Home / ڪئپيٽل افيئر / ڇا ملڪ ۾ مارشل لاءِ جي ريهرسل ٿي رهي آهي؟
above article banner

ڇا ملڪ ۾ مارشل لاءِ جي ريهرسل ٿي رهي آهي؟

A Reporter

جنوري جي پهريئن هفتي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينٽ مان هڪ ئي ڏينهن پاس ٿيل 21 هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ٿي چڪي آهي، پاڪستان بار ڪائونسل هڪ آئيني پٽيشن ذريعي ملڪ جي آئيني تاريخ جي انتهائي تڪراري ۽ ضروري قرار ڏنل هن ترميم کي بنيادي انساني حقن جي خلاف قرار ڏنو آهي، تحريڪ انصاف جو حامد خان هن اهم ڪيس ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جو وڪيل آهي، 3 رڪني بئنچ چيف جسٽس ، جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ هن ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ڪئي، وفاق ۽ صوبن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ٻي ٻڌڻي 12 فيبروري تي ٿيندي، امڪان آهن ته هن ڪيس جي فيصلي اچڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳي ويندا، هن ڪيس جو فيصلو جنهن به صورت ۾ اچي ، ٻنهي صورتن ۾ هن فيصلي جا اثر ملڪ جي سياسي منظر نامي تي اثر انداز ضرور ٿيندا،

پاڪستان ۾ فوجي عدالتن جي آئيني قيام واري فيصلي کان اڳ ۽ پوءِ ملڪ جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف آمريڪا ، برطانيا ۽ چين جا اهم دورا ڪري چڪو آهي، آمريڪا واري ڊگهي دوري بابت پارليامينٽ ۾ به سوال اٿي رهيا آهن ته پاڪستان جي عوام کي ٻڌايو وڃي ته آمريڪي قيادت پاڪستان جي سپهه سالار سان ڪهڙيون راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪيون؟

جيئن اڳ ٿيندو آيو آهي، هاڻي به ائين ئي ٿيندو، هن دفعي به عوام کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويندو، جيڪو ڪجهه ٿيندو اهو عوام ڏسندو، اسلام آباد جي سياسي توڙي دانشور حلقن ۾ اهو بحث بهرحال اڃا به جاري آهي ته ڇا جنرل شريف جا اهي دورا ملڪ ۾ ڪنهن نئين مارشل لاءِ جي لابنگ ڪرڻ لاءِ ته نه هئا؟ ان ئي بحث جي رد ۾ سامهون موجود ماڻهو اهو به چون ٿا ته مارشل لاءِ جي هاڻي ڪهڙي ضرورت آهي؟ فوجي عدالتن جي قيام جي سان ٻه طرفو سڄي نظام کي ڌڪ لڳو آهي، پهريون ڌڪ اهو آهي ته موجوده عدالتي سرشتي مٿان بي اعتمادي جو واضح اظهار آهي، ٻيو ڌڪ اهو آهي، ته سولين اختياري مڪمل طور تي چيلينج ٿي آهي، جڏهن ته ٻن سالن بعد جڏهن فوجي عدالتون پاڻ مرادو ختم ٿينديون ته ڇا ان وقت پاڪستان جو عدالتي سرشتو ايترو بهتر ٿي چڪو هوندو جيڪو دهشتگردن کي سزائون ڏئي سگهندو؟ جڏهن ته ان ئي سرڪل ۾ ٽيون ماڻهو ٻنهي جي دليلن کي رد ڪندي اهو چوي ٿو ته پاڪستان جو موجوده عدالتي نظام نه رڳو انتهائي ڪمزور پر سست به آهي، ان جو ڏوھ رڳو عدالتي سرشتي کي ڏجي ته اها به زيادتي آهي، پوليس جي جاچ جو نظام انتهائي نالائقي تي ٻڌل آهي، شاهدن کي تحفظ نه ملڻ سبب شاهد سامهون اچڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، جڏهن ته جيڪڏهن ڪي شاهد تيار به ٿين ته پوءِ اهي جڏهن ڪيس جي هر تاريخ تي صبح کان شام تائين عدالتن جي اڱڻن ۾ انتظار جي ذلت برداشت ڪن ٿا، جج خوف وچان اهڙا ڪيس نٿا هلائين تاريخون ڏين ٿا، ٻي شنوائي جي تاريخ ملڻ تي سندن پريشاني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو، جيستائين شاهد جي شاهدي رڪارڊ نٿي ٿئي تيستائين مٿس نه رڳو جوابدارن جو دٻاءَ رهي ٿو، پر معاشي ۽ سماجي عدم تحفظ کيس وڌيڪ هيڻو به ڪري ڇڏي ٿو، ان سڄي منظر نامي ۾ جيڪڏهن عدالتن مان دهشتگردي جي ڪيسن جا فيصلا نٿا اچن ته پوءِ ان ۾ ڪمي ڪيئن ايندي، ان ڪري فوجي عدالتن جو قيام ضروري آهي، هي اصل ۾ ٽيون دليل آهي،

jan 16

پاڪستان ۾ هن وقت هڪ ٻيو مونجهارو اهو به آهي ته ڇا واقعي پاڪستان جي رياست دهشتگردي جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تبديل ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ان جو جواب ڳولهجي ته سواءِ لاجوابي جي ٻيو ڪجهه به پلئه نٿو پوي،

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري اسان جي رياستي ادارن دهشتگردن جون نرسريون ٺاهي تيار ڪيون، هنن جو خيال هو ته انهن نرسرين مان پيدا ٿيل دهشتگردي جا نانگ اسان جي پاڙيسرين کي ڪکيندا، سڄي دنيا تي اسلام جو بول بالا ڪرڻ جي توسيع پسندانا خيالن جي نتيجي ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي هندستان دشمني تي بيٺل هئي ۽ آهي، اڄ پاڪستان جي انهي پرڏيهي پاليسي جو نتيجو هن ملڪ جو عوام لوڙي پيو، دهشتگردي جي خلاف پاليسي جي تبديلي جي حوالي سان هن وقت به جيڪو ڪجهه ٻڌايو وڃي ٿو ان ۾ ڪو هڪ سيڪڙو سچ هجي ته ٻي ڳالهه آهي، باقي ڪوبه فرق نه پيو آهي، ڳالهه اها آهي ته پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي، جڏهن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارڙن کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، هن واقعي جي سفاڪيت پاڪستان جي ماڻهن کي هڪ آواز بڻائڻ جو گس ته ڏنو، پر ان باوجود ماڻهن اها ڳالھ ضرور چئي ته “ جيڪڏهن اوهان جي اولاد جي شهيدن ٿيڻ کان اڳ ۾ اسان جي ٻچن جي مرڻ وقت اهڙي پاليسي جوڙي وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان جا ٻچا بچي وڃن ها” پر اسان جي مذهبي ۽ ڪجهه سياسي جماعتن جو اڄ به منور حسن جهڙوئي خيال آهي، جڏهن انهن کان پشاور سانحي بابت راءِ ورتي وڃي ٿي ته هو ان عمل جي کليل مخالفت بدران اهو دليل ڏين ٿا ته دهشتگردي جا سبب ڳولھيا وڃن، ٻين لفظن ۾ هو چون ٿا ته جنگ ۾ ائين ٿيندو آهي!!

اصل ۾ اهو ئي بحث آهي، جيڪو 12 فيبروري کانپوءِ سپريم ڪورٽ آڏو سامهون اچڻو آهي، هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن 21 هين ترميم کي سپريم ڪورٽ کي اڏائڻو هجي ها ته چيف جسٽس لارجر بئنچ قائم ڪري ها ۽ ڪجهه وڪيلن کي عدالت جو معاون مقرر ڪري ها، جيئن هن اهم ڪيس ۾ اهي وڪيل عدالت جي رهنمائي ڪري سگهن، پر هاڻي رڳو 3 رڪني بئنچ في الحال ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، جيئن فيصلي خلاف اپيل جي گنجائش موجود رهي، نامور وڪيل اعتزاز احسن جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته 12 فيبروري تي جڏهن هن اهم ڪيس جي شروعات ٿيندي ته حڪومت کي ڪجهه اهم نقطن تي پنهنجي پوزيشن نه رڳو واضح ڪرڻي پوندي پر ان لاءِ وزنائتا دليل ۽ انگ اکر به عدالت آڏو پيش ڪرڻاپوندا، جن ۾ پهريون نقطو اهو آهي ته ڇا هي جنگ اسان جي آهي يا آمريڪا جي آهي، ٻيو نقطو اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي اها جنگ اسان جي آهي ته پوءِ جنگ جي حالتن ۾ پاڪستان جي رياست کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن حڪومت عدالت ۾ ان ڪيس کي صحيح رخ ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ته ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ 21هين ترميم کي قبول ڪري وٺي ۽ اهڙي ريت فوجي عدالتن جي ڄڻ سپريم ڪورٽ مان توثيق ٿي ويندي، هن مرحلي تي سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت پاڪستان لاءِ وڏو چيلينج آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي رياست جي جنگ اهڙي ڌر سان آهي جيڪا بارود ۽ بندوق جي زور تي هن رياست مٿان قبضو ڪري پنهنجي مرضي جي شريعت مڙهڻ چاهي ٿي، هو پاڪستان ۾ جديد علم جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي، جديد دنيا سان هلڻ بدران هو هن رياست کي پوئتي ڌڪِڻ چاهي ٿي، ان ڪري اصل معاملو ته نظرياتي ويڙھ جو آهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ 21 آئيني ترميم کي اڏائي ڇڏي ٿي ۽ حڪومت اپيل ۾ وڃي ٿي ۽ لارجر بئنچ به 3 رڪني بئنچ جي فيصلي کي برقرار رکي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته ڪجهه “ٻيو“ ٿي پوي،

بنيادي ڳالهه پاليسي شفٽ واري آهي، جيڪا پاڻ مٿي ڪري آيا آهيون، عملي طور تي هن وقت جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي، ان مان ته واضح آهي ته ڪا پاليسي شفٽ نه ٿي آهي، سٺا طالبان يا جهادي اڄ به ساڳيون سرگرميون برقرار رکيو اچن، گادي واري شهر جي وچ ۾ موجود لال مسجد جو پيش امام مولانا عزيز واضح طور تي چئي چڪو آهي ته هو نه مٿس داخل ٿيل ڪيس ضمانت ڪرائيندو ۽ نه گرفتاري ڏيندو، حڪومت ۾ ٿوم آهي ته اچي کيس گرفتار ڪري، اهڙي ريت جماعت دعوا جو سربراھ حافظ سعيد به پنهنجيون سرگرميون جاري رکيو اچي، چئنلن تي هن جا انٽرويو آن ايئر ٿين پيا، سندس آرگنائيزيشن ساڳي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت چوي ٿي ته يو اين جي فيصلي جا پابند آهيون، پر ان فيصلي تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو اهو به سڀني جي سامهون آهي، لشڪر جهنگوي( پنجابي طالبان) جو سربراھ عصمت الله معاويه وهاڙي ۾ ويٺو آهي، مٿس ڪابه پابندي ناهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي ۽ هاءِ پروفائيل سلمان تاثير ڪيس ۾ هڪ نئون موڙ آيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس شوڪت عزيز صديقي( جنهن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي روز شيئر ٿين ٿا ،جنهن ۾ هو سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي عقيدت وچان چمي ڏئي رهيو آهي) تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ ممتاز قادري پاران کيس آيل موت جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، هن ڪيس ۾ گذريل هفتي لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس خواجا شريف، ممتاز قادري جي وڪيل جي صورت ۾ پيش ٿيو ۽ هن عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ نه سرڪار ۽ نه فريادي پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، ان ڪري اپيل تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪيو وڃي، عدالت سرڪاري وڪيلن کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي اهو چيو ته سدائين عدالتن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته اهي ڪيس تڪڙا نٿيون اڪلائين، اسان هن ڪيس کي روزاني جي بنيادن تي ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون، ان ڪري عدالت ٻن هفتن بدران هڪ هفتي جي مهلت ڏني ، اهي به اطلاع آهن ته هن ڪيس ۾ اهم رڪارڊ به گم ٿي ويو آهي، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي ميڊيا ۾ هن انتهائي اهم ڪيس بابت ڪابه ڳالهه نٿي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سلمان تاثير جي مخالف ڪيمپ ۾ موجود ڌريون ان ڪري وڌيڪ طاقتور آهن ته انهن جي پويان رياستي ادارا ڪڏهن سڌي ريت ۽ ڪڏهن اڻ سڌي ريت حميد گل جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن، ان ڪري ڪيئن چئجي ته رڳو کوھ مان 40 بالٽيون پاڻي ڪڍڻ سان پاڻي پاڪ ٿي ويندو، اهو پاڻي تڏهن پاڪ ٿيندو، جڏهن غلاظت ٻاهر ڪڍي ويندي، هن وقت ته رڳو پاڪستان جي رياست دهشتگردي جي کوھ مان بالٽيون ڀري ڪڍي رهي آهي،

تنهن ڪري اها ڳالهه چٽي آهي ته پاڪستاني جي اختيارين پاران دهشتگردن خلاف جيڪو جنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو پاڻ ڪنفيوزن جو شڪار آهي، 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارائڻ جي باوجود پاڪستان جي رياست سفاڪ قاتلن جي وچ ۾ متڀيد اختيار ڪندي اچي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو