Home / اسپيشل افيئر / ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي، جمهوريت ۽ امن: خواب کان حقيقت تائين
above article banner

ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي، جمهوريت ۽ امن: خواب کان حقيقت تائين

ناصر علي پنهور

عالمي سطح تي هاڻي ان ڳالهه کي تسليم ڪيو پيو وڃي ته انهن معاشرن ۾ جتي سماجي ۽ طبقاتي وڇوٽي گهري هجي، اتي جمهوريت جون پاڙون تڏهن ئي مضبوط ٿي سگهن ٿيون، جڏهن حڪومتون سول سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪنديون ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن کي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ادارتي پليٽ فارم مهيا ڪنديون. اها خود مختياري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي معاشي ترقي ٿئي جنهن ۾ سڀ ماڻهو شامل هجن ۽ روزگار پيدا ٿئي. ڏکڻ ايشيا ۾ هاڻوڪو نظام اهڙو آهي جنهن ۾ معاشي ترقيءَ جا فائدا مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن. ان کانسواءِ سڀني تائين معاشي ترقيءَ جا فائدا پهچائڻ ۾ هڪ اهم رڪاوٽ موسمن ۾ تبديلي آهي جنهن جا منفي اثر غريبن تي وڌيڪ نمايان آهن.

موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل قدم کڻڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي سهڪار ضروري ۽ اڻٽر آهي. اهو سهڪار مختلف شعبن جهڙوڪ پاڻي جي وسيلن، آبپاشي جي پاڻي جي بهتر استعمال، خوراڪ جون اهڙيون جنسون متعارف ڪرائڻ جيڪي وڌيڪ گرميءَ ۾ پوکي سگهجن ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي خوراڪ جي ذخيري جو نظام رائج ڪرڻ. ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ پاليسي سطح تي سهڪار ۽ رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. انهن ڪوششن جي لاءِ شرط اهوآهي ته هڪ نئين طريقي ڪار تحت سهڪار ۽ امن جي اصولن کي هٿي ڏني وڃي، جنهن جي بنياد تي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ادارن جي سطح تي سهڪار جي روايت تي عمل ڪري سگهي. ان سهڪار جو محور جمهوري ادارن سان گڏ، ترقي، تشدد جي خاتمي ۽ ماحول جي تحفظ تائين وڌائڻ گهرجي. اڄوڪي دور جا چار بنيادي نڪتا اهڙا آهن جيڪي هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن. انهن ۾ جمهوريت جي مضبوطي، تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ، غربت جو خاتمو ۽ موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ شامل آهن. انهن نڪتن تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تازو ليڊ پاڪستان پاران ترقي، جمهوريت ۽ امن جي موضوع تي ريجنل ڊائلاگ منعقد ڪيو ويو.

جيتوڻيڪ سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ڊائلاگ ته منعقد ٿيندا رهندا آهن ۽ عام تاثر اهوئي آهي ته اسان ساڳين مسئلن تي بار بار ڳالهائي رهيا آهيون ۽ اڳتي نه ٿا وڌون. بهرحال هي ڊائلاگ ان ڏس ۾ اهميت رکندڙ هو جتي نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان تعلق رکندڙ ماهر شامل هئا پر پوري ملڪ مان ٻه سو جي لڳ ڀڳ غير سرڪاري ۽ سرڪاري ادارن سان تعلق رکندڙ ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ڊائلاگ ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزير جو چوڻ هو ته جمهوريت رڳو اليڪشن جو نالو ناهي پر جمهوريت ۾ مختلف طبقن جي نمائندگي ۽ مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جي شرڪت سان گڏ ميڊيا جي ذريعي اظهار جي آزادي به شامل آهي. هن جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا جي قسمت جمهوريت ذريعي تبديل ڪري سگهجي ٿي. هن تجويز ڏني ته ڏکڻ ايشيا جا ملڪ اليڪشن ڪميشنز جو نيٽ ورڪ جوڙين. هن چيو ته معاشي ترقي ته ٿي رهي آهي پر غربت ۾ واڌ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته معاشي پاليسيون ناڪام ٿي ويون آهن. هن جو چوڻ هو ته ملڪ قدرتي وسيلن کي بي ڌياني سان استعمال ڪرڻ جي وڌيڪ طاقت نه ٿو رکي.

موسمي تبديلين بابت بين الحڪومتي فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر آر ڪي پچوري جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان اهو طئي ڪيون ته اسان کي ڪهڙي قسم جي ترقي ڪرڻي آهي. هن وقت تائين ترقي لاءِ اسان سرمائيداري واري واٽ ورتي آهي. جنهن ۾ قدرتي وسيلا تباهه ڪيا ويا آهن ۽ اها ترقي اسان جي لاءِ قابل عمل ناهي. هن جو چوڻ هو ته ان ڪري ضروري آهي ته ترقيءَ لاءِ مقامي سطح تي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري موسمن جي شدت ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿيندو تنهن جي ڪري ماڻهن کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ واري نظام کي رائج ڪرڻو پوندو. شهناز وزير علي ڊائلاگ جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان کي پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون.

اڳوڻي جنرل طلعت مسعود جو چوڻ هو ته جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن خود سياسي پارٽين ۾ جمهوريت هوندي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ فوج جي وچ ۾ طاقت جو توازن ضروري آهي. بنگلاديش جي پروفيسر رونق جهان چيو ته سياسي جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته سماجي ۽ معاشي جمهوريت هجي، جنهن سان انتهاپسنديءَ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته بنگلاديش ۾ پرتشدد انتهاپسندي کي جنسن جي برابري ۽ خود مختياري ذريعي منهن ڏنو ويو آهي.

معاشي ماهر پروفيسر اڪمل حسين جو چوڻ هو ته اسان کي اهڙا ڍانچا ٺاهڻا پوندا جنهن سان غريبن توڙي مڊل ڪلاس کي پيداواري اثاثا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته جمهوريت جو عام ماڻهن لاءِ بامقصد هجڻ ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن ۽ مقامي سطح تي ماڻهو فيصلي سازي جي عمل ۾ شريڪ هجن. ليڊ جي سربراهه علي توقير شيخ جو چوڻ هو ته غربت انسانذات جي بدترين دشمن آهي. هن چيو ته مستقبل جي ترقيءَ تي موسمي تبديلين جا اثر نمايان آهن. ليڊ پاران سڏايل هي وقتائتو ڊائلاگ هو، جنهن پنهنجي قيام جا 20 سال پورا ڪيا آهن. هن ڊائلاگ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه مان خطي ۾ جمهوريت، ترقي ۽ امن جي لاءِ فائدو وٺڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو