان متحرڪ نظر آيو. جنهن وٽ اٿاه غم سان گڏ حوصلو پيدا ٿي پيو آهي. جيڪو ڪٽرپڻي جي هر بڇڙي شڪل کي ڀرپور نموني رد ڪري چڪو آهي.

مگر اوهين ٻڌايو اوهان ڇا ٿا چاهيو؟ ڪڏهن پنهنجن جهنم بڻجندڙ کوپڙين جا ايڪسريز ته اٻوجهه عوام کي ڏيکاريو. اوهان ڪهڙي زهريلي سوچ منجهان آڪسيجن پيا وٺو. آخر اوهان ماڻهپي کي ڌرتي تي يرغمال ڇو بڻائڻ چاهيو ٿا. اوهان ملڪ کي بارود جو ڍير بڻائي عظيم جنگين جا رڪارڊ ٽوڙڻ چاهيو ٿا. اوهان جو جهيڙو علم ۽ شعور سان آهي. اوهان جا ڪرتوت اڇي کير ۾ وه مثل آهن. اوهانجي نامراد سوچ کي شڪست ڏيڻ لاءِ عوام جون ڌڙڪندڙ دليون ئي ڪافي آهن.

دهشتگردو! اوهان موت جا واپاري آهيو. پشاور سانحي کانپوءِ روشني ۽ اونداه جي وچ ۾ لڪير واضع ٿي چڪي آهي. شدت پسندي اوهانجي فنا ٿيندڙ هٿن جو گھڙيل بت آهي. اوهان جا ساه منجهائيندڙ نظريا معصوم ٻارڙن کي جهالت ۽ غلامي جا طوق پارائڻ چاهن ٿا. اوهان پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪري چڪا آهيو ته سموري دنيا کي مري وڃڻ گھرجي؟!. اوهان ايترا ته ڪمزور آهيو. اڪثر ڊرون حملن جون شڪايتون ڪندا رهندا آهيو. اوهانجي افرادي قوت پنهنجن پيرن هٿان کسڪندڙ جابلو ٽڪرين کي به نه ٿي سنڀالي سگھي. مذهب جي نالي تي اوهان مخصوص رياستن جا پگهاردار بڻجي پنهنجو گهڙيل اسلام خلق خدا مٿان مسلط ڪرڻ چاهيو ٿا. اوهانجن صفن اندر هر قطار کان پوءِ اوهانجا قبلا ئي مٽيل آهن. اوهان پنهنجن ايجاد ڪيل اسلامي تشريحن تي صبح کان شام تائين وڙهي مري رهيا آهيو. پوءِ اوهان منهنجي دور جي سادن ماڻهن کان حیاتی جو حق ڇو ٿا کسڻ چاهيو . جڏهن اوهان جي صفن ۾ خانقاه قونيه جيڏو ڪرشمو بپا ڪرڻ جي ڪا به سگهه موجود نه آهي. جڏهن اوهان شمس تبريز جي لهجي جا وارث به نه ٿا لڳو. جڏهن اوهان پنهنجي دور جي هم مذهبن کي ئي دهشت زده بڻائي ڇڏيو آهي. پوءِ اوهان وٽ دنيا جي باقي انسانن لاءِ ڪهڙا مرهم بچيا آهن. جڏهن اوهان دنيا کي خدا جي نعمتن جي درسگاه بجاءِ پنهنجي نجي جيل سمجهڻ لڳا آهيو تڏهن کان رقص قلندر غمگين آهي. اوهان بابا فريد، وارث شاه، رحمان بابا، بلي شاه، سچل ۽ ڀٽائيءَ جا ازلي ويري آهيو. دهشتگردي جي راڪاس کي ڪيميائي نسخو سمجھندڙ اوهانجو ڪٽرپڻو ڌرتيءَ تي قابض ٿيڻ جي جنون ۾ ورتل آهي. جڏهن کان اوهان دين کي هٿيار بڻائي انسانيت کي دهشتگردي جي ڪينسر سان مفلوج ڪري رهيا آهيو. تڏهن کان پوليو کان پاڪ پاڪستان جو رياستي نعرو ڪمزور تر بڻجي رهيو آهي.

اوهان هاءِ گھوڙا ڪندا رهيا آهيو ته عالمي سازشون اسلام کي بدنام ڪرڻ چاهن ٿيون. مگر ڪڏهن اهيو سوچيو اٿو ته اوهانجو ٿاڦيل اسلام قوم کي قابل قبول نه آهي. اسلام ته انسانيت ۽ ڀائپي جو درس ڏئي ٿو. ڇا اوهين اسلام جا رول ماڊل آهيو؟ اوهانجي اهيا مڙهيل سوچ ته اسلام جي نانءُ تي داغ آهي. جنهن ملڪ ۾ غريب مسلمان کي ڪفن دفن جي لاءِ به سهاري جي ضرورت هوندي آهي. ان ملڪ اندر اوهانجو مسلمانيت جو کوکلو جذبو اوهان کي عبادتگاهن اندر ماڻهو مارڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ٿو. ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته دنيا کان نا اميد بڻجي اهڙا ماڻهو الله جي در تي ايندا آهن ته خدا مٿن مهربان بڻجي کين سلامتي ۾ رکي. اوهان ته هم مذهبن ڪلمي گو مسلمانن جا قبرستان بڻائڻ جا عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتا آهن. دهشتگري سان اوهين باقي دنيا کي ڇا ڏيڻ چاهيو ٿا.

اوهانجو جهيڙو انسانيت سان آهي. اوهانجي جنگ سائنس ۽ فن سان آهي. ترقي ۽ تبديلي خلاف اوهان زهر اوڳاڇيندا رهيا آهيو. اوهان جي ويڙه انساني احساسن کي ڪچلڻ ۽ چٿڻ گھري ٿي. اوهان ننڍڙن معصوم سوچن جا نجي جيل بڻائڻ جا جتن پيا ڪيو. اوهان جي تڪبر جا گھنڊ اوهانجي شرارتي ذهنن جا الارم بڻيا بيٺا آهن. اوهان ته قوم کي عيدن تي منجهايون ۽ وڙهايون ويٺا آهيو. قدرت جو ڪمال آهي جو چنڊ آسمان تي چمڪي پيو. جي اوهانجو وس هجي ها ته اوهين چنڊ کي يرغمال ڪري پنهنجي مرضي سان اعلان ڪرائيندا رهو ها ته هرروز عيد جو ڏينهن آهي. اوهان جي ڪٽرپڻي ۽ انسانيت ۾ زمين آسمانن جو فرق آهي. اوهان جي وحشتن جو زرد رنگ قوم کي ڏاڍ سان تاريخ جي بند ڳلين ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.

sanaullahchinjni@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو