Home / اسپيشل افيئر / پيترڪ موديانو وڏا شهر يا وڏا ڳوٺ؟
above article banner

پيترڪ موديانو وڏا شهر يا وڏا ڳوٺ؟

Irshad Memonگذريل ڀيري، 2014ع ۾ نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ليکڪ پيترڪ موديانو جي اسٽاڪ هوم ۾ ڪيل تقرير مان سندس چونڊ ويچار پيش ڪيا ويا. هن ڪيترائي اهم نڪتا اٿاريا آهن. پاڻ اربن دنيا جو اديب آهي. پنجاهه سالن کان مٿي عرصو لنگهيو آهي جو موديانو، پيرس شهر کي اچرج وچان نهاريندو، ڦلهوريندو ۽ تحرير هيٺ آڻي پيو. ياد رهي ته اهي لکڻيون، گهڻي قدر ناول، فرئنچ ٻولي ۾ آهن ۽ هاڻ انگريزي روپ وٺن پيون. پڙهندڙن کي سَو احساس پڻ ڏيارجي ته نثر جي باقي صنفن جي ڀيٽ ۾ فڪشن سرجيندڙ قلم ڪار جو دماغ مختلف انداز ۾ عمل ڪندڙ هجي ٿو. ان لڏي ۾ وري ناول نگار نرالي مخلوق سڏجي. مضمون نويسي خارج مان اوتار وٺي. افسانو ۽ خاص طور تي ڊگهي ڪٿا، ناول ظاهري دنيا ۾ پيش ايندڙ وارتائن طرف تخليقڪار جو شخصي رد عمل ڪوٺجن ته غلط نه هوندو. سندس هنرمندي اها ته هُو باطني ڀونچال کي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ، ڪردار جي بدبختي ڪري پڙهندڙ سامهون آڻي سگهڻ ۾ سدا سڦل پسجي.

دنيا جي چئن پنجن ڪلاسيڪي ناول نگارن جي ڪم جو جائزو وٺجي. هو اربن ماحول مان اُتساهه وٺندڙ لڳن. سندن پلاٽ کي وشالتا شهري روڊ رستن، گهٽين دڪانن، نت نئين فيشن، اتي ڳالهائجندڙ ٻولي ۽ ٻاهران ايندڙ رول انسان بخشين. موديانو ڌرتيءَ جي گولي تي موجود اجگر جهڙن وڏن شهرن ڏانهن حيرت سان نهاريندي سندي نوبيل ليڪچر ۾ مهان اديبن جي پنهنجي پنهنجي وسنديءَ سان خاص نسبت ڏانهن اشارو ڪري ٿو-بالزاڪ ۽ پيرس، ڊڪنس ۽ لنڊن، دوستوئسڪي ۽ پيٽرز برگ، ڪافو ۽ ٽوڪيو، جلمار ۽ اسٽاڪ هوم. پاڻ اهڙي اربن مرڪز کي ناولسٽ جي کيتيءَ جو نالو ڏنو اٿائين. جتي موجود مصنف هر پاسي هَرُ هلائي، کيڙي ڪري نوان فصل اُپائي ٿو. سَڱَ ڪڍي سَا پوک جاهل مخلوق کي جيئندان جي سگهه عطا ڪري. فضيلت ڀريا ڏَانوَ سيکاري. ڏيڍ سو سال لنگهيا آهن. ناٽڪ جي منڊليءَ ۾ سڀ کان پُر اثر آکاڻيون ناول جي پيٽ مان ئي ڪڍيون وڃن ٿيون. موديانو جاسوسي ۽ پُر تجسس ڪتاب لکڻ جو جُنون رکي. عجب نه وٺي ته ايندڙ وقت منجهه هالي وُوڊ جون ٿِرلر فلمون سندس ڪٿائن تي آڌاريل مِلن. ماريو پُوزو جي گاڊ فادر کان سرس ڪهڙو مثال ڏجي.

jan-46

مانوارا پاٺڪ! هن مختصر لکڻيءَ ۾ توکي اِن ڳالهه جو احساس ڏيارڻو آهي ته ڪنهن به شخص جي ذاتي اوسر ۾ ميگاسٽي سان هُن جي تعلق جو ڪيترو دخل آهي. آرٽ سان واڳيل ارواحن کي تو لنگهي ۽ عرضي نويس کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانهي ڏني. اهي منش اٿئي جي پختي بنيادن تي اربن ٿيڻ لاءِ گهربل مدد آڇي سگهن. ٺڙڪ ٺڳي، واپار ۽ جڳاڙ تي مبني هاڻوڪا وڏا شهر آهن، جن طرف آڱر کڻندي موديانو خيال ونڊي ٿو-ويهين صديءَ جي آخر تائين وڏا شهر فولادي طرح جي سماجي اڏاوت رکندڙ هئا. جنگ ۽ جدل جو مکيه نشانو. ڪاهون ٿين. بَمَ ڪرين. باهيون آين. قبضي هيٺ اچي موت جا هيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏٺائون. صاف آسمان تي سورج نڪرندي پَرَ اُهي، سرنهن جي ڦلهار وانگر جِهنجهي ٻيهر آباد ٿيندا رهيا. بيماريءَ جي وَبَا کان وٺي ائٽمي حملن تائين ٽارگيٽ، اربن علائقا ٿيا. اُتي رهندڙ انسانن وري وري رونقون بحال ڪرڻ جي طاقت جو مثالي مظاهرو ڪيو. تنهن نوع جو ٻَلُ ٻهراڙين منجهه ورلي پسجي.

جهنگ جهر ۾ ڇا آهي؟-حُسن، سادگي ۽ اٻوجهائپ. اُتي رهائشي آدمين ڪاڻ معصوميت جو معيار سي خصلتون آهن. يورپ کان وٺي ڏور ايشيا تائين ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ سرجندڙ ناول جماليات جا ڀنڊار چئجن. ٻوليءَ کي بهتر ڪرڻ ۽ ابتدائي تربيت واسطي انهن جي مطالعي مان لاڀ جو مَٽُ ڳولهيو ڪين ملي. تنهن جي اُبتڙ تڪڙي ترقي ۽ نوان ماڳ تلاشڻ واري اڄوڪي دور ۾ رومان جي سگهه گهرجي ٿي.جمال زندگيءَ کي ماڻڻ سندي عياشي ڪوٺجي ته رُومان مهم جوئيءَ ڏانهن مائل ڪندڙ ڏانئڻ. ٻه صديون پهريائين ڪَرُ کڻندڙ راڪاس جيڏا وڏا شهر خُود ۾ دلڪشي ضرور رکن پيا. ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ وڌندڙ سي هستيون انسان کي ايڊوينچر ڪرڻ لاءِ اُڪسائينديون رهيون. عمارتون ئي عمارتون.ماڻهو ئي ماڻهو. ڳليون، چوڪ. ريل ۽ سُرنگهون. مُنجهيل سُٽ مثل لقاءَ ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار موديانو آدميءَ سان پيش ايندڙ تعدين طرف شخصي رد عمل کي قلم جي چُهنب تي آڻي ٿو. تحرير جا بعد ۾ ناول سڏي ويندي. ايئن جيئن بالزاڪ، ڊڪنس، دوستوئسڪي ۽ ٻين ڪيو.

اتهاس وٽ ماڻهوءَ ڪاڻ اڃا ٻي نحوست آهي. ويهارو کن ميگاسٽي ڪوٺائيندڙ وسنديون، گذريل پنج ڏهاڪن اندر نڪور مُهانڊو وٺن ٿيون. معاشي بدحالي ۽ اچ وڃ جي ذريعن ۾ واڌ سبب ڏَانهن آدمُ چقمق جي ڇڪ وانگر ڌوڪيندو آيو. ڪچي آباديءَ جي لقاءَ جنم ورتو. نسلي، لساني ۽ رنگ جي ڀيد جي بنيادن تي تضادن ڪنڌ کنيو. عقيدي جي ٽڪراءَ دنيا جي وڏن شهرن کي تاراج ڪرڻ شروع ڪيو آهي. گينگ وار، ڀتي خوري، قتلام، امن امان جا مامرا. نائن اليون جو واقعو ڪندڙ ڏوهارين مذهبي مول متن جو ڪيترو به پُورائو ڪيو هجي. کين سياسي حاصلات ڪهڙي به ٿي هجي. تنهن ڏيهاڙي بعد ڌرتيءَ جي گولي تي چند پر روشن اربن مرڪزن کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو. جن شهرن جا رهواسي کير سان ڌوتل رستن تي گهمندا هئا، اتي دهشت، ٽَيررَ ڌاڪو ڄمايو. ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇرڪڻ لڳو آهي.

نئين دهلي ۾ عورتن سان زوري زنا، ڪراچي ۾ لساني فساد، ٽوڪيو منجهه سُوناميءَ جون تباهه ڪاريون. لنڊن بم ڌماڪن جي وَر، اسٽاڪ هوم ۾ مسجدن تي حملا. نيويارڪ دهشت گردن جو مُک ٽارگيٽ. بئنڪاڪ، مُمبئي جنسي تسڪين جا وسيلا. جڳ جهان جون اربن وسنديون رُومان کان خالي ٿينديون پيون وڃن. اڃا تازو جُڙندڙ مرڪز مثال دُبئي ۽ سنگاپور ۾ سڀ ڪجهه آهي. منجهن رومانٽڪ ڪجهه به نه آهي. ڄاڻايل ماڳن ۾ معاشرو ايئن پختي بنيادن تي اوساريل ڪين چئجي جيئن بالزاڪ جي وقت ۾ پيرس، ڊڪنس ۽ دوستوئسڪي لاءِ لنڊن ۽ پيٽرس برگ هئا. جلمار جي شهر اسٽاڪ هوم ۾ ڌرمي عناد جا ڀڀڙ پيا ٻرن. ٻهراڙيون هميشه وانگر اونداهه ۾ گهيريل آهن. سندن پاڙي ۾ چمڪندڙ ميگاسٽي موت ۽ ڊپ ڪارڻي کنڊرات جي شڪل پئي وٺي. شهر هاڻ شهر نه پر وڏا ڳوٺ آهن. سندن چوڌاري بنا رٿا بنديءَ جي آباد ڪچيون ڪالونيون بجلي، پيئڻ جي پاڻي، ٻارڻ، پڪن رستن ۽ مالڪاڻي حقن کان وانجهيل علائقا چئجن. جتي رهندڙ انسان ٻهراڙيءَ واري زندگيءَ کان به بُڇڙي حال ۾ آهن.

ماڻهوءَ جي سڀيتا ۾ حاصلات راڪاس جيڏا وڏا شهر رومان جي سگهه کان خالي آهن. اُهي ناول نگار جي کيتي ٿيڻ لائق نه بچيا آهن. موديانو جي ڏک کي سمجهي ڪوئي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو