Home / اسپيشل افيئر / ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا انور پيرزادو: نه وسرڻ جهڙو ماڻهو!
above article banner

ورسيءَ جي موقعي تي ڀيٽا انور پيرزادو: نه وسرڻ جهڙو ماڻهو!

احمد سليم

jan-50

“سو ڀو به هليو ويو” “سوڀو ڪير”؟

اڙي سوڀي کي نه ٿا سڃاڻو، سوڀو گيانچنداڻي” هو جيڪو …..”

اها يقين ۾ نه ايندڙ ڳالهه ٻولهه جن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ٿي، انهن ۾ هڪ آءُ هئس، ٻيو صاحب هڪ ترقي پسند اديب آهي ۽ پاڪستان ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ليڪن مون کي وڌيڪ عجب تڏهن ٿيو جڏهن ان دوست ڳالهين ڳالهين ۾ انور پيرزادي جو ذڪر ڪيو ۽ 1971ع جي حوالي سان سندس جرئت ۽ بهادري جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهه ٻڌندي مون کي لڳو ته جيڪڏهن انور پيرزادو کي اها خبر پئي ته جيڪو شخص سندس تعريف ڪري رهيو آهي اهو سوڀو گيانچنداڻي کي نه ٿو سڃاڻي ته هو چئي ڏئي ها ته: “ جيڪو شخص سوڀو گيانچنداڻي کي نه ٿو سڃاڻي ان کي منهنجي تعريف ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي” ۽ اها ڳالهه انور پيرزادو ئي چئي سگهيو ٿي. سنڌ انسانيت کي انمول سوکڙيون ڏنيون آهن، انهن مان آءُ هن وقت فقط ٽن جو ذڪر ڪندس، موهن جو دڙو، سوڀو گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادو.

انور پيرزادو پنهنجي ڄمڻ کان پنهنجي موت تائين هر معاملي ۾ مون کان اڳيان رهيو. هو 25 هين جنوري 1945ع تي پيدا ٿيو. منهنجي ڄمڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڄمڻ سبب هو منهنجو سينيئر هو ۽ زندگي جي 62 سالن جو سفر مڪمل ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ 7 جنوري 2007ع تي خاموش ٿي ويو، بلڪه اينگلز جي لفظن ۾: اسان جي دور جو سوچيندڙ هڪ حساس ذهن خاموش ٿي ويو.

اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته انور سان پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿي ليڪن جڏهن به ساڻس ملاقات ٿي ته هو مون لاءِ اجنبي نه هو. اندازي سان چئي سگهان ٿو ته 60 جي ڏهاڪي جي آخري ٻن ٽن سالن ۾ ساڻس ڪراچي ۾ ملاقات ٿي هئي. اها منهنجي ۽ انور جي انقلابي رومانوي زندگي جي ڀرپور شروعات هئي.پوءِ آءُ سندس بابت پڙهندو ۽ ٻڌندو رهيس. جولاءِ 1969ع ۾ سنڌ ۾ هئس جڏهن ٻي فوجي آمريت مڙهجڻ کي ڪجهه مهينا مس گذريا هئا، يحيٰ خان ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ 15 ورهين کانپوءِ سنڌ سميت اولهه پاڪستان جي سمورن قومي صوبن کي پنهنجي سڃاڻپ واپس ملي وئي. آءُ سکر، لاڙڪاڻي کان ٿيندو حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ کانپوءِ ڪراچي پهتس. ان سڄي عرصي ۾ انور سان ڪٿي به ملاقات نه ٿي. مون کي ٺيڪ طرح سان ياد ناهي ته هُن، ڪڏهن ايئرفورس جوائن ڪئي ليڪن گهڻو ڪري انهن ئي سالن ۾ هو فوج سان لاڳاپجي ويو هوندو. اسان جي ڀرپور ملاقاتن جو سلسلو، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو جڏهن 1976ع ۾ مون سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪئي. اتي منهنجو بنيادي ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي پنجابي ۾ ترجمو ڪرڻ هو. سوڀو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙا قد آور ماڻهو موجود هئا، ليڪن انور سان ڪجهه ملاقاتن دوران شاهه بابت جيڪي بحث ٿيا اهي شاهه ۽ سندس دور کي ئي نه بلڪه سموري انسان ذات کي سمجهڻ لاءِ ڪافي هئا.

ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي دور جي وقت جي گرفت ۾ نه ايندا آهن، اهي وقت کان مٿي پرواز ڪندا آهن، انور انهن مان هڪ هو. هو جهڙي دنيا پنهنجي لاءِ ۽ ٻين ماڻهن لاءِ چاهيندو هو، اهڙي ئي دنيا هن “ٻلهڙيجي“ ۾ ئي قائم ڪري ڇڏي هئي. هو ٻلهڙيجي نالي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، موهن جو دڙو کان فقط ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ليڪن انور ٻلهڙيجي جي مٽيءَ تي پنهنجا پير گهمايا ته اهو ڳوٺڙو هڪ ڪائنات بڻجي ويو. اهڙو هنڌ جنهن موهن جو دڙو مان پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪئي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي سڃاڻپ به عطا ڪئي.

انور پنهنجي ڳوٺ جو پهريون ماڻهو هو جنهن ڳوٺ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ ڪامياب جدوجهد ڪئي، ٻلهڙيجي جون اهي عورتون اسان جي دور جو سڀ کان وڏو سچ آهن. انور کين تعليم جي زيور سان سينگاريو، انهن مان جنهن جو به نالو وٺان اها پنهنجي وجود ۾ منفرد مثال آهي. ڊاڪٽر زبيده جيڪا انور جي ڪوششن سان ڳوٺ جي پهرين ليڊي ڊاڪٽر بڻي، هن ڳوٺ جي ماڻهن جي خدمت ڪندي زندگي گذاري ڇڏي ۽ هاڻي سندس نالي پٺيان هڪ شمع روشن آهي، ڊاڪٽر زبيده ميموريل اسپتال جي صورت ۾. ميران جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هوءَ سنڌي نظم جي بهترين شاعره بڻجي اڀري آهي، وري جيڪڏهن سندس وڏي ڀيڻ بهشت پيرزادو جو نالو کڻان ته جنهن علم پکيڙڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ۽ پرنسپل جي عهدي تائين پهتي.

انور سڄي زندگي سنڌي ادبي سنگت کي اڳتي وڌائڻ ۽ ادب جي ترقي پسند تحريڪ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو، علائقي جي مخصوص حالتن سبب هن ڳوٺ ۾ عورتن لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪرائي. سنڌي جي سٺي شاعره ملڪان پيرزادو سنگت جي سيڪريٽري شپ سنڀالي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪم جي ڪري عورتن جو آواز سامهون اچڻ لڳو. انور جي زندگي ۾ اهو انقلاب ڪيئن آيو ۽ هو ايئرفورس جي هڪ آفيسر مان انقلابي ڪيئن بڻيو؟ ان جي شاهد سنڌ جي مٽي به آهي ۽ سنڌ جو پاڻي به، ليڪن ان جي شاهدي مان هڪ پنجابي اديب جي ناتي پنهنجو نالو شامل ڪري ڏيڻ چاهيان ٿو.جڏهن 1971ع ۾ مون پنهنجي پنجابي نظمن ذريعي بنگالي عوام جي قتلام تي احتجاج ڪيو ۽ مون کي جيل ۾ وڌو ويو ته آءُ اڪيلو قيدي نه هئس، پاڪستان جي سمورن صوبن مان اهي آواز بلند ٿي رهيا هئا، شاعر اديب، دانشور، سياسي ڪارڪن، صحافي ، وڪيل ۽ ٻيا باضمير شهري انهي وٺ پڪڙ جو نشانو بڻجي رهيا هئا. مون کي جيل ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي گرفتاري جي خبر پئي ليڪن انور ڪڏهن ۽ ڪيئن گرفتار نه ٿيو اها ڳالهه مون تائين نه پهچي سگهي. گهڻو پوءِ پنهنجي آزادي کانپوءِ جڏهن آءُ سنڌ آيس ته دوستن کان ان جا تفصيل معلوم ڪيا.

انور هڪ حساس ۽ نظرياتي نوجوان هو، هو فوج جو حصو بڻجي ان ظلم ۽ ڏاڍ جو حصو نه ٿي بڻجي سگهيو، جيڪو بنگلاديش جي عوام تي ٿي رهيو هو. اهاڳالهه هاڻي سڀ ڄاڻين ٿا ته هن هڪ دوست جي نالي خط ۾ ڪيئن فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي ۽ شيخ مجيب کي بنگالي عوام جو عظيم ليڊر قرار ڏنو. اهو خط ڪيئن پڪڙيو ويو، ڪيئن سندس گرفتاري ٿي، ڪورٽ مارشل ٿيو. ستن ورهين تائين سخت پورهئي سان قيد جي کيس سزا ٻڌائي وئي، پوءِ ڪيئن اها سزا گهٽجي ست مهينا ٿي وئي؟ اهي سڀ تفصيل نهايت اهم آهن ۽ انهن کي تفصيل سان تاريخ جو حصو بڻجڻ گهرجي. ليڪن ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته انور ان سڄي صورتحال جو ڪيئن نه بهادري سان مقابلو ڪيو.

هن واقعي انور جي زندگي جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي جيڪو ڪجهه سندس زندگي تي گذريو هو ۽ جنهن وقار ۽ حوصلي سان هن ان کي منهن ڏنو هو اهو سندس شاعري مان جهلڪي ٿو، سندس نظم“ 26 مارچ 1971ع” سندس نطرياتي لهجي ۽ ڪميونسٽ آڌرشن جي پڪي شاهدي ڏئي ٿو. نظم جي آخري بند ۾ هن چيو هو.

سرخ پرچم، لهرائيندا

شهيدن جو رت صدين تائين زنده رهندو

جيئرو جاڳندو رت

رت جو اهو کيڏاڙ اسان کي پنهنجي منزل تائين پهچائيندو

سرخ انقلاب تائين!

ٻه دور اهڙا آهن جن ۾ اسان هڪٻئي کي تمام ويجها رهيا سين ۽ اهو وقت آهي 1978، 88ع جو جڏهن آءُ ڪراچي ۾ رهندو هئس. ضيا مارشل لا مڙهجڻ کانپوءِ جڏهن آءُ سنڌ يونيورسٽي ڇڏي ڪراچي آيس ته مون کي روسي سفارتخاني جي سڌ سماءُ واري شعبي ۾ نوڪري ملي وئي. هتي انور هو، عنايت ڪاشميري، شاهد حسين هو، نجمه بابر ۽ رئوف وارثي هئا، شاهد حسين، ڪراچي ۾ خبر ناهي ڪهڙي حال ۾ آهي رئوف وارثي تمام گهڻو ڏور اولهه جي ڪنهن ديس ۾ پنهنجون يادگيريون ڳولهڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي، نجمه بابر، عنايت ڪاشميري ۽ انور پيرزادو مٽيءَ ۾ مدفون ٿي چڪا آهن. آءُ نجمه بابر سان ڪيل ڀوڳ، عنايت ڪاشميري سان ڪيل جهيڙا ۽ انور جي وڻندڙ مسڪراهٽ ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، اها مسڪراهٽ هميشه سندس مک تي رهندي هئي. ان مسڪراهٽ پٺيان سندس دل جو وڏو درد هوندو هو. هڪ ڏينهن 1971ع جو ذڪر نڪري پيو، هو پنهنجو پاڻ بابت گهڻو نه ڳالهائيندو هو. منهنجي ڳالهه ٻڌي مسڪرائي چيائين ته “ هُتي لکين ماڻهو شهيد ٿيا ان جي مقابلي ۾ اسان جي قرباني ڇا آهي. ننڍڙو قيد…”

مون کي خبر هئي ته سندس صحت جي مسئلن جو تعلق 1971ع جي واقعن سان آهي، ان جي قيد وارن ڏينهن سان آهي، ليڪن هن ڪڏهن به اها ڳالهه زبان تي نه آندي، هو ايمانداري سان سمجهندو هو ته هن بنگالي عوام جي حق ۾ آواز بلند ڪري سندن مٿان ڪو احسان نه ڪيو بلڪه پنهنجو فرض ادا ڪيو هو. هڪ شاعر هئڻ جي ناتي، هڪ شاعر، هڪ انسان ۽ هڪ انقلابي هئڻ جي ناتي.

افغان انقلاب پاڪستاني نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو اهڙن نوجوانن مان انور به هڪ هو، ڪڏهن ڪڏهن سندس رويو تنقيدي ٿي ويندو هو ليڪن هو اهو به چوندو هو ته پاڪستان لاءِ ان ۾ ڪيترائي سبب آهن هو سوڀو گيانچنداڻي کي پنهنجو گُرو سمجهندو هو، شيخ اياز کي عظيم شاعر مڃيندو هو ليڪن هن جي نظرياتي ڪمزوري کان خائف هو. فيض جي شاعري کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو ليڪن سندس خيال هو ته فيض جيڪڏهن پنجابي ۾ لکي ها ته وڌيڪ عوامي شاعر هجي ها. افغانستان ۾ سوويت فوجن جي اچڻ کان پوءِ ڪراچي جي روسي اطلاعات واري شعبي کي بند ڪيو ويو، ان نوڪري ۾ هونئن به اسان ڳجهن ادارن جي ڇانو ۾ آفيس اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ مجبور هئاسين. هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيو ۽ هاڻي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رستن تي اچي وياسين.

انور سڄي زندگي ڪم ڪيو جيڪڏهن هو اڄ اسان جي وچ ۾ هجي ها ته اسان 25 هين جنوري تي سندس 70هين سالگرهه ملهايون ها ان کانپوءِ سندس ڪارنامن جو ذڪر ڪيون ها. سندس ورسي جي موقعي تي هن جي لازوال ورثي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي سندس زندهه ورثي ۾ سندس پنهنجي ڪٽنب جا ايترا نالا آهن جن جي ڳڻپ مشڪل آهن، ٻلهڙيجي کي هن ڪيترائي استاد، ڊاڪٽر، شاعر، اديب، صحافي ۽ انقلابي اڳواڻ ڏنا، ڪنهن ڪنهن جا نالا وٺان، اهي سڀ منهنجا پنهنجا آهن. شاهه محمد، عبدالحق پيرزادو، زرار، شاعرن ۽ دانشورن ۾ ملڪه، فيض، شاهه محمد، امر، زيد، مسرور- ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ انور جي ترقي پسند روايت کي اڳتي وڌائيندا ٿا رهن. الطاف، محب، لطف پيرزادو مطلب ته پورو ڳوٺ ۽ ڳوٺ کان ٻاهر ڪيترائي ئي نئين ۽ پراڻي نسل جا ماڻهو انور پيرزادي جي روايتن کي امين بڻجي روشن رکيو اچن ٿا.

ان روايت کي وڌيڪ زندهه بڻائڻ لاءِ ٻلهڙيجي ۾ انور جي نالي سان هڪ ريسرچ سينٽر يا ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورا ڪاغذ، خط، آرڪائيوز، ڪتاب، مسودا ۽ ٻيون شيون محفوظ ڪيون وڃن. ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته سندس شخصيت ۽ ڪم جي حوالي سان سندس تفصيلي آٽو بايو گرافي ترتيب ڏئي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ شايع ڪيون وڃن ۽ ان ڪم ۾ سندس پراڻن دوستن کان مدد حاصل ڪئي وڃي، ايئن نه ٿئي جو دير ٿي وڃي ۽ انور بابت ٻڌائڻ وارا دوست به خاموشي سان مٽيءَ ۾ مدفون ٿي وڃن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو