Home / شوبز / ملڪه شراوت جا ”ڊرٽي پاليٽڪس“ ۾ جاندار منظر!
above article banner

ملڪه شراوت جا ”ڊرٽي پاليٽڪس“ ۾ جاندار منظر!

                show 2         بالي ووڊ جي مشهور فلم ساز ۽ هدايتڪار ڪي سي بوڪاڊيا جي فلم ”ڊرٽي پوليٽڪس“۾ ملڪه شراوت جو اهم ڪردار آهي جيڪا ڪالهه رليز ٿي، فلم بابت هدايتڪار دعويٰ ڪئي ته فلم ۾ ملڪه تمام جاندار منظرن ۾ نظر ايندي، برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي بوڪاڊيا چيو ته فلم ۾ شراوت جا جاندار منظر ته آهن پر ان سان گڏوگڏ فلم ۾ ان جي زبردست اداڪاريءَ جا جوهر به نظر ايندا،  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گھڻا ماڻهو منهنجي فلم کان ناراض ته آهن پر مان ان لاءِ تيار آهيان، منهنجي پهرين پوسٽر جنهن ۾ ملڪه شراوت تِرنگي (ڀارتي جھنڊي واري رنگ) واري ساڙي پاتل آهي، ان لاءِ پهريان ئي مون تي ٽي ڪيس هلندڙ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪيسن سان ڪو فرق نه پوندو ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته مون ڪجھه به غلط ناهي ڪيو، ماڻهو فلم ڏسندا ته کين اندازو  ٿي ويندو، ”ڊرٽي پوليٽڪس“ ۾ ملڪه شراوت سان گڏ نصير الدين شاهه، اوم پوري، انوپم کير، آشوتوش رانا ۽ راج پال يادَو جھڙا مشهور اداڪار به نظر ايندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو