Home / دنيا / مائو باغين جو نيپال کان امارات جو سفر!
above article banner

مائو باغين جو نيپال کان امارات جو سفر!

سلام ڌاريجو

شارجا کان کٽمنڊو ويندڙ فلائيٽ ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل نيپالي پنهنجي تعارف سان مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. مون کان سواءِ شايد سڀ مسافر نيپالي هئا ۽ ايئر اريبيا جي عرب ايئر هوسٽس عربي ۽ انگريزي ۾ مسافرن کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا ته ٻيلي سيٽن تي ويهو، جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مجال آهي جو نيپالي مسافرن جي غير معمولي چرپر ۽ گوڙ گهٽجي. اهي سڀ نيپالي وچ اوڀر جي مختلف شهرن ۾ مزدوري لاءِ ويل هئا ۽ سالياني موڪلون ملهائڻ پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا.

ها ڳالهه پئي هلي ڀرسان ويٺل گوپال جي جيڪو لڳ ڀڳ 35 سالن جو پئي لڳو ۽ رنگين شرٽ ٽائيٽ بلو جينز ۽ گلابي رنگ جي جاگر شوز پائڻ کانپوءِ ڪنهن به صورت ۾ ٻين نيپالين کان مختلف نه پئي لڳو.

گوپال ٻڌايو ته هو قطر جي هڪڙي ننڍي شهر ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ نوڪري ڪندو آهي ۽ گذريل چئن سالن کان گڏيل عرب امارات جي مختلف شهرن ۾ روزگار لاءِ ڌڪا ٿاٻا کائي هاڻي قطر ۾ وڃي هنڌ ڪيو اٿس. گوپال ڀڳل ٽٽل اردو ۾ ڳالهه سمجهائي پئي ويو. آءُ هن کي عام نيپالي سمجهي نظر انداز ڪرڻ وارو ئي هئس جو هن جي جواب منهنجا ڪنا کڙا ڪري ڇڏيا ته پاڻ نيپال جي مائو باغين جي پيپلز لبريشن آرمي (PLA) جو سپاهي آهي ۽ نيپالي حڪومت ۽ مائو باغين جي ٺاهه کانپوءِ همراهه ڌنڌي ڌاڙي لاءِ عربن جي زمين اچي وسائي آهي. جيتوڻيڪ گوپال پنهنجي ماضي واري قصي تي وڌيڪ ڳالهائڻ پسند نه پئي ڪيو ۽ مختصر جواب ڏئي جان ڇڏائي رهيو هو. ان کان پهرين جو هو مون کي پاڪستان هندستان جو ايجنٽ سمجهي جاءِ بدلائي مون ان ۾ ئي عافيت سمجهي ته گوپال ڀلي واڪ مين تي گانا ٻڌي، آءُ کٽمنڊو تائين پهچڻ کان پهريان ئي ننڊ ڪري وٺان.

کٽمنڊو ۾ رهندي منهنجو اڪثر وقت نيپال جي هاڻوڪي سياست ۾ مائو باغين جي ماضي جي حوالي سان حالن احوالن ۾ گذريو. جيتوڻيڪ نيپال ۾ گذريل چئن سالن کان اچڻ وڃڻ سبب مون کي ڪافي حد تائين اتان جي سياست ۽ ماڻهن جي ويچارن بابت آگاهي هئي پر گوپال سان ملاقات کانپوءِ مون لاءِ مائو باغين جي تازي صورتحال دلچسپ موضوع رهي.

jan 32

نيپال جي گذريل ويهن سالن جي سياسي تاريخ هن خطي ۾ سڀ کان وڏي سياسي انقلاب طور تي بنا ڪنهن شڪ جي ڪو ثاني نه ٿي رکي. فيبروري 1996ع ۾ نيپال ۾ مائو باغين حڪومت ۽ شهنشاهيت خلاف پهرين جنگي ڪارروائي ڪندي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڪجهه پوليس وارن کي ماري وڌو ۽ ايئن غير محسوس طريقي سان نيپال جي ٻهراڙي ۽ جهنگ ۾ مائو باغي وڌندا رهيا سندن جنگي ڪارروايون تيز ٿينديون ويون ۽ ڪجهه سالن ۾ مائو باغين نيپال جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي قبضو ڪري اتي پنهنجو قبضو قائم ڪري ورتو. شروع ۾ نه ته نيپال جي حڪومت باغين کي سنجيدگي سان ورتو ۽ نه ئي ميڊيا ان مسئلي کي کنيو، تان جو مائو باغين کٽمنڊو شهر کي اچي سوڙهو ڪيو. مائو باغين جي هڪ ئي گهر هئي ته نيپال شهنشاهيت جو خاتمو ڪري ۽ جمهوري حڪومت قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ متناسب نمائندگي کي يقيني بڻائيندي عورتن ۽ غريبن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏني وڃي.

مائو باغين جي جدوجهد ڏهن سالن ۾ صدين کان رائج بادشاهي نظام کي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ فيبروري 2006ع ۾ حڪومت ۽ مائو باغين ۾ راضي نامو ٿيو ۽ نيپال ۾ 2008ع ۾ اليڪشن ذريعي بادشاهت جي خاتمي ۽ جمهوري نظام جي نفاذ جو اعلان ٿيو. بادشاهه کي چيو ويو ته 15 ڏينهن ۾ محل خالي ڪر ۽ ايئن صدين جي بادشاهي عوامي طاقت آڏو گوڏا کوڙيا.

2008ع جي اليڪشن ۾ يونيفائيڊ ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال (مائوسٽ) 575 سيٽن مان 220 ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال 110 سيٽون کڻي نيپال ۾ حڪومت قائم ڪئي.

نيپال ۾ جمهوريت جي اُسرڻ ۽ سياسي صورتحال تي وري ڪنهن ٻئي دفعي لکنداسين. هتي اسان مائو باغين جي تحريڪ ۽ ان جي اثرن جو مختصر جائزو پيش ڪنداسين. اها هڪڙي دلچسپ حقيقت آهي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ کاٻي ڌر جي سياست جي زوال واري دور ۾ نيپال ۾ مائو باغين نه صرف سياسي جدوجهد شروع ڪئي پر گوريلا جنگجوئي جو وڏو ايڊوينچر ڪيو جنهن کي شروع ۾ سياسي پنڊتن سميت نيپال جي فوج ۽ ميڊيا جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جو هڪڙو وڏو سبب نيپال جي سياسي- سماجي ۽ معاشي حالتون هيون. نيپال صدين کان بادشاهه جي منظور نظر برهمڻن، بيوروڪريسي ۽ سياستدانن ذريعي پئي هليو. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ 80 سيڪڙو عوام بغير ڪنهن حڪومت ۽ روزگار جي وڏين ذاتين وارن جاگيردن جي غلامي ۾ هيو. نه معيشت نه روزگار نه سهولت ايئن سوين ورهين کان نيپالي ٻهراڙين ۽ جهنگ ۾ گاهه ٻوٽا کائي جيئندا رهيا.

نيپال جي ٻهراڙي ۾ برهمڻ ۽ کتري وڏا زميندار هئا جن جو اڇوتن ۽ عورتن سان جانورن وارو سلوڪ هو. مائو باغين سڀ کان پهرين انهن وڏيرن جي نڙي جهلي ڀڳل بندوق ۽ واندن جي ٽولي سان هنن وڏيرن کي پهرين اک ڏيکاري ۽ پوءِ انهن کي چلتو ڪيو. مائو باغين فوج ٺاهي ۽ ٻهراڙين ۾ اعلان ڪيو ته مائو باغين جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ وڏيرن جي ملڪيت تي قبضو ڪيو. ايئن بندري قد ۽ ڪمزور جسامت وارن اڇوتن جي لاٽري کلي جن مائو باغين کان بندوق وٺي پهرين چڙهائي ڳوٺ جي وڏيري خلاف ڪئي. مزي جي ڳالهه ته مائو باغين جي هٿياربند جٿن ۾ اڌو اڌ عورتون هيون. چون ٿا ته مائو باغين نه صرف وڏيرن کي دڙڪو ڏنو پر علائقي ۾ عورتن تي تشدد جيڪو نيپال ۾ عام هو ان خلاف به آواز بلند ڪيو ۽ بندوق بردار مايون اهڙن مردن جي سرعام تذليل ڪرڻ لڳيون جن جو رويو پنهنجي عورتن سان ٺيڪ نه هو. صدين کان حڪمرانن ۽ سياستدانن جو پاڇو به نه ڏسندڙ عوام لاءِ مائو باغين جي پارٽي ۽ سندن ليڊر شپ ان ڪري عزيز هئي جو هو رات ڏينهن گڏ گذاريندا هئا. مائو باغين جي وڌندڙ اثر سبب نيپال جون سموريون ٻهراڙيون انهن جي قبضي ۾ اچي ويون ۽ مائو باغي ئي لوڪل حڪمراني ۽ ڪار وهنوار جا مالڪ هئا.

جيتوڻيڪ شروعاتي ڏينهن ۾ مائو باغين وٽ نه ته هٿيار هئا ۽ نه ئي پيسو ۽ ٽريننگ سو مائو باغين سڀ کان پهرين هٿيار پوليس وارن کان کسيا ۽ ايئن سندن طاقت مضبوط ٿيندي وئي ته رابطا به وڌيا. نيپال جي گورکا علائقي کان شروعات ڪندڙ مائو باغين جي هٿياربند جٿن کي گورکا قوم جنهن کي صدين کان جنگي فن ايندو آ ٽريننگ ڪئي. گورکا قوم نه صرف هاڻوڪي هندستان بلڪه،برطانيه جي دور کان فوج ۾ اهم جاءِ والارين ٿا انهن جي رٽائرڊ فوجين مائو باغين جي جنگي تربيت ڪئي ۽ ايئن هندستان جي بهار سان لڳندڙ بارڊر تي وري هندستانين به باغين کي هٿيار ۽ ٽريننگ ڏني. جڏهن مائو باغين علائقي تي قبضا شروع ڪيا ته مال ۽ پيسو به وڌيو ۽ مائو باغي ڏينهون ڏينهن مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا- ايتري تائين جو کٽمنڊو ۾ رهندڙ سرندي وارن کان ڀتو به انهن کي ملڻ لڳو.

چون ٿا ته مائو باغين جتي انقلابي تبديليون آنديون اتي غنڊا گردي ۽ ڪرپشن کي به پروان چڙهايو. ڳوٺن جا واندا ۽ ٽرڙا ڇورا سڀ باغين شان شامل ٿي ويا. هر ڳوٺ ۾ تاش ۽ شراب پيئڻ جون محفلون ڏينهن رات جاري رهيون. ڳوٺاڻن کان زبردستي پورهيو ۽ چندو به سندنن معمول جو حصو ٿيندو ويو. مائو باغين جي تحريڪ جيئن زور وٺندي وئي تيئن ڇڙواڳي ۽ بدمعاشي جو ناسور به وڌندو ويو. ڪامريڊن جا ٽولا پيا ڳوٺن ۾ گشت ڪندا هئا. مون جڏهن نيپال جي پالپا واري علائقي جو سفر ڪيو ته لوڪرانه جي مون کي اهي ٿاڪ به ڏيکاريا جتي مائو باغين پنهنجون ڪئمپون ٺاهيون هيون. پهاڙن جي چوٽين تي گهاٽا وڻ وڍي اتي هنن پنهنجا اڏا ٺاهيا ۽ نيپال جي جهنگ جو ڪاٺ کپائڻ شروع ڪيو. لوڪرا نه کي مائو باغين کان چڙ هئي. سندس مطابق هو هميشه گهر ايندي پنهنجا کيسا خالي ڪري پهچندو هو ۽ گهر کان ٻاهر رهندي هن کي اها به اون هوندي هئي ته متان ڪو سندس عورتن جي عزت سان هٿ چراند ڪري. اهڙو ئي تاثرکٽمنڊو شهر ۾ رهندڙ مڊل ڪلاس جو رهيو سندس بقول ته مائو باغي انقلابين کان وڌيڪ مافيا هئا جن جو مقصد صرف ڦرلٽ ۽ عياشي هو.

جيتوڻيڪ مائو باغين ٻهراڙي وارن علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو پر مائو باغين جي ڇڙواڳي ۽ وڌندڙ بيروزگاري سبب ٻهراڙين جي مردن کي روزگار لاءِ پنهنجا علائقا ڇڏڻا پيا. بدقسمتي چئجي يا خوش بختي نيپالين کي ٻاهر روزگار لاءِ تڙڻ ۾ مائو باغين جو وڏو هٿ هئو.

هن وقت نيپال جي هر ٻئي گهر مان گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ماڻهو گڏيل عرب امارتن، مليشيا ۽ هندستان ۾ روزگار سان لڳل آهن. چون ٿا ته تقريبن 20 لک نيپالي ته رڳو عرب امارتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح 15 لک نيپالي هندستان جي مختلف شهرن ۾ روزگار سان لڳل آهن.

نيپال جنهن جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو ٽوئزم ۽ Remittance جي صورت ۾ اچي ٿو، کٽمنڊو ايئرپورٽ جيتوڻيڪ غريب ملڪ جو ايئرپورٽ آهي پر روزانو 9000 نيپالي فقط عرب امارتن ڏانهن سفر ڪن ٿا.

نيپال جي مجموعي آبادي لڳ ڀڳ ڪراچي جيتري ٿيندي. ٻه ڪروڙ ستر لک نيپالين مان لڳ ڀڳ 30 کان 40 لک نيپالي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار سان لڳل آهن.

ياد رهي ته پاڪستان جا لڳ ڀڳ 20 لک مزدور گڏيل عرب امارتن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ انهن مان صرف 10 سيڪڙو سنڌ سان تعلق رکن ٿا جنهن ۾ ڪراچي جا پٺاڻ، سرائيڪي ۽ مهاجر به شامل آهن. انهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ڳالهائيندڙ مزدورن جو تعداد ڪيترو هوندو.

جيتوڻيڪ نيپال ڏکڻ ايشيا ۾ غريب ترين ملڪ آهي پرمون کي نيپال ۾ ڪو به اهڙو گهر ڏسڻ ۾ نه آيو جيڪو ڪچو هجي. بغير رستن ۽ سفري سهولتن جي به پهاڙن ۾ نيپالين پنهنجا گهر پڪا ٺاهيا آهن. نيپالين جي مستقل مزاجي ۽ هر ماڻهو کي پابندي سان ڪم ڪرڻ جي عادت نه صرف عربن وٽ پر مليشيا ۽ چائنا ۾ به هن قوم جي مزدورن کي روزگار آساني سان ملي وڄي ٿو.

سو ڳالهه پئي ڪئي سون ڪامريڊ گوپال جي جنهن عربن جي زمين وڃي وسائي. جڏهن 2006 ۾ مائو باغين ۽ حڪومت ۾ معاهدو ٿيو ته مائو باغين جو شرط هو ته سندن 19000 گوريلن کي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو پر ٺاهه ٿيو ته 6000 مائو باغين کي فوج ۾ ريگيولر ڪيو ويندو باقي 14000 باغين کي 6 کان لک ڏئي روزگار سان لڳايو ويندو.

مائو باغين جي گهڻائي جيتوڻيڪ اعلانيل پيسن جي اڌ رقم حاصل ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ڪامريڊن جي ليڊرن سندن چيڪ هٿ ۾ رکي اڌ پيسا پاڻ وٽ باقي باغين جي کيسي ۾ وڌا- انهن مائو باغين جي گهڻائي ملندڙ پيسا ايجنٽن کي ڏئي عرب امارتن جي ويزا ٿي ورتي ۽ وڃي عرب سڳورن جي ملازمت ڪئي. گوپال به اهڙن ڪامريڊن مان هو جيڪي ويزائون وٺي دبئي کان بحرين ۽ سعودي عرب کان وٺي قطر ۾ پيا عربن جا اٺ چارين. اها خدا کي خبر ته ڪالهه جا ڇڙواڳ ڪامريڊ عربن جي زمين تي شانتي سان پورهيو پيا ڪن يا اڄ نه ته سڀاڻي وجهندا بغل ۾ چاقو.

گوپال سان ملاقات مون کي سريلنڪا جي صحافي دوست چاندني جي اسٽوري ياد آئي. چاندني ڳولي وڃي ان 3000 تامل عورتن تي اسٽوري ڪئي هئي جيڪي تامل ٽائيگرس جي ڊيٿ اسڪواڊ۾ شامل هيون. پرڀارڪرن جي مرڻ کانپوءِ جڏهن تامل ٽائيگرس هٿيار ڦٽا ڪيا ته سريلنڪا جي حڪومت تامل ٽائيگرس جي بحالي جو اعلان ڪيو ۽ 3000 ويڙهاڪ عورتن کي ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ هنر ۽ ملازمت جا وسيلا فراهم ڪيا. چاندني انهن عورتن جا انٽرويو ڪيا ۽ کانئن پڇيو ته توهان جي زندگي ڪيئن پئي گذري. 45 سالن جي تامل عورت ويچار ونڊينڊي چيو ته منهنجي زندگي جو وڏو عرصو بم پيٽ سان ٻڌي گذريو ۽ ڪڏهن به يقين نه هو ته سڀاڻي جو سج ڏسنديس هاڻ فرق اهو آهي ته زندگي يقيني آهي. گذر سفر لاءِ جيتري محنت ڪندس اوتري آساني ٿيندي. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ حياتي تي ته منهنجو حق آهي نه!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو