Home / سنڌ افيئر / ڪاڇي جا سوين اسڪول بند، استاد ويزا تي!
above article banner

ڪاڇي جا سوين اسڪول بند، استاد ويزا تي!

عباس علي گاڏهي

 جوهي تعلقو هر لحاظ کان معدني وسيلن ۾ مالا مال ۽ سياحتي مرڪز هئڻ باوجود تعليم ۾ ترقي ڪرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيو آهي جنهن جو ڪارڻ اسڪولن اندر غير قانوني طور 5 سالن اندر اڌپڙهيل ماڻهن جي ماستر طور ڀرتي ۽ نان گزيٽيڊ ڪرپٽ ايس ڊي اوز ۽ سپروائزرن جي مقرري سبب جوهي تعلقي جي تعليم سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن زوال پذير بڻجي رهي آهي.

والدين ۽ مختلف ڳوٺاڻن پاران اسڪول بند هجڻ جون شڪايتون نشاندهي ڪرڻ ۽ استادن جي اسڪول نه اچڻ بابت آگاهي لاءِ جڏهن ايس ڊي او تعليم آفيس پهچن ٿا ته سندن ڪلارڪ اهو چئي ٽاري ڇڏين ٿا ته ايس اي ڊي او اڳئين هفتي آفيس ايندو. ايئن ڪيئي هفتا گذرڻ باوجود ايس ڊي اي او جي آفيس نه اچڻ سبب استادن جي اسڪول نه اچڻ ۽ اسڪول بند هجڻ معاملو سالن کان ڊيگهه حاصل ڪرڻ سبب ڳوٺاڻا مايوس بڻجي خاموشي اختيار ڪرڻ تي مجبور آهن.

جڏهن ته ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي احتجاجن باوجود ضلعي انتظاميه ۽ تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر جوهي ۾ مقرر ٿيل نان گزيٽيڊ نااهل ۽ ڪرپٽ تعليمي ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ سياسي اثر رسوخ سبب خاموش تماشائي بڻيل آهن. تازو ئي سپريم ڪورٽ پاران بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪرڻ جي باوجود به جوهي تعلقي ۾ سوين اسڪول بند پيل آهن اسڪولن ۾ مقرر ٿيل استاد حضرات ڊيوٽيون ڪرڻ بجاءِ ويزا سسٽم ذريعي ڪرپٽ آفيسرن کي منٿليون ڏئي گهر ويٺي پگهارون کڻي پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ ۽ مختلف اين جي اوز هلائڻ ۾ رڌل آهن.

 jan-32-2015

واضح رهي ته جوهي ۾ سپريم ڪورٽ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ باوجود به ايس ڊي او تعليم جي پوسٽ تي هڪ نان گزيٽيڊ استاد مقرر ٿيل آهي جنهن جي اچڻ سان جوهي تعلقي جا سوين اسڪول بند پيا آهن ۽ انهن کي کولرائڻ بجاءِ کليل اسڪولن کي پڻ بند ڪرائڻ جو رجحان جاري آهي، اسڪولن ۾ ماسترن جي نه اچڻ جي ڪري ٻار تعليم پرائڻ بجاءِ مال چارڻ، هوٽلن تي بيراگيري ۽ جوتا پالش ڪري رهيا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب جوهي تعلقي جي 418 پرائمري بوائز اسڪولن منجهان اڪثر اسڪول بند پيل آهن يا وري انهن ۾ جانورن جا وٿاڻ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي اسڪول اٽي ۾ لوڻ برابر هلندڙ آهن انهن ۾ فرنيچر جي کوٽ هئڻ ڪري تعليمي نظام مفلوج بڻيل آهي جڏهن ته ٻئي طرف 2010ع جي مها ٻوڏ بعد متاثر اسڪولن جي مرمت ۽ چوديواري لاءِ حڪومت سنڌ پاران خصوصي فنڊ تحت ايجوڪيشن ورڪس ذريعي اسڪولن ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ آيل ڪروڙين رپيا جاري ڪيا ويا پر سروي دوران اسڪول جي چوديواري مرمت ته پري جي ڳالهه پر اسڪولن کي رنگ به نه ڪرايو ويو، اها رقم به ايجوڪيشن ورڪس ۽ تعلقي جي تعليمي آفيسرن ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري رڪارڊ ۾ اسڪولن جي مرمت ۽ چوديواري جو ڪم مڪمل ڏيکاري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار آهن جن جي اڄ تائين ڪا مرمت نه ٿي سگهي آهي ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اسڪولن ۾ مقرر ڪيل ماستر، چوڪيدار ۽ پٽيوالا نه هجڻ ڪري جوهي تعلقي جي بند پيل اسڪولن جون دريون دروازا ۽ ٻيو سامان مالڪي نه هئڻ ڪري چوري ٿي ويا آهن.

سپريم ڪورٽ پاران سنڌ اندر تعليم جي سڌاري لاءِ ورتل نوٽيس باوجود ضلعي دادو جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ڊي ايم، تعليم کاتي جا ضلعي آفيسر ڪوششون وٺڻ بجاءِ بي وس بڻيل آهن ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود تعلقي جوهي جو هڪ به بند پيل اسڪول کُلي نه سگهيو آهي، ايس ڊي او تعليم جوهي ۽ ڊي ڊي او ۽ سپروائيزرن جي ملي ڀڳت سان جوهي تعلقي ۾ ماستر ڊيوٽيون ڪرڻ بجاءِ ويزا تي ٻاهرين ملڪن ۽ سعودي عرب، دبئي سميت ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ۾ شفٽ ٿي وڃڻ ڪري ڊيوٽيون ڪرڻ بجاءِ ويزا تي ويل آهن ۽ ويزا سسٽم ذريعي هر استاد 5 هزار روپيه هر مهيني لاڳاپيل آفيسر جي ڪار وهنوار هلائيندڙ کي ڏئي پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا، جڏهن ته جوهي تعلقي لاءِ هر سال ورلڊ بئنڪ طرفان اسڪولن جي مرمت، فرنيچر ۽ رنگ روغن ۽ ٻين ضرورتن لاءِ آيل ايس ايم سي فنڊ جا ڪروڙين رپيا بئنڪ مئنيجر ۽ ايجوڪيشن جي نان گزيٽيڊ ڪامورن ۽ ڪلارڪن جي ملي ڀڳت سان کائي ٿا وڃن ۽ ايس ايم سي جا آيل ڪروڙين رپيا اسڪولن تي خرچ ڪرڻ بدران ڪرپٽ آفيسرن جي عياشين تي خرچ ٿيڻ لڳا آهن، جنهنڪري ڪيترائي اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن هزارين ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ سندس بچائڻ لاءِ ڏينهن رات رُڌل آهن، تعلقي جي ماڻهن کي هميشه لاءِ علم جي روشني کان پري رکڻ لاءِ جوهي تعلقي جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

جوهي تعلقي جي تعليم جي تباهي واري صورتحال تي تعلقي جي سڄاڻ ڌرين، والدين، کوڙ ڀيرا احتجاج ڪيا پر تعليم کاتي جي ڪرپٽ آفيسرن جي ڪن تي جونءِ به نه چري ۽ نه ئي تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪو تحرڪ ورتو، بار بار احتجاجن باوجود به تعليم کاتي جي مقرر ٿيل ايس ڊي او بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ ايس ايم سي فنڊ هڙپ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪرپشن ڪندڙ ايجوڪيشن کاتي ۾ مقرر ٿيل ڪارين رڍن جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ گڏوگڏ اها انڪوائري ڪرائي وڃي ته اسڪولن جي مرمت جا آيل ڪروڙين رپيا اسڪولن تي خرچ ٿيڻ بدران ڪٿي خرچ ٿيا ۽ ان سان گڏ سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙو ۽ سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، ڊائريڪٽر جنرل نيب ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن سميت ۽ ٻين کي گهرجي ته هو جوهي تعلقي ۾ تعليم جي تباهي جي ذميوار ڪرپٽ آفيسرن جي ڪن مهٽ ڪري بند پيل اسڪول کولرائين ۽ ڪرپٽ آفيسرن کان ڪيل ڪرپشن جا ڪروڙين رپيا واپس ڪرائي اسڪولن تي خرچ ڪري تعليم جي سڌاري لاءِ ڪتب آندا وڃن ته جيئن معصوم ٻارن جو مستقبل بچي سگهي ۽ تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿيڻ کان بچي سگهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو