Home / اسپيشل افيئر / چارلي رند ۽ چارلي ايبڊو!
above article banner

چارلي رند ۽ چارلي ايبڊو!

سو پيرس ۾ چارلي ايبڊو تي حملو ٿيو ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن گڏ ٿي پيرس شهر ۾ “ايڪتا” جلوس ڪڍي تاريخ ٺاهي ڇڏي ……. چارليءَ تان ياد آيو، آئون ڪوئيٽا جي ٽيڪسي اڏي تان ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري اوستا محمد وڃي رهيو هئس ته ڪولپور ڪراس ڪرڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڊرائيور کي “سوم رس” پيتل هو جنهن کي سنڌيءَ ۾ داروُ سڏين ٿا. سبي پهچي هن چيو ته کيس ٿورڙو ڪم آهي. ٿوري دير کان پوءِ هن وري اچي 82 ماڊل ڪورولا کي گيئر ۾ وڌو ته آئون سمجهي ويس ته هو پنهنجي رهيل ڪوٽا وٺڻ ويو هو جيڪا ڳالهه هن مڃي به ورتي. هن پنهنجو جيڪو نالو ٻڌايو سو ته آئون ڀلجي ويو آهيان پر مون کي ياد آهي ته هو رند هو ۽ سڄي ڪوئيٽا ۾ “چارلي” طور مشهور هو. ظاهر آهي ته “سڄي ڪوئيٽا” جو مطلب “ڪوئيٽا ٽيڪسي اسٽينڊ” هو.

jan-15

ڪورولا سپر پيٽرول پيئندي رهي ۽ چارلي ڪوئيٽا ڊسٽلري جي بيسٽ پراڊڪٽ Booths، جيڪا بقول سندس ايڪسپورٽ ڪوالٽي جو برانڊ هئي (۽ هاڻي اڻ لڀ آهي). گهاٽن اڇن وارن وارو چارلي سفر جي هر ڪلوميٽر سان لاڳاپيل بلوچ تاريخ ٻڌائيندو هليو ۽ ساڳئي وقت اهي خبرون به جيڪي روزنامه ”آساپ“ ۾ ڇپجنديون هونديون پر اهي بلوچستان کان ٻاهر نه وينديون هونديون. “آساپ” (آس+آپ جو مطلب “باهه + پاڻي”) آهي. آساپ جيئن ته سنڌي اخبار ڪانهي تنهن ڪري ورهيه ٿيا ان تي بندش پيل آهي. هن ٻڌايو ته ڪيئن هڪ ننڍڙي ڳالهه تان رند رئيساڻي دشمني شروع ٿي ۽ ڪيئن اڌ بلوچستان هڪ پاسي ۽ اڌ ٻئي پاسي ورهائجي ويو ۽ هزارين بلوچ مارجي ويا. چارليءَ کي بروهين سان ڪا خاص “رغبت” هئي. هن ٻڌايو ته اڪبر خان بگٽي بروهين لاءِ چوندو هو ته جيڪڏهن لاري اڏي تي ڪنهن بروهيءَ جو پٺاڻ اسٽارٽرن سان جهيڙو ٿي پوي ته بروهي روئيندا ايندا هئا ته سائين اسان بلوچ آهيون ۽ اسان سان ظلم ٿيو آهي جنهن تي بلوچ واهر ڪري پٺاڻن کي ڀڄائي اڏو وري بروهين جي حوالي ڪندا هئا. جيئن ئي صورتحال نارمل ٿيندي هئي ته بروهين کان پڇبو هو ته بابا ڪير آهيو ته چوندا هئا ته اسين بروهي آهيون.

چارلي ٻڌايو ته کيس لڳي ٿو ته بروهي ٻوليءَ جو انگريزيءَ سان ڪو خاص تعلق آهي. تعلق اهو ٻڌايائين ته ٻنهي ٻولين ۾ “اِنگ اِنگ” گهڻي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. هن اهو به چيو ته سنڌي ٻوليءَ سان به بروهيءَ جي مائٽي آهي. لفظ “مستونگ” جو مثال ڏيندي ٻڌايائين ته بروهي ٻوليءَ ۾ “مس” جي معني آهي پهاڙ ۽ ٽُنگ جي معنيٰ آهي سوراخ. اشارو چلتن جي پهاڙ ۾ جيڪو درو يا گذرگاهه آهي، تنهن ڏانهن هو. سو مستونگ بنيادي طرح مس+ٽُنگ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ٽُنگ لفظ مروج آهي. سرديءَ کي بلوچيءَ ۾ “سارتي” چوندا آهن. ۽ “مروشي سارتي اِنت” جو مطلب آهي “اڄ رات سيءُ آهي!” “جوڙ اِنت” جو مطلب آهي “خوش آهين يا آهيان” ۽ “جوڙ” لفظ سنڌيءَ ۾ به هلي ٿو. “جوان اِنت” جو مطلب آهي “مزي ۾ آهي يا آهيان.” مثال طور “موسم باز جوان اِنت!” “موسم واهه جو آهي!” ڪنهن به ايڊريس لاءِ ڪمپائونڊ لفظ “ڊس نشان” آهي ۽ “ڊس” اهو لفظ آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ “ڏس” آهي. گوادر در اصل “گوات+در” آهي. گوات معني هوا ۽ در معني در. يعني “هوا جو در.”

هن کي شڪايت هئي ته بروهي ــ بلوچ ورهاست بلوچ سياست کي به ورهائي ڇڏيو آهي. بي اين پي مينگل نيشنل پارٽيءَ کان ان ڪري الڳ ٿي جو بي اين پي ۾ بلوچي ڳالهائيندڙ بلوچ هئا ۽ نيشنل پارٽي ٺيٺ بلوچن جي پارٽي هئي. پر هن اهو به اضافو ڪيو ته نيشنل پارٽي ٺيٺ بلوچن جي “ڀاڙي” پارٽي آهي جيڪا پارٽي گهٽ ۽ اين جي او وڌيڪ آهي.

چاڪر ۽ بجار جي لڙائيءَ جو “اکين ڏٺو” احوال پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چاڪر رند جي حڪمت عملي اها هئي ته لاشارين جيEthnic Cleansing (نسل ڪشي) ڪئي وڃي. هڪڙا لاشاري مارجي ويا ۽ ٻين ڪوهه سليمان اُڪري وڃي پنجاب جي ميداني علائقن ۾ پناهه ورتي. قيد ڪيل لاشاري عورتن لاءِ هدايتون پڇيون ويون ته چاڪر چيو ته انهن ۾ جيڪي غير شادي شده هجن تن سان نڪاح ڪيا وڃن ۽ ٻين کي ڇڏي ڏنو وڃي. پڇيو ويو ته انهن لاشاري عورتن لاءِ ڇا حڪم آهي جيڪي اڳ ئي پيٽ سان آهن. حڪم ٿيو ته انهن کي ڇڏي ڏنو وڃي ۽ سندن هرڪا مدد ڪئي وڃي ته اهي ٻار ڄڻين ته جيئن لاشارين جو نسل هلندو رهي ۽ دنيا کي خبر پوي ته چاڪر رڳو اهي لاشاري ڇڏي ڏنا هئا جيڪي مائرن جي پيٽ ۾ هئا. چارليءَ جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ لاشاري پنهنجي ذات ٻڌائڻ ۾ اڄ به حجاب ڪندا آهن، جڏهن ته عام بلوچ لاشاريءَ کي “لاشاري” نه پر “چُڪ لاشاري” سڏيندا آهن يعني “ٻار لاشاري”. اشارو مائرن جي پيٽ ۾ رهجي ويل لاشارين ڏانهن هو. ظاهر آهي ته پنهنجو لغارين ۾ ڇا وڃي، پر شڪر ٿيو جو چارلي لغارين جي باري ۾ ڪااندوهناڪ تاريخ ڪانه بيان ڪئي. هن البته اهو اعتراض واريو ته اها قوم “لغاري” نه پر “لــيغاري” آهي ۽ بلوچي ٻوليءَ ۾ “لــيغار” جو مطلب آهي ڌوڙ ڌڌڙ ۾ رهندڙ. وڌيڪ بيان ڪري ٻڌايو ويو ته ليغاري جيئن ته ڪڇيءَ جي ميدانن ۾ رهندا هئا جتي پاڻي بلڪل ڪونه هو ۽ رڳو پئي ڌوڙ اڏرندي هئي، تنهن ڪري سندن سڃاڻپ ليغاري بڻي. سولي (يعني حيدرآباد واري ادبي “کيتر” واري)سنڌيءَ ۾ “لــيغاريءَ”جو مطلب ٿيو “مٽيءَ هاڻا ماڻهو.”

چارليءَ ٻڌايو ته بلوچ دانشور صبا دشتياري چوندو هو ته “آئون مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ته پٺاڻ ڪڏهن ڪميونسٽ ٿي سگهي ٿو ۽ بلوچ مسلمان.” چارليءَ وڌيڪ فرمايو ته هڪ ڀيرو سنڌ جي ڪجهه ضلعن جي بلوچن کي احساس ٿيو ته هو بلوچ آهن، ڇو نه بلوچن جي وڏڙي اڪبر خان بگٽيءَ سان عيد ملي اچجي. سو هو سڀ گڏجي ساڻس عيد ملڻ ڊيري بگٽي آيا. ڪافي دير “جوڙ اِنت …. جوان اِنت” ٿيندو رهيو جنهن بعد اڪبر خان پڇيو ته بابا ڪهڙي پاسي جي بلا آهيو ته همراهن وراڻيو ته سائين سنڌ جا بلوچ آهيون. چيائين وڏي مهرباني جو آيا، باقي اسان کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏيو: “تمهاري لئي پيپلز پارٽي هي ڪافي هي!”

چارليءَ ٻڌايو ته سردار جو مطلب اهو شخص آهي جنهن سان ماڻهو پيار به ڪن پر ساڳئي وقت ان کان ڊڄندا به هجن. بلوچ نهايت پيار ۽ “پاٻوهه” وچان پنهنجي سردار کان ڊڄندا رهن ٿا. چارليءَ جا اقوال زرين ٻڌي مون کي نڪولو ماڪياويليءَ جي ڳالهه ياد آئي ته It is better to be loved rather than feared, but if we must choose between them, it is far safer to be feared than loved. (هونئن ته بهتر اهو ئي آهي ته ماڻهو اوهان کان ڊڄڻ بدران اوهان سان پيار ڪن. پر جيڪڏهن چونڊ ڪرڻي پوي ته خيريت اهو چونڊڻ ۾ آهي ته ماڻهو اوهان سان پيار ڀلي نه به ڪن پر اوهان کان ڊڄندا ضرور رهن.)

عاليجناب چارليءَ ٻڌايو ته ڪيئن سبيءَ پاسي جو سردار ڳالهين ئي ڳالهين ۾ پنهنجي ئي يارن تي شڪي ٿيندو هو ۽ کين مانيون ٽڪيون کارائي کانئن موڪلائي وڃي سمهندو هو ۽ رستي تي بيٺل ڏاڍا مڙس مهمانن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندا هئا. ٻئي ڏينهن سردار وري سندن تڏي تي پٽڪو ٻڌيو ويٺو هوندو هو. ڪيئن بختيار آباد ۽ مشڪاف ۾ هڪ اين جي او واري ۽ هڪ دانشور ماسترجي مهماني ڪئي ته ماني سردار پاران وئي هئي پر هاڻي اهي سرڪار هٿان لاپتا ٿيندڙ ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل آهن.

شمن ميراليءَ جي ڪيسيٽ ڪجهه کن لاءِ بند ڪندي ايف سيءَ جي هر چيڪ پوسٽ تي چارليءَ اهو ٻڌائي رستو ورتو ته هو جنرل عبدالقادر بلوچ جي گاڏي هلائي رهيو آهي. نصير آباد ۾ هڪ قبرستان جي پاسي مان گذريا سين هن سنگل ڪالم خبر ٻڌائي ته ڪيئن هڪ مولوي اتان لنگهندي هڪ تازي قبر ڏٺي ۽ ان تي فاتحه پڙهڻ بيٺو ته ڪاروڪاريءَ جي الزام ۾ مارجي ويو هو. اها قبر ڪنهن نوجوان مائيءَ جي هئي جيڪا ڪنهن بيماريءَ وگهي ان ئي ڏينهن جهان ڇڏي وئي هئي.

چارليءَ کي شڪايت هئي ته “ڪِليون” (ڳوٺ) هجن ته بس پٺاڻن جون. هڪ ته سندن علاقا ٿڌا، ٻيو ته اتي چشمن ۽ ڪاريزن جا پاڻي ٿا وهن سو ڳوٺ سرسبز ساوا رهن، ۽ ٽيون ته اها بلوچن جي ڀيٽ ۾ صاف سٿري قوم آهي جتي مکي مڇر ڪونهن ۽ ڳوٺ ۾ گهڙندي ئي گند ڪچري جي اروڙي توهان جو استقبال نٿي ڪري. سواءِ هربوئيءَ، هرنائيءَ ۽ خاران جي ڳوٺن جي باقي علاقن جا بلوچ انهن ٽنهي قدرتي رعايتن کان محروم آهن. باقي هن کي پٺاڻن تي ڪاوڙ هئي جيڪي سندس بقول بلوچن کي ماڊرن سڏين ٿا جو سندن مائين کي “ٿوري گهڻي” موبلٽي حاصل آهي. چارليءَ جو چوڻ هو ته بلوچ مائين جي حالت ته پٺاڻن جي شنواري رڍ کان به بدتر آهي.

بلوچن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي ٻڌائيندي چارلي Boothsجي پنٽ پوري ڪئي ۽ مون کي اوستي محمد پهچائي ڇڏيو.

سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي چارلي ايبڊو ۽ پيرس جي………

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو