Home / ويندي ويندي / هي سنڌ تي مڙهيل جنگ آهي
above article banner

هي سنڌ تي مڙهيل جنگ آهي

شڪارپور ۾ نيٺ هڪ جنوني ڦاٽي مئو. پاڻ سان گڏ ڪيئي انسان ۽ سنڌ جي مٿي تي پيل تصوف جي پوتي به کڻي ويو. نه ته سنڌي “سائين لوگ” اڃا ان گمان ۾ هجن ها ته هي جنگ اسان جا پاند نه ساڙيندي.

سياڻا چئي ويا ته نظريا ۽ عقيدا قومي مفاد جي تابع ٿين ٿا. جيئن جمهوريت آمريڪا جي مفادن کي هٿي وٺرائيندڙ نظريو آهي. جنهن جي شڪل نه وڻندن تنهن مٿان جمهوري آزادي صلب ڪرڻ جي تهمت هڻندا. ڪميونزم روسين جي قومي مفادن جي تابع رهيو. چيني هونئن ته مارڪسزم جي عشق ۾ غرق پر قومي مفاد جي پڇ تي لت اچڻ کانپوءِ مارڪسسٽ پاڙيسري ويٽنام تي فوجون چاڙهي ويا. تيئن پاڪستان جو مطلب ڇا؟ جواب ڏيو؟

images

سنڌي واقعي به “سائين” آهن. کين سٺ کان مٿي سالن ۾ اها خبر ناهي پئي ته سندن قومي مفاد ڪهڙا آهن. پر هتي ته روز اول کان اسٽيبلشمينٽ وٽ ملڪ جي قومي مفادن جو تعين ڪرڻ جا حق ۽ واسطا محفوظ آهن. ان اسٽيبلشمينٽ 1948ع ۾ قبائلي لشڪر تيار ڪري ڪشمير موڪليو ته اها اتي وڃي ڪشمير جي مسلمان ڀائرن کي “جهاد” ڪري هندو راجا کان آزاد ڪرائي. ساڳي اسٽيبلشمينٽ ساڳي ئي سال بلوچستان جي قلات رياست کي به ائين ئي “آزاد” ڪرايو. کڻي جو بلوچستان جا مسلمان ڀائر ڪنهن ڪافر راجا جا غلام ڪونه هيا. اها اسٽيبلشمينٽ نه سنڌين کي پاڻ وٽ صلاح ثواب لاءِ گهرائي ويهاري ٿي، نه پڇي ٿي. نتيجي ۾ سنڌي لوڪ پنهنجي منهن وتن جمهوريت جي عشق ۾ ڳرندا ۽ مارشلائن هٿان موچڙا کائيندا. بابا! هڪ دفعو ئي اسان کي ٻڌايو ته اوهان ملڪ ڪيئن هلائڻ چاهيو ٿا. سنڌي اجايو جمهوريت لاءِ ڏهين پنڌرهين سال موچڙا ته نه کائن.

سنڌ ۾ مدرسن جي وڌندڙ ڄار ۽ مذهبي تنظيمن جي وڌندڙ اثر سبب اهو ته ڪافي وقت کان نظر اچي رهيو هو ته سنڌ ڄاڻ “دارالحرب” عرف جنگ جو ميدان بڻي. ڇو ته اسان سنڌي آهيون ٽرڙا. ووٽ ڏيون پيپلزپارٽي کي جيڪا سنڌ وڪڻي اوڳرائي ئي ڪانه ٿي ڏئي ۽ ڳالهيون ڪيون ٿا وڏي ننڍي سامراج سان جنگ ڪرڻ جون ۽ ويڙھ جي اميد انهن قومپرستن مان ڪريون جيڪي اسان جي ووٽ جا به حقدار ٿي نه سگهيا آهن. نه سنڌي ماڻهو موچارين نوڪرين ۾، نه هنر ۾، نه واپار ۾.ٻاهرين دنيا ڏٺائون ته به وڌ مان وڌ سعودي عرب جتي به وڃي حارثي يا چوڪيداري ڪيائون. هاڻ اهڙي قوم جنهن جي سياسي نمائندگي موقعي پرست ۽ ڪرپٽ وڏيرن وٽ هجي، جيڪا ڪُت خلقت بچيل هجي سا به ذهني طور مفلوج هجي سا ويٺي سامراج سامراج جون ٽرڙي ڪڪڙ واريون ٻانگون ڏئي ته ان سان اها ڪار ٿيندي يا نه؟

سائين مٺا! هي جنگ آهي. هزارن سالن کان ڏاڍيون قومون ڪمزور قومن جي وسيلن تي هڪ يا ٻئي نظرئي يا عقيدي جي آڙ ۾ قبضا ڪنديون رهيون آهن. حجاج بن يوسف لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي ته بني اميه سلطنت جو نهايت ظالم گورنر هيو پر ان شخص جي لشڪر پاران سنڌ تي ڪاھ بابت اسان جي “محب وطن”درسي ڪتابن ۾ ڇا ٿو لکيو وڃي؟

سنڌي سماج برابر ڀلو سماج آهي. مذهبي ڪٽرپڻو ان سماج ۾ ناهي. پر اهو سماج اوڙي پاڙي ۾ هلندڙ جنگ کان محفوظ نه ٿو رهي سگهي. مذهب جي نانءَ تي ٿيندڙ رتوڇاڻ هڪ حقيقت آهي. سنڌ اکيون بند ڪري ان خطري کي ٽاري نه ٿي سگهي. پر صرف ئي صرف منظم سياسي عمل ۽ رٿا رستي هن باه مان اڪري سگهي ٿي.

نه ته ملڪ جي مالڪن پنهنجي مفادن هيٺ مجاهد پيدا ڪيا. اهي مجاهد ڪابل ۽ قنڌار تي جهنڊو ڦڙڪائي سگهن ٿا ته شڪارپور ڪهڙو پري آهي؟ هي سڄو خطو ان جنگ جي لپيٽ ۾ اچڻو آهي. اڃا ته جنگ جو طبل وڳو آهي، ميدان ته اڃا پري آهي.

قدرت ڪمزور قومن لاءِ ڪوبه ڪوٽا سسٽم ناهي جوڙيو. جيڪو ڦڙت هوندو سو بچي ويندو، جيڪو اڃا تصوف جو آفيم چپن ۾ ڀڪوڙي ، مرون ۽ انسان جي هڪ هجڻ جا ترانا يڪتاري چپڙي تي ڳائيندو سو دلائي لاما جي تبت جيان دنيا جي نقشي تان ميساربو ويندو. اهو ئي فطرت جو قانون آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو