Home / افيئر / موديانو ۽ اسان 
above article banner

موديانو ۽ اسان 

ارشاد ميمڻ

گذريل ڀيري راوي وڏن شهرن بابت پيترڪ موديانو جي نوبيل ليڪچر جي روشني ۾ پنهنجي لکڻي جي آخري پئرا مَسَ پوري ڪئي ته سندس محبوب شهر پيرس ۾ چارلي رسالي جي آفيس تي حملي جون خبرون اچڻ شروع ٿيون. تنهن بعد ان ٻهڳڻ وسنديءَ مٿان دهشت جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا. ساڳي ماڳ تي آباد موديانو جي نهايت حساس دل ڪيئن تڙپي هوندي، پاڻ ئي ٻڌائي سگهندو. پوءِ وارن واقعن پيرس جي شهرين کي اڃا غير محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ساڳئي ميگزين تنهن خوني واردات مان سبق نه سکيو. شرارت جاري رکندي ٻيهر دل آزاريندڙ ڪارٽونن سان شايع ٿيو. اظهار جي آزادي جي نالي سان حرڪت ويندي عيسائين جي پوپ کي چڱي ڪا نه لڳي. سڄي دنيا ۾ مسلمان عقيدي وارن انسانن جو احتجاج هلي پيو. ڪراچي جي مَن ڏکائيندڙ مظاهري دوران ڪلفٽن جنگ جي ميدان سندو ڏيک ڏيڻ لڳو. انهن ڏيهاڙن منجهه شهر جي شاندار سئنيما هال نشاط جي کنڊرن جي وڪري جو اشتهار ڇپيو، نه وسارڻ کپي ته تنهن عمارت کي ٻين سئنيما گهرن سميت ان وقت باهه ڏئي ساڙيو ويو، ڪجهه سال اڳ جڏهن چارلي رسالي ۽ يورپ جي ٻين ڪجهه ادارن مسلم فڪر جي پوئلڳن ڪاڻ اعتراض جوڳا خاڪا پهريون دفعو ڇاپيا هئا.

موديانو ڳالهائي ته کيس نه ڪنهن جي اعتقاد تي ايئن وار ڪرڻ سٺو لڳو هوندو ۽ نه وري بندوق يا ڏياٽي هٿ ۾ کڻي موٽ ڏيڻ. ٻنهي صورتن ۾ هن پاري ناولسٽ جو نقصان ٿيڻو آهي. دنيا جا مها شهر، ميگا سٽي ڪوٺرائيندڙ آباديون نه ختم ٿيندڙ جنگاڻ جو شڪار ٿيندا يا ٿينديون. سندس انديشي کي هٿي ملندي ته انساني سڀيتا جون سي پراسرار هستيون بربادي جي واٽ وينديون. عام ماڻهو جي ڀلائي بدران هُن ڪاڻ مصيبت جو اهڃاڻ ٿي اڀرنديون. منجهن رومان باقي نه رهندو. ٻهراڙيون ته اڳ ئي اونداهه ٻڏل آهن. اربن علائقن جي ڌرتي ٽامو ٿي ته خلق ڇا ڪندي. ناول جهڙي سگهاري آرٽ جي کيتي کي باهه لڳندي. اتي موت جي اجگر بَلا ڪُڏَ ڏيندي. لوڪ اٽالن جي صورت ۾ ذهني بيمارين وڪوڙبو. معصوم ٻارڙا بندوق جي پاڇي هيٺ جواني جا ڏاڪا چڙهندا. عمارتون، رستا، پارڪ ۽ اسڪول محفوظ نه هوندا. شهري ٻئي شهريءَ کان ڊڄندو. بجلي، پاڻي ۽ ٻارڻ جي وسيلن جي اڻاٺ جي موجودگي ۽ روزگار جي اڻهوند سماج ۾ جنهن طرح جو ڀونچال آڻينديون مفڪريا ناول نگار خواهش باوجود سوسائٽي جي مدد لائق نه رهندا. پاڻ وٽ پشاور ۾ ٻارڙن جي قتلام بعد درس گاهن ڏانهن اولاد کي اماڻيندڙ پيءُ ماءُ جي حال کي نهاري مٿئين منظر کي سمجهڻ اوکو ناهي رهيو.

jan 44

ياد رهي ته جنهن گهڙيءَ پيرس ۾ حملا ٿي رهيا هئا ۽ ڪراچي جي مشهور انگريزي اسڪولن جي نيٽ ورڪ سنڀاليندڙن وٽ اڇي ڪفن جا پارسل ٿي پهتا. ٺيڪ انهن ڏيهاڙن هلندي ننڍي کنڊ ۽ وچ اوڀر جا وڏا شهر مذهب جي نالي ۾ استحصال سندي موضوع تي جڙيل فلم “پي ڪي” ڏسڻ ۾ مشغول هئا. ڪڪلتي کان وٺي دبئي. سئنيما هال بليڪ تي ٽڪيٽون کپائيندي ڏٺا ويا. اها ڳالهه پشاور واقعي کان ٽي ڏينهن پوءِ جي آهي، نشاط جي کاپي جو اشتهار به اخبارن ۾ اچي چُڪو. ڌرم جي عنوان کي ڇُهڻ جي همت ڪندڙ عامر خان جي مووي رات ڏيڍ وڳي وارو شو پڻ ايڊوانس بڪنگ ۾ کڻي رهي هئي. سڄي دنيا منجهه اَرَبَن ماڻهو اعتقاد ۾ انڌا ۽ ڏاهپ، فڪر جي معاملي ۾ روشن خيال هجن ٿا. يورپ، ايشيا يا ليٽن آمريڪا- ساڳيو حال آهين. مائينڊسيٽ جي اهڙي تضاد ڪارڻي ئي ميگا سٽي وسنديون دونهاٽ ٻڏل نهارجن پيون. پيترڪ موديانو ۽ سندس پارا ٻيا، ناول پاري نفيس ڌاڳي ۾ ڍاڪا، دهلي، يروشلم، هانگ ڪانگ ۽ استنبول کي ڪيئن پِروئين؟

موديانو ۽ اسان- ان رشتي کي هن جي وڏن شهرن سان عشق تي ٻڌل ويچارن جي پسمنظر ۾ ڄاڻڻ لاءِ ڪراچي جو مثال کوڙ آهي. حيدرآباد تنهن زمري ۾ ڪو نه اچي. تڏهن پڻ سنڌ اندر سرجندڙ ناول کي فوڪس ڪندي ڪيئي خبرون ڪري سگهجن ٿيون. راوي کي موڪل ڏيندا ته هو سندس نوبيل ليڪچر جي ٻئي ڀاڱي کي سلهاڙي بيان جاري رکي. يادگيريءَ جي آرٽ وسيلي نوان انساني ٿاڪ ڳولهڻ. سنڌي ٻولي ۾ ناول تڏهن ڪنڌ کنيو جڏهن سائين جي ايم سيد قومي تشڪيل کي اڪيڊمڪ انداز ۾ لکي رهيو هئو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ پلئه پيل ڊوهه ڏانهن فڪشن تحرير ڪندڙن جو رد عمل “پڙاڏو سوئي سڏ” جي روپ ۾ نروار ٿيو. تاريخ طرف ويسر جي ڪوهيڙي مان منڍي ڪڍڻ وارو انداز ان کي بلڪل به نه چئجي. تنهن جي ابتڙ وقتي سياسي ڪارج واسطي اتهاس جي مخصوص طرح ۾ تشريح ڪوٺجي ته چڱو ٿيندو. بعد ۾ سامهون ايندڙ لکڻيون ڪراچي جي ميٽرو پوليٽن مانڊاڻ جي ورن وڪڙن کي پسي ڳوٺاڻي اٻوجهه جي حيرانگي چٽيندڙ ملنديون. تان جو سنڌي ناول مغل صاحب جي “اوڙاهه” جي شڪل ۾ گادي واري هنڌ تي لساني فسادن جي آڳ پاسي ڌرائتو بياض ٿي آڏو آيو. جماليات کان رومانويت ۽ پڻ سياست جي ڏس ۾ سو سفر ايتري ڪا پختي ڪوشش ته نه سڏجي. ايئن جيئن نيپولين جي اڀار مهل ٽالسٽاءِ هٿان ماسڪو جي روايت يا وري ٿورڙو اڳ جي وقت ۾ لنڊن جو احوال ڊڪنس جي لفظن ۾.

پنڊي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ هٿوڙا گروپ ميڄالا چٿي چڪو. بوهري بازار ۽ ڪارساز جا بم ڌماڪا. ٿورڙو ٻاهر اک کڻجي ته قاهره جي تحرير چوسول ۾ ويٺل ڇوٽڪاري پسندن مٿان اهرام گهمڻ خاطر ڪتب ايندڙ اٺن تي سوار مبارڪ سرڪار جا پٺو هٿيار بند حملو ڪري سون جي انگ ۾ مصري ماري ڇڏين. دهلي ۾ نوجوان عورتن سان زوري زنا ۽ پوءِ انهن جو قتل. بغداد کي باهه. ڪيئن ڪجي؟- ناول هاڻ سياسي ئي لکي سگهجي ٿو. فڪشن جي کيڙي ۾ رومان جا سنگ بچيا ناهن. افسوس جو اهڙي ادب جي ڄمار وڏي نه هوندي. هلندڙ زماني ۾ ڪلاسڪ سرجڻ، ڏکيو ٿو لڳي. سياسي گهرجن جي پورائي ڪاڻ تحرير ڪيل ساهت بدلجندڙ ماحول ۾ وزن وڃائي، ڍانڍو ٿي ويندو. بلڪل ايئن ويسر جي ڌنڌ مان شبيهه ڏيکاريندڙ تاريخي افسانا ڪم جا نه رهندا. موديانو وانگر يادگيرين کي قلم تي آڻجي پر سچ گوئي سان. اسان وٽان کانئس سکڻ لاءِ هڪڙو سبق اهو به آهي. “پڙاڏو سوئي سڏ” جانبدار لکڻي ڪوٺجي. ٻيو ناول اچي. سنڌ ۾ بزدلي، هار، ۽ ڪٽڻپي جي ندامت اتهاس جي ٽڪنڊي مان ويسر جي دز هٽائي، ڪنڌ جهڪائي بيهاري جيڪو.

هائو سائين! پيترڪ موديانو بابت پاڻ وٽ جا ڄاڻ پهتي آهي. تنهن ناتي ساڻس سنٻڌ جڙي ٿو. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي دنيا جو ستون نمبر ۽ مسلم آبادي سانڍيندڙ پهريون وڏو شهر آهي. ناول انساني ڏاهپ، نثر جو معراج آهي. ان کي اربن علائقن ۾ رومانوي وارتائن تي ٻڌل هئڻ کپي. ڪراچي ۾ ڇا رومانٽڪ بچيو آهي- لکڻ واري کي قلم ڀڃڻو پوندو. موديانو جو نوبيل ليڪچر کڻبو. يادگيريءَ جي آرٽ وسيلي نڪور انساني منزلن کي تلاشڻ ڪارڻي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترو ڪچو سيڌو آهي، فيصلي جو بار راوي پڙهندڙ مٿان اڇلائي توهار ٿو ڪري. اهو لکندي ته وقت جي گرڀ ۾ انيڪ ابهم ٻار آهن. جيڪي هڪ سانجهيءَ اک پٽيندا. فڪشن تحرير ڪندڙ انهن ڏانهن جوابدارين جو احساس بلڪل به نه وڃائي. مٿس ٻيڻي ذميواري چئجي. اول ته اتهاس جي غار مان اُگريون ئي سهي، سچايون کوٽي ڪڍي. تن پاسي پوءِ، سَندي رد عمل کي سهيڙي داستان جي ٻوليءَ جو اوڇڻ اوڍائي، ايندڙ نسل آڏو پيش ڪرڻ لاءِ سنڀالي رکي. هُن جي پنهنجي پود مڇلائپ جو عظيم اهڃاڻ هجي ٿي. کيس سا حقيقت پڻ قبول ڪرڻي پوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو