Home / اسپيشل افيئر / مصر جو وڏو اهرام: تاريخ ۽ تهذيب جو پراسرار باب!
above article banner

مصر جو وڏو اهرام: تاريخ ۽ تهذيب جو پراسرار باب!

Asif Raza Morioمصر سان وابسته پراسرار آکاڻين منجهان سڀني کان پراسرار ترين ڪهاڻي انهن جيئري جاڳندي اهرامن جي آهي جيڪي فرعون شهنشاهن نيل ندي جي ڪناري آباد پراڻي شهر غزه ۾ ٺهرايا هئا جيڪو هاڻي مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره جو انتظامي حصو آهي. فرعونن اهي اهرام ان مقصد لاءِ تعمير ڪرايا هئا ته جيئن انهن عاليشان مقبرن ۾ پنهنجون مميون (لاش) محفوظ ڪري تيستائين انتظار ڪري سگهن جيستائين انهن جي مرده جسمن ۾ ٻيهر سندن روح جي واپسي ٿئي ۽ اهي زنده ٿي انهن اهرامن مان نڪري پنهنجي پنهنجي علائقن ۽ رعيتن تي ٻيهر حڪمرانيون ڪن.

مصرين کان به هڪ هزار سال اڳ مَمِيُون ٺاهڻ جو فن چلي ملڪ جي رهواسين ۾ عام هوندو هيو بلڪه ايئن چَوڻ بيجا نه ٿيندو ته هيءَ فن مصرين چلي جي رهاڪن کان سکيو ڇو ته مصرين جو هن هنر جي ڏس ۾ سمورو طريقو چلي وارن جهڙو ڏٺو ويو آهي. ساڳي ريت الاسڪا جا رهواسي پڻ هزارين سال اڳ پنهنجي رهنمائن ۽ عزيزن جا لاش سُڪائي انهن ۾ ڀُوسو ڀري پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪندا هئا. پراڻي دور ۾ ئي ڪجهه قومون پنهنجي ماڻهن جي لاشن کي غارن، دٻڻ واري زمين، واري يا برف ۾ مختلف طريقن ۽ دوائن جي ترڪيبن سان محفوظ ڪري رکندا هئا. پر دنيا جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ سڀ کان وڌيڪ مميون مصر جي سرزمين مان مليون آهن، مصرين لاءِ لاشن جي حنوط ڪاري هڪ هنر ته هيو ئي پر انهن لاءِ اهو ڪم سندن مذهبي عقيدي سان پڻ جڙيل هوندو هيو. ان ڏس ۾مصر جا اوائلي رهاڪو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته انساني روح موت کانپوءِ به سلامت رهي ٿو ۽ مرڻ واري جي روح جو گهر سندس لاش ئي هوندو آهي جنهن کي روح مرڻ کانپوءِ به تلاش ڪندو رهي ٿو. اهلِ مصر پنهنجي مردن جي لاشن کي ته ماسڪ پارائي تابُوتن ۾ سمهاريندا هئا پر انهن تابوتن جي ٻاهران مرڻ وارن جا چهرا ٺاهي ڇڏيندا هئا ته جيئن روح کي پنهنجو زميني گهر تلاش ڪرڻ ۾ مشڪل نه ٿئي.

jan-44

مصر جا رهاڪو لاش کي حُنوط ڪرڻ لاءِ جسم مان سمورا عضوا ڪڍي صرف دل پنهنجي جاءِ تي جسم اندر رکي ڇڏيندا هئا، ان کانپوءِ لاش تي خاص قسم جو لوڻ (ڪچو شورو) مَلي چاليهه ڏينهن تائين لاش کي سُڪڻ لاءِ اُس ۾ رکي ڇڏيندا هئا، تنهن کان بعد لاش تي مخصوص کنؤر جو ليپ ڪري پادري ان کي چوڌاري ڪپڙي جون پٽيون ويڙهيندو هيو، پٽيون ويڙهڻ جي عمل دوران لاش سان گڏ جادوئي تعويذ، قيمتي زيور، جواهر ۽ هڪ هٿ ۾ هڪ بصر رکي ڇڏيندا هئا، جادوئي تعويذ ان لاءِ ته جيئن وري جيئري ٿيڻ تائين لاش بلائن ۽ مصيبتن کان محفوظ رهي. دولت ان لاءِ ته زنده ٿيڻ کانپوءِ ان جي ڪم اچي ۽ بصر متعلق انهن جو ايمان هوندو هيو ته اهو لاش کي زنده رهڻ تائين صحتمند رکندو ۽ پوءِ ان مَمِي کي تابوت ۾ سمهاريو ويندو هيو.

اهرام مصر قديم ست عجوبن مان بچي ويل واحد رڪن آهي. مصر جي گادي واري هنڌ قاهره جي ويجهو هي مشهور اهرام فرعونن جي چوٿين خاندان آهي، انهن مان وڏي ۾ وڏي اهرام جي تعمير ۽ ڊيزائن جو پٽڪو آثار قديمه ۽ مصريات جي ماهرن شهنشاهه خوفو جي وزير هامان (Hemon) جي مٿي تي رکن ٿا، جنهن جو شمار پنهنجي وقت جي عظيم ڏاهي ۽ سپهه سالارن ۾ ڪيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ فرعونن جو دور 3500 کان 1085 قبل مسيح رهيو آهي ۽ ماهرن جو خيال آهي ته اهرامن جي تعمير 2500 قبل مسيح ۾ چوٿين فرعون حڪمران خوفو جي دور ۾ ٿي. هي عمارت هُن پنهنجي راڻي ۽ پنهنجي لاءِ (حنوط ٿيل لاش رکڻ لاءِ) ٺهرائي هئي،. فرعونن جي پهرين سلطنت 3200 قبل مسيح قائم ٿي هئي جڏهن ته انهن جي پهرين سلطنت جو پهريون حڪمران Memes هيو جنهن کي تاريخ ۾ Narnes جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي، فرعونن جي آخري حڪمران Rameses XII جو تعلق ويهين سلطنت سان هيو. واضح رهي ته خوفو فرعونن جي چوٿين سلطنت جو ٻيو نمبر شهنشاهه هيو.

خوفو جي عظيم اهرام جي پهرين باضابطه ماپ 82-1980 ڌاري Siv Flinder Petvie ڪئي هئي، جيڪا بعد ۾ “The Pyvamids and Temples of Gizah” جي نالي سان شايع پڻ ٿي هئي، ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته تعمير وقت عظيم اهرام جي اوچائي 480.6 فٽ هئي، جڏهن ته اهو چئني طرف کان 755.9 فٽ ڊگهو آهي، وقت سان گڏ مختلف سببن ڪري ان اهرام جي اوچائي 455.4 تائين وڃي بچي آهي، عظيم اهرام جي اها شاندار عمارت 3800 سالن کان دنيا جي بلند ترين عمارت رهي آهي، جيستائين 160 ميٽر ڊگهي Sprice of Lincoln عمارت نه ٺهي.

عظيم اهرام جو ماس (Mass) 9.5 ملين ٽن ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته ان جو اندروني پيٽ 2500،000 ڪيوبڪ ميٽر آهي، اهرام جي تعمير ۾ اندازاً 2.3 ملين چوني جي پٿر جا بلاڪ استعمال ٿيا آهن، جن کي ڪنهن ويجهڙائي واري پهاڙي سلسلي مان آندو ويو هوندو، اتي استعمال ٿيل گرينائٽ پٿرن جي باري ۾ ماهرن جو خيال آهي ته اهي اسوان (aswan) ندي واري علائقي مان گهرايا ويا هوندا جيڪا اهرام کان 500 ميل پري موجود آهي، اندازو آهي ته اسوان کان 5.5 ملين ٽن چوني جا پٿر ۽ 8000 ٽن گرينائيٽ پٿر آندو ويو هوندو، جنهن کي مصري ڪاريگرن مخصوص بلاڪن ۾ ڪپي نيل ندي جي رستي اهرامن واري جاءِ تي آندو هوندو. گرينائيٽ پٿر جا ڳوري ۾ ڳورا بلاڪ بادشاهه واري چيمبر ۾ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي 25 کان وٺي 80 ٽن وزني آهن. مصريات جي ماهرن جو اندازو آهي ته عظيم اهرام جي تعمير ۾ 500،000 ٽن ڊانبر استعمال ڪيو ويو هوندو. تڪميل وقت اهرامن جي مٿئين سطح کي سانچيدار پٿرن (اڇي رنگ) سان سٿيو ويو هوندو جيڪي گهڻي مهارت سان ڪپيا ۽ پالش ڪيا ويا هوندا. تعمير وقت اها سطح يقيناً سڌي سنئين رهي هوندي پر هاڻي اهي ڪيتري جاين تان کسڪي اڊڙي چڪا آهن.

يونانين جو خيال آهي ته اهرام جي تعمير لاءِ غلام مزدورن جي جٿن کي استعمال ڪيو ويو هوندو، پر ان جي برعڪس ان سلسلي ۾ جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته هزارين ۽ مختلف فنن جي ماهر دستن جي مدد سان هن شاندار عمارت جي تعمير ممڪن ٿي سگهي هوندي ۽ ان دور ۾ انهن سمورن ڪاريگرن ۾ سندن مهارتن جي آڌار تي ڪم ڪار ورهايو ويو هوندو. آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته ان عظيم اهرام جي تعمير ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک مزدور ۽ ڪاريگر مصروف رهيا هوندا جن کي پنهنجن پنهنجن ڪاريگرين ۾الڳ الڳ ويهه ويهه هزار جي جٿن ۾ ورهائي انهن کان ڪم ورتو ويو هوندو. ڪجهه ماهر ان ڳالهه تي به متفق آهن ته عظيم اهرام کي تيار ڪرڻ ۾ 14000 کان 36000 مزدورن ڏينهن رات ڪم ڪيو هوندو. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اسان اهرام جي تعمير کي 20 سالن واري نظرئي کي مڃون ٿا ته پوءِ ان عمارت جي تعمير ۾ روزانو 800 مڻ پٿر استعمال ڪيو ويندو هوندو. ائين رات ڏينهن جي حساب سان پٿرن جا 12 بلاڪ لڳايا ويندا هئا ۽ جيئن ته تمام عمارت ۾ 2.3 ملين بلاڪ استعمال ٿيل آهن جن مان هر هڪ جو وزن 2 مڻ آهي ان لاءِ هن اهرام کي مڪمل ٿيڻ ۾ ويهه سال لڳا هوندا.

وڏي اهرام جي اندر ٽي خاص ڪمرا، حصا يا جيئن مڃيو وڃي ٿو ته مَمِيُن جا تابوت رکڻ وارا چيمبر ٺهيل آهن، انهن ڪمرن مان سڀ کان هيٺيون ڪمرو پٿرن کي ڪپي انهن جي بلاڪن سان ٺهيل آهي جنهن تي ئي بعد ۾ ان اهرام جي پيڙهه پڻ رکي وئي هئي پر ان ڪمري جي ظاهري حالت ڏسي لڳي ٿو ته ڄڻ ان کي اڌ ۾ ئي ڇڏيو ويو آهي. ان ڪمري کان علاوه ٻه ٻيا ڪمرا جيڪي بادشاهه ۽ ان جي راڻي جي تابوتن جي دفيني طور مشهور آهن سي اهرام جي مٿين حصي ۾ موجود آهن. هيٺئين نامڪمل ڪمري جي ڏاکڻي ڀت مان هڪ افقي رستي جو سلسلو موجود آهي ۽ ان ئي ڪمري جي فرش ۾ هڪ وڏو کڏو پڻ موجود آهي. ماهرن جو خيال آهي ته شهنشاهه خوفُو پنهنجي لاش جي دفيني جي طور تي هن ڪمري کي ٺهرائڻ شروع ڪيو هيو پر پوءِ ڪنهن سبب ڪري ارادو بدلائي ان جي ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ان مقصد لاءِ مٿئين تعمير ۾ ٻه ڪمرا ٺهرايا جن ۾ هڪ سندس منظور نظر راڻي جي ممي واري تابوت رکڻ لاءِ هيو، اهرام جي داخلي دروازي سان گڏ ئي هيٺ وڃڻ واري رستي طرف ويندي اهرام جي ڀت ۾ هڪ گول سوراخ آهي جيڪو پٿر جي هڪ ڇپ سان ڍڪيو ويو آهي ۽ اتان ئي اهرام جي ڇت ڏانهن مٿي وڃڻ واري رستي جي شروعات ٿئي ٿي جيڪو 129 فٽ ڊگھو آهي. هي رستو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ هيٺ لهڻ واري رستي جيترو ئي آهي.

بادشاهه جي تابوت وارو چيمبر 34.4 فٽ اوڀر کان اولهه ۽ 17.17 فٽ ڏکڻ کان اتر تائين پکڙيل آهي، ان جي ڇت سڌي ۽ فرش کان 19.60 فٽ مٿي آهي. فرش کان 3.0 فٽ مٿي ڏاکڻئين ۽ اترئين ڀت سان گڏ ٻه سوڙها ٿنڀا موجود آهن (جن مان هڪ اهرام کي هوادار رکڻ لاءِ لڳايل ايگزاسٽ پکي جي ڪري بند ڪيو ويو آهي). انهن ٿنڀن جي ان جاءِ تي موجودگي جي متعلق هن وقت تائين ڪو به ماهر متفقه راءِ ڏئي ڪو نه سگهيو آهي. بادشاهه جي چيمبر جي اڳياڙي گرينائيٽ پٿرن سان ٺهيل آهي جنهن جي ڇت سان گڏوگڏ پٿر جي بلاڪن سان پنج ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن جن کي مجموعي طور تي Relieving Chambers چيو وڃي ٿو، انهن مان هر هڪ جا نالا Campbell’s Chamber, Davisons Chamber, Wellington’s Chamber, Nelson’s Chamber, Lady Arbuthnot’s Chamber آهن.

انهن ڪمرن جي تعمير ۾ استعمال ٿيل هر پٿر جو وزن 400 مڻ آهي. انهن پنجن ڪمرن مان چئن جي ڇت بادشاهه جي چيمبر جي ڇت جيان سڌي آهي پر پنجين ڪمري جي ڇت مختلف ۽ عمودي آهي. چيو وڃي ٿو ته بادشاهه جي چيمبر کي ڪنهن به ممڪنه نقصان کان بچائڻ لاءِ اهي ننڍا ڪمرا جوڙايا ويا هوندا جيڪي بادشاهه جي چيمبر ۾ گهمڻ وارن کي سرسري طور نظر ڪونه ايندا آهن ان لاءِ ئي شايد انهن جي تعمير ۾ ماهري ۽ ڪاريگري نظر ڪونه اچي ٿي ۽ لڳي ٿو ته انهن کي اڌ ۾ ڇڏيو ويو هجي نه ته انساني تاريخ جي عظيم مصري ڪاريگرن جي مشاق هٿن مان گزرڻ کان پوءِ انهن ۾ اهو اناڙي پن نظر ڪو نه اچي ها.

بادشاهه جي چيمبر ۾ ڀتين ۽ ٿنڀن کان علاوه هن وقت جيڪڏهن ڪا شيءِ نظر ايندي ته اهو هڪ تابوت آهي جنهن جي هڪ ڪنڊ به ٽٽل آهي. گرينائيٽ مان ٺهيل اهو تابوت چڙهائي واري رستي مان بادشاهه جي چيمبر ۾ داخل ٿيڻ واري جاءِ کان ٿورڙو ڊگهو آهي. ماهرن اندازو لڳايو آهي ته هن تابوت کي بادشاهه جي چيمبر ۾ ڇت لڳائڻ کان پهريون داخلي دروازي ۾ لڳايو ويو هوندو. بادشاهه جي چيمبر جي ڀت جي خوبصورت چٽسالي ۽ ترتيب جي ابتڙ تابوت جي خوبصورتي مايوس ڪن آهي ڇو ته اهو تابوت بلڪل عام آهي. نه ان تي ڪو آرٽ جو نمونو آهي نه ڪاريگري جو ڪو عڪس واضع آهي جيڪو مصرين جي خوبي رهي آهي ۽ اهو تابوت پوري طرح پالش ٿيل به ڪونه لڳو ۽ ان جي چارئي پاسن کان ڇيڻي جا ابتا سڌا نشان به ظاهر آهن. اهو تابوت ان دور جي ٻين ننڍن اهرامن مان هٿ آيل تابوتن کان بنهه مختلف آهي جن تي آرٽ جا نادر نمونا اڪريل هوندا آهن.

اهرام ۾ مٿي چڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ لاءِ مختلف رستا موجود آهن جن ۾ بعد ازان وقت ۽ ضرورت جي حساب تبديليون به ڪيون ويون آهن. عظيم اهرام جو اصل دروازو زمين جي مٿاڇري کان 56 فٽ مٿي آهي ۽ اهو اهرام جي مرڪزي لڪير جي اوڀر طرف 23.9 فٽ پري موجود آهي. ان ئي داخلي دروازي کان هڪ رستو هيٺ وڃي ٿو جيڪو 4 فٽ اونچو ۽ 3.4 فٽ ويڪرو آهي ۽ اهو ‘‘23‘31 26 جي زاوئي جي اصول پٽاندر اهرام جي تعمير جي بنيادي اصول تحت هيٺ لهي ٿو، هي رستو 345.2 فٽ کان پوءِ سڌائي ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ اتان 29.0 فٽ بعد هيٺين نامڪمل چيمبر تائين پهچي ٿو. اڄ ڪلهه عظيم اهرام گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي ان اصل رستي کان نه پر چورن واري سرنگهه جي ذريعي داخلا ڏني ويندي آهي جيڪا 820 A.D ۾ عباسي خليفي مامون پنهنجي دور ۾ مزدورن کان ڪڍرائي هئي. ان سرنگهه جي تعمير ۾ سڌي کوٽائي وئي هئي جا 89 فٽن کانپوءِ اوچتو کٻي هٿ تي مڙي اهرام ۾ استعمال ٿيل پٿر جي بلاڪن تي ختم ٿئي ٿي جن کي ڪٽڻ مامون جي مزدورن جي وس جي ڳالهه ڪونه هئي ان لاءِ اتان وري بلاڪن سان گڏوگڏ مزدورن ٻئي طرف کان سرنگهه کوٽي جيڪا وڃي چوني جي بلاڪن تي ختم ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي اتان وري مٿئين چڙهڻ واري رستي سان وڃي ملي ٿي. ان ئي جاءِ کان هيٺ وڃڻ وارو رستو به موجود آهي پر ان کي استعمال ڪرڻ جي انتظاميه طرفان سخت منع ٿيل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو