Home / ايڊيٽوريل / ڇا ملٽري ڪورٽون  مسئلي جو حل آهن؟
above article banner

ڇا ملٽري ڪورٽون  مسئلي جو حل آهن؟

خبر ناهي ته ايڪيهين آئيني ترميم کانپوءِ موجوده سياسي سيٽ اپ کي ڪيترو سويلين سڏجي ۽ ڪيترو نان سويلين پر هڪ ڳالهه تي ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته اسٽيبلشمينٽ جي اقتدار تي ڪمزور ٿيندڙ گرفت کي هاڻ ڪنهن به طاهرالقادري يا عمران خان جي ڌرڻي جي ضرورت ناهي. نوازشريف سرڪار باقي مُدو ڏانوڻن ۾ گذاريندي. هاڻ هر طرف اسٽيبلشمينٽ جو بول بالا هوندو.

ملڪ ۾ مذهبي جماعتن جي سرپرستي ته اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي پاليسي رهي پر اسي جي ڏهاڪي کان پوءِ جهادي گروپ به اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوَ ۾ پلجڻ وٺڻ لڳا. اڄ ملڪ ۾ طالبانيت جو جيڪو به فروغ نظر اچي ٿو ان ۾ اسان جي پاليسي سازن جي ملي ڀڳت به شامل آهي پر پشاور ۾ آرمي اسڪول تي طالبان جي بربريت شايد پاليسي سازن جا ذهن جهنجهوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ ظاهري توڙي ڳجها حڪمران طالبان نما دهشتگردي مان جند ڇڏائڻ جو قطعي فيصلو ڪري چڪا آهن. اسان لفظ “شايد” جي گهرائي ۾ في الحال نه ٿا وڃڻ چاهيون.

jan-15-2015

هاڻ ملڪ ۾ فوجي ڪورٽون قائم ٿي ويون آهن جيڪي دهشتگردي بابت ڪيس ٻڌنديون ۽ سزائون ڏينديون. پر ڳالهه ايتري سادي ڪونهي. ملٽري ڪورٽون پارلياماني جمهوريت جي نفي آهن. پارلياماني جمهوريت ۾ انصاف جو پنهنجو مڪمل سرشتو ٿئي ٿو جنهن هيٺ سڀ نوعيت جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌا ۽ فيصلا ڪيا وڃن ٿا. ان حد تائين جو ملٽري سان لاڳاپيل ڪيس به ڪورٽن ۾ بحث هيٺ اچڻ لڳا ۽ عدالتون گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي پيٽيشنن تي ملٽري آفيسرن کي ڪورٽن ۾ سمن ڪرڻ لڳيون. پر هاڻ عدليه جي آزادي جو سوال پاڻ بحث طلب آهي.

چيو ويو ته سويلين عدالتي سرشتو دهشتگردن کي سزائون ڏيڻ کان لاچار آهي. عدليه چوي ته ڪيس وڙهڻ ۽ شاهد آڻڻ سرڪار جي ذميواري آهي. سرڪار نه مهل تي چالان پيش ڪري ٿي، نه جاچ صحيح طريقي سان ڪري ٿي، نه ڪاغذ پيش ڪري ٿي، نه شاهد پيش ٿين ٿا اسان خالي حوالن تي سزائون ٻڌايون ڇا؟ سرڪار جو موقف ساڳيو ته سويلين سرشتو دهشتگردن کان ڊڄي ٿو سو ملٽري ڪورٽون ئي مسئلي جو حل آهن. تنهن ڏهاڙي سپريم ڪورٽ جي هڪ جج ڪنهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪ ڏنو ته ،“ ڇا فوجي عدالتن ۾ ويٺل جج موجوده عدليا جي ججن کان وڌيڪ فرض شناس ۽ ذهين آهن جو اهي سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيندا؟”

جيئن چئبو آ ته نانگ جو ڏنگيل نوڙي کان به ڊڄي سو اسان جي مخلوق جيئن ته جنرل ضياالحق جي مارشل لا ڀيري ملٽري ڪورٽن مان ڏنڀيل آهي سو ان کي موجوده ملٽري ڪورٽن کي ڏسندي پنهنجا اهي ڏکيا ڏينهن ٿا ياد اچن، جڏهن مارشل لا جي مخالفت ڪرڻ ، ڪو نظم لکڻ يا پمفليٽ ورهائڻ جي نتيجي ۾ فوجي ڪورٽون سياسي ڪارڪنن کي سزائون ڏينديون هيون. ان زماني جون يادون رضارباني جهڙن سياسي ڪارڪنن جي ذهنن ۾ تازيون آهن تڏهن ته پارليامينٽ ۾ ايڪيهين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ مهل روئي ويٺا. خورشيد شاه ان کي نڪ ڪٽائڻ ڪوٺيو. پر حاصل مطلب ته ضيائي مارشل لا ڀيري ملٽري ڪورٽس مان وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيل پارٽي به ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو. چارٽر آف ڊيموڪريسي جيڪو نوازشريف لنڊن ۾ جلاوطني ۾ ويهي بينظير صاحبه سان صحيح ڪيو ان جي هاڻ ڇا حيثيت رهي؟ خبر ناهي بينظير صاحبه جيئري هجي ها ته ان تي ڇا ردعمل ڏيکاري ها؟ زرداري صاحب تي هونئن به ميار ناهي. جيڪو شخص سنڌ امڙ جي سينڌ وڌواه جهڙي بڻائي سگهي ٿو تنهن سويلين بالادستي جي خواب سان ويساه گهاتي ڪئي ته ڇا ٿيو؟

پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جو حل ڪورٽن ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ سان آهي يا اڃا ڪو ٻيو دڳ آهي جنهن تي هلندي ملڪ کي مذهب جي نالي تي ٿيندڙ رتوڇاڻ کان آجو ڪري سگهجي ٿو؟ اسان جي خيال ۾ جيستائين رياستي ادارا مذهبي سياسي گروهن جي سرپرستي ڪندا رهندا، جيسيتائين اسان جي پاليسي سازن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته سڀ قسم جا جهادي پاڻ ۾ سئوٽ ماسات آهن ڪو به سٺو طالبان يا مجاهد ناهي هوندو تيستائين دهشتگردي جي پاڙ نه ٿي اکيڙي سگهجي. طاقتور حلقا مذهبي گروهن کي پنهنجو اثاثو سمجهڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪن بلڪه ترڪ ڪن. سياست ۾ انجنيئرنگ بند ڪن. سياسي پارٽين جي جمهوري ڪردار کي کليل دل سان قبول ڪن. اوهان ڏسندئو ته چئن پنجن سالن ۾ دهشتگرد گروهن جي چيلهه ڄٻي ٿي ويندي. باقي کنڀين جيان ڦُٽيل جهادين مان ڪيترن جا سِر لڻندئو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو