Home / اسپيشل افيئر / عورتن جو سياسي ڪردار ۽ سماج جي بي حسي!
above article banner

عورتن جو سياسي ڪردار ۽ سماج جي بي حسي!

Zahida Abroصنفي برابري ڇا آهي؟ اهو هڪ سوال به آهي ۽ مسئلو به ۽ ان کي سمجهڻ ضروري آهي. هڪ انسان جي حيثيت سان مرد ۽ عورت پنهنجي حقن ۾ برابري رکن ٿا پر ڪٿي ڪٿي اهو مسئلو مردن سان به ٿي سگهي ٿو ته عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي انهن جا حق نه ملي سگهندا هجن. ٻنهي جي حقن جي انساني بنياد تي مڃتا ضروري آهي. ٻنهي کي اهي موقعا ملڻ گهرجن ته جيئن اهي معاشي سرگرمين، فيصلي سازيءَ ۽ پنهنجي روين ۾ آزاد هجن.

جيئن ته دنيا ۾ عورت کي ثانوي شهريءَ جو درجو ڏنل آهي، ان کي ڪيترن ئي بنيادي حقن کان محروم ٿو رکيو وڃي. هن مرداڻي سماج ۾ عورت تي هٿ جا ٺهيل قانون مڙهي، ان کان ان جا اهي سڀ حق کسيا ٿا وڃن جن لاءِ ڪيترن ئي مذهبن به عورت کي آزادي ڏني آهي.

اهي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ عورت صدين کان جدوجهد جي عمل مان گذري رهي آهي. وقت جي تقاضائن کي محسوس ڪندي ڪيترن ئي سماجن عورت جي بنيادي حقن کي تسليم به ڪيو آهي ۽ اهي حق ان کي ڏنا به آهن. ان تبديل ٿيندڙ سوچ جي ڪري اڄ اهي ملڪ ۽ سماج سڀني کان اڳڀرا نظر اچن ٿا. اتان جي ماڻهن عورت کي شعوري طور تي برابري ڏئي پنهنجي ترقيءَ جون راهون کولي ڇڏيون آهن. پر ساڳي وقت اڃا به ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ عورت جي حيثيت هڪ ثانوي شهريءَ جي آهي ۽ انهن ۾ گهڻائي آفريڪي ملڪن ۽ عرب ملڪن جي آهي.

jan-48

عورتن جي بنيادي حقن کي World Devlopment Report 2012 ۾ فوڪس ڪيو ويو آهي.

• عورتن کي وسيلن تائين پهچ ۽ انهن تي اختيار هجڻ گهرجي.

• عورتن کي چرپر جي آزادي هجڻ گهرجي.

• هوءَ پنهنجو پاڻ کي تشدد کان بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۾ آزاد هجڻ گهرجي.

• فيصلي ڪرڻ جي آزادي هجڻ کپيس خاص طور تي پنهنجي خاندان وٽ.

• سماج ۾ هن کي پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي ۽ پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جو حق هجڻ گهرجيس.

دنيا ۾ ڪيترن ئي ڪانفرنسن، ڊڪلريشنن ۽ ايڪشن پلانز کان پوءِ هڪ گڏيل فيصلو سامهون آيو آهي ته عورت کي سياست ۾ مرد جي برابريءَ جي بنياد تي ڪردار ادا ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي.

عورت جي سياسي شموليت لاءِ ڪجهه اهڙا خاص قدم کنيا وڃن ته جيئن ان جي سياسي ڪردار کي يقيني بنائي سگهجي. جنهن ۾ سڀ کان اهم عورتن لاءِ ڪوٽا مقرر ڪرڻ آهي. سياسي ميدان ۾ عورتون ڀرپور ڪردار نڀائي سگهن ٿيون. اهي پنهنجي سياسي سجاڳيءَ سان فيصلو ڪري ڪنهن به پارٽي جي حق ۾ ووٽر جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. عورت ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي ميمبر بڻجي ان لاءِآزادي سان ڪم ڪري سگهي ٿي. هوءَ ڪنهن به پارٽيءَ جي پليٽ فارم تي ڪنهن به عهدي لاءِ اميدوار بڻجي سگهي ٿي.

سول سوسائٽي جي ميمبر جي حيثيت سان هوءَ ڪيترين ئي اڻ وڻندڙ ۽ جبري پاليسن خلاف جدوجهد ڪري، غلط پاليسين جوڙڻ وارن ادارن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي. هن وقت به ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جيڪي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم رکيو ويٺا آهن، جن ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. 2011 ۾ سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ميونسپل اليڪشن ۾ عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو. جنهن جي خلاف عورتن احتجاج ڪيو ۽ انساني حقن جي ڪميٽي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق جي گُهر ڪئي، جنهن تي سعودي حڪومت بهانو پيش ڪيو ته هينئر هنن وٽ انتظام اڻپورا آهن ۽ ايئن چئي عورتن کي اليڪشن کان ٻاهر رکيو ويو. پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته 2015 ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو. پر اتان جون ڪيتريون ئي عورتون ان سلسلي ۾ جيڪا قانونسازي ڪئي وئي آهي، ان مان مطمئن نه آهن. مٿين ملڪن جي مقابلي ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ۾ عورتن کي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿيڻ ۽ چونڊجي اڳتي هلي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي آزادي آهي. پاڪستاني عورتون به ان لسٽ ۾ شامل آهن. آمريڪا، انگلينڊ، انڊيا، افغانستان، سريلنڪا، چين، آئس لينڊ، فلپائن وغيره اهڙا ملڪ آهن جن ۾ عورتن پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وڏين وزارتن تائين پهتيون آهن.اتان جو آئين انهن کي اهو حق برابريءَ جي بنياد تي ڏئي ٿو پر ان جو مطلب قطعي اهو نه آهي ته اتان جي عورت پنهنجي حق وٺڻ جي سلسلي ۾ بلڪل آزاد آهي؛ هن کي اهي آئيني حق حاصل ڪرڻ ۾ به ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.

عورت جي سياسي تدبر ۽ ان جي ليڊرشپ کي مڃڻ لاءِ عوام جي راءِ مختلف خطن ۾ ساڳي نه آهي. بلڪه ايئن به چئي سگهجي ٿو ته هڪ ئي ملڪ جي الڳ الڳ حصن ۾ اها راءِ مختلف آهي. ان جو مثال خود اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ موجود آهي. بينظير ڀٽو جيڪا نهايت ئي مدبر سياستدان هئي، ان کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ عورت ليڊر جي حيثيت سان جيترو مانُ مليو، اها اسان سڀني کي خبر آهي، ڇو ته انهن ٻنهي صوبن ۾ ترقي پسند سوچ حاوي آهي پر خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ روايتي، قبائلي نظام جي اثر هجڻ ڪري، عورت کي هڪ ليڊر جي طور اڃا اها مقبوليت نه ملي سگهي آهي، جيڪو ان جو حق آهي. ان کانسواءِ اتر آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ عوام جي راءِ مرد ۽ عورت لاءِ برابر آهي، انهن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ٻئي صنفون سٺا ليڊر پيدا ڪري سگهن ٿيون. پر مالي، فلسطين، ڪويت، پاڪستان، بنگال، ايٿوپيا، اردن ۽ نائيجيريا ۾ مردن کي عورتن تي برتري ڏني وڃي ٿي ۽ عورت جي ليڊرشپ لاءِ اڃا راءِ گهڻي حد تائين هموار نه ٿي سگهي آهي. روس به پنهنجي سوچ ۾ ورهايل آهي. صرف برازيل ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي عورت کي سياسي ميدان ۾ برتري حاصل آهي.

عورت جي سياسي شرڪت ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ته اڃا صديون لڳنديون پر ڪجهه اهم قدم کڻي عورت جي شرڪت کي وڌائي سگهجي ٿو. عورتن جي ڪم ڪرڻ لاءِ آئيڊيل حالتون پيدا ڪرڻ اڃا ته ممڪن نه آهي، ان ۾ اڃا گهڻي جهدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ گهڻو وقت لڳندو. پر جوڳا قدم کڻي عورتن جي شرڪت کي وڌائي سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته عالمي ۽ لوڪل گروپس پنهنجي پنهنجي جاءِ تي عورتن جي همت افزائي ڪن ته جيئن عورتون سياست ۾ حصو وٺي سگهن ۽ سياسي پارٽين ۽ ٻين اهم ادارن تي جيڪي اهم فيصلا سازي ۾ شامل آهن، اثر انداز ٿي سگهن ته جيئن هو عورتن جي حقن لاءِ پاليسيون جوڙين ۽ انهن رڪاوٽن کي دور ڪن، جيڪي عورتن کي اڳيان اچڻ کان روڪين ٿيون. ان لاءِ انفرادي طور تي شهري يا سول سوسائٽي جا ادارا تمام گهڻو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهي عورتن کي قانوني سهڪار ڏئي قانون سازيءَ تي اثر انداز ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهن ٿا.

هيٽيءَ ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي 2010 ۾ هڪ مهم هلائي وئي `Eled Hetian Women` اها مهم اتان جي عورتن جي هڪ لوڪل گروپ جي مدد سان هلائي وئي هئي. هن مهم ۾ اتان جي لوڪل عورت ليڊرز کي عوام آڏو بار بار ڏيکارو ويو ۽ هڪ نعرو وڌ کان وڌ لڳايو ويو ته `If we can run our families, we can run our country`.

ميڪسيڪو جي عورتن جي اتحادي آرگنائيزيشن عدالت جي ذريعي 2 % سيڪڙو قانون جو ڪيس وڙهيو، جنهن جو مقصد اهو هو ته عوامي فنڊز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 % سيڪڙو عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ته جيئن عورتن جي سياسي تربيت ۽ پٺڀرائي ڪري سگهجي ۽ عورتن مان سياسي قيادت پيدا ٿي سگهي. عورتن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيد اڪرڻ ۽ انهن صلاحين کي وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام جوڙي سگهجن ته جيئن اهي عوام جي وچ ۾ وڃي پنهنجو موقف بيان ڪري سگهن ۽ پنهنجي ووٽرن کي ميڊيا جي ذريعي منظم ڪري سگهن.

معاشري ۾ صنفي برابري لاءِ ضروري آهي ته عورتن جي قانوني مدد ڪئي وڃي، انهن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. عوامي راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن عورتون انهن سڀني وسيلن جي سهڪار سان پنهنجو آواز بلند ڪري سگهن ۽ پاليسي ساز ادارن تي اثرانداز ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ پارٽيون پنهنجي پاليسين ۾ سڌارا آڻين. عورتن کي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ لاءِ سکيا ڏني وڃي. آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين عورتن جو انگ وڌايو وڃي. سياسي پارٽيون پنهنجي تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجي عورت ڪارڪنن کي تيار ڪري اڳتي اسيمبلين تائين پهچائي سگهن ٿيون.

عورتن کي اڳيان آڻڻ ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، انهن کي دور ڪيو وڃي، ايئن اهي پارٽيون وڌيڪ مقبوليت ماڻي سگهن ٿيون. اسان کي اهو يقين هجڻ گهرجي ته جيئن جيئن عورت جو آواز سماج ۾ طاقتور ٿيندو تيئن ئي صحت، تعليم ۽ معاشي ترقيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي سان حصو وٺندي ۽ سٺا نتيجا به ڏيندي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪي ملڪ انهن مسئلن کي بنيادي سمجهي پنهنجي قومي ايجنڊا ۾ رکن ٿا ۽ اتي اليڪشن جي قانونن تي سختيءَ سان عمل ٿيندو هجي ته اهي ئي ملڪ اهڙا هوندا جنهن ۾ عورتن جو آواز مسئلن کي يقينن حل ڪندو.

ڪنهن به ملڪ جي سياسي طور تي طاقتور عورت پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. اسين به جڏهن پنهنجي هن سماج ۾ ان قسم جي تبديليءَ کي ڀليڪار ڪنداسين ۽ عورت جي شرڪت کي يقيني بنائينداسين ته پوءِ اسان کي به ترقيءَ کان ڪير روڪي نه سگهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو