Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي المناڪ حادثو شڪارپور واسين جي اجڙيل دنيا ۽ بي حس حڪمران!
above article banner

ڪراچي المناڪ حادثو شڪارپور واسين جي اجڙيل دنيا ۽ بي حس حڪمران!

Naseem Bukhariڪراچيءَ ۾ آئل ٽئنڪر سان ٽڪرجي نتيجي ۾ شڪارپور ايندڙ الشعيب ڪوچ ۾ سڙي رکُ ٿي ويلن مان 21 ڄڻن جو تعلق شڪارپور سان آهي. انهن ۾ لکي غلام شاهه جي جاويد اقبال راجپوت، سندس زال سعديه ۽ ڌيئرن فاطمه، بريره ۽ حسنه خاتون چوهاڻ سندس ٻن پوٽين جويريا ۽ جميلا ۽ محمد صالح ڪلوڙ، جڏهن ته شڪارپو شهر سان تعلق رکندڙ عبداللطيف سومرو، محمدابراهيم سومرو، عبدالحق جکراڻي، جنسار علي ٻرڙو، علي خان شر، ان کان سواءِ خانپور واسي عبدالقدير شاهه، محمد ابراهيم انصاري، محمد سچل پهوڙ، غلام علي، ڳڙهي ياسين واسي عبدالقدير جوکيو، سليم الله، خادم حسين ڪيهر ۽ عطا ککراڻي شامل آهي.

ان سڄي ڏکوئيندڙ صورتحال باوجود شڪارپور جي ڪنهن به ايم اين اي، ڪنهن به ڪاموري يا سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪا به اهڙي ڪئمپ قائم نه ڪئي آهي، جنهن ۾ متاثرين جي ڦٽن تي پها رکڻ جي حوالي سان ڪي تسلي جوڳيون ڪوششون ڏسڻ ۾ آيون هجن. هيڏي وڏي هيبتناڪ هاڃي باوجود هن وقت تائين ڪي اهڙا جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن. جن کي آڏو رکندي، مستقبل جي امڪاني خطرن کان بچڻ جو ڪو دڳ ڏسڻ ۾ ايندو هجي. هانءُ ڏاريندڙ ۽ حياتيون کسيندڙ حادثي کانپوءِ بدنصيب بس جي دفتر تي ماڻهن جا انبوهه ۽ انهن جي اندر ۾ محسوس ٿيندڙ ڪاوڙ جن قيامتن جا اهڃاڻ آڇي رهي هئي، اُهي تجليون اتي موجود ماڻهن جيئن ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون، تن جذبن کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي! اها قيامت کان به وڌيڪ قيامت آهي.

jan-18

شڪارپور شهر سميت تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ حادثي ۾ شهيد ٿيلن جي حوالي سان وڇايل تڏا دلين ۾ به وڇائجي چڪا آهن. پنهنجن پيارن جو نه آخري ديدار نه جنازو، نه تدفين نه انهن جي قبر جي صورت ۾ ڪو آخري اهڃاڻ، ڇا ٿا سمجهو، ان کان وڌيڪ اڃا ڪو وڌيڪ وِهُه جو وٽو ٿي سگهي ٿو؟ اسان وٽ گاڏين ۾ ماڻهن ۽ ڍورن سٿجڻ جو خبر ناهي، اڃا ڪيستائين رواج رهندو، پاڻ وٽ ٽڪيٽن ڏيڻ وقت مسافرن جي ڪا داخلا نه ٿي رکي وڃي. روڊ رستا به ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي دلين جيان وڃن پيا سوڙها ٿيندا. ٽرانسپورٽ جي وزارت به آهي ته ٽرانسپورٽرن جون تنظيمون پڻ پر اڃا تائين اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڊرائيور يا ڪلينڊر توڙي مسافرن جون قيميتي جانيون ضايع ٿين ته انهن جو ذميوار ڪير هوندو؟ جڏهن اهو المناڪ حادثو پيش آيو هو، ٺيڪ ان وقت ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪارڪن جي پوليس حراست ۾ فوتگي واري معاملي تي سراپا احتجاج بڻيل هئي. ڪراچيءَ کي بند ڪرايو ويو هو ۽ ٻئي ڏينهن تي به شهر کي بند رکرايو ويو هو. سوچڻ ۽ سنجيدگيءِ وارو نقطو اهو آهي ته هڪ ماڻهوءَ جي موت تي متحده ساري سنڌ ۾ سوڳ ٿي ملهائي، هڙتالون ٿي ڪرائي، ڌرڻا ٿي هڻي ۽ پاڻ 64 معصوم انسانن جي سڙي وڃڻ تي فقط افسوس ئي ڪندا رهجي وڃون ٿا. يا وڌ ۾ وڌ مذمتن ۽ وضاحتن تائين محدود رهون ٿا.

بدنصيب بس حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙن ۾ شڪارپور گسٽا تعلقي جو جنرل سيڪريٽري، بس جو ڊرائيور ۽ ڪلينڊر، لکي جا زال ۽ مڙس ۽ سندن ٻن نياڻين توڙي هڪ ڏاڏي ۽ ٻن پوٽين، ڪمانڊو ٽيسٽ لاءِ اسپيشل پوليس ۾ ڀرتي جي ارادي سان ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ويندڙن جو چڱو انگُ ۽ پورهيتن مزدورن جون شهادتون پنهنجي پسمنظر ۾ ترتيبوار رپورٽ ڪبيون ته ڪتاب لکجي ويندو. ان ڪري مختصر طور تي ايڏين وڏين انساني جانين جي دردناڪ موت تي پاڻ جنهن بي حسي کي چٽيون ٿا ان کي وڌيڪ اثرائتي نموني سان واضح ڪرڻ ضروري آهي. شڪارپور جي نمائندگي امتياز شيخ، آفتاب ميراڻي، غوث بخش خان ۽ شهريار خان مهر سميت سراج دراني ۽ عابد ڀيو تي مشتمل آهي. جنهن جو ڀاءُ بابل خان ڀيو پي پي جو ضلعي صدر به آهي. مٿين سمورن اڳواڻن بس حادثي واري الميي ۾ ٿيل جاني نقصان جي حوالي سان ڪي به اهڙا احساس نه ونڊيا آهن.

اسان جا ڪامورا، سياستدان ۽ چونڊيل نمائندا، پنهنجن محفلن، پکين ۽ جانورن جي شڪار لاءِ يا ٻين سرگرمين ۾ جهڙي ريت ڪروڙين ۽ اربين روپيا لٽائن ٿا، اسان انهن جا اهي عيب به ٿا کوليون پر ڇا اهو ضروري نه هو ته جيئن بس حادثي جي خبر بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙي، تيئن لاڳاپيل مسافرن جي تڪن سان تعلق رکندڙ چونڊيل عيوضي ۽ ڪامورا سندن ڏکايل وارثن سان رابطي ۾ اچي، سندن ڪراچيءَ تائين فوري پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن ها. اسان وٽ خاص ڪري جيالا ڳڙهي خدا بخش ته سوين بسون ۽ ڪوچون ڪري پهچڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن پر هتي بابل خان، آفتاب ميراڻي، شهريار، غوث بخش خان، سراج دراني کان ايترو نه پڳو ته اُهي پنهنجي طور تي شهر ۾ ترت گاڏيون ڪرائي، متاثر خاندانن جي ذميوار فردن کي ڪراچي پهچائن ها-يا اتي پنهنجي تڪ جي عوام لاءِ ڪا اهڙي ڪئمپ قائم ڪن ها. جتي بي رحم حالتن جو شڪار ماڻهن کي معلومات سان گڏ کاڌي پيتي، رهائش ۽ اتساهه يا دلداري جا ڪي احساس ۽ جذبا به ميسر ٿين ها! پر هي ماڻهو عوام دوستيءَ جي حوالي سان، پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ جڏهن اڳ ئي سست ۽ غافل رهندا آيا آهن ته هاڻ هنن جي جيءَ ۾ ڪهڙو جهٻو اچي ها! هنن کي ته اُهي خبرون به تڏهن پيون هونديون، جڏهن هنن جي ڪرڻ لاءِ ڪجهه بچيو نه هوندو. هي ننڊ ۽ نشي جا عادي ماڻهو منافقت ڄاڻن، هي ڇا ڄاڻن ته عام ماڻهوءَ جا ڏک ڏوجهرا ڪهڙي معنيٰ ۽ مفهوم سانڍيندا آهن؟ هنن ماڻهن مان ڪنهن اٿي بيهي اهو اعلان نه ڪيو آهي ته شهيدن جي ڪٽنبن جي مالي سهائتا لاءِ هي پنهنجي اڪائونٽس مان ڪيتري قربانيءَ جو حوصلو رکن ٿا. جيڪي ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ ڪراچي ويا هيا-يا جيڪو ڳڀي جي ڳولا ۾ اُتي مزدوري ۽ محنت ڪندا هئا تن جي وارثن لاءِ ڪنهن انڌي ڪاڻي نوڪريءَ ڏيڻ جو هنن کان ته ٺلهو اعلان به نه پڳو آهي. ڪنهن به خان ۽ چونڊيل نمائندي يتيم ٿي ويل ٻارڙن جي ڀرجهلو ٿيڻ جي پڪ نه ڏياري آهي. هي هيڏا وڏا ماڻهو ڇا پاڻ ۾ ايتري به سَتُ نه ٿا سارين جو ڪجهه خاندانن جي ڪفالت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻن؟

شڪارپور جي بدنصيب بس جو حادثو هتان جي سياسي، سماجي ۽ انتطامي لاپرواهي جي هڪڙي جهلڪ ڏيکاري ويو آهي، هتي ته هر روز اهڙا انيڪ حوالا ٿا آڏو اچن جو هانءُ ٿو ٻوساٽجي.

ٿورو ذهن تي زور ڏيو، جڏهن خيرپور ۾ خيبرپختون خواهه جي ڪوچ جي هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿيو هو ته سائين بابا قائم علي شاهه ٿر جو دورو ملتوي ڪري، اهم گڏجاڻيون اڌ ۾ ڇڏي، زخمين ۽ لاشن جي (ڪي پي ڪي) جي مختلف علائقن تائين ٿڏي تي رسائي جي حوالي سان، ايئر سروس جو انتظام ڪيو هو ۽ خيرپور ۾ مڪمل ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. پر ڪراچيءَ ۾ بس ۽ آئل ٽئنڪر جي حادثي ۾ خيرپور ضلعي جا 20 کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار بڻيا آهن. سائين کي ڪا ان حوالي سان ڪَل ئي ناهي.

تازو ئي ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽ تي لڳل باهه بابت متحده جو مڇرجڻ، الطاف حسين جون لنڊن مان رڙيون ۽ حڪومت مٿان تهمت جا تير جڳ جهان ڏسي چڪو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومت جو لڏي وڃڻ ۽ متحده جي شرطن تي معاملا ٺيڪ ڪرڻ به ڳجهارت ناهي! پر هتي ماڻهو سڙي رک ٿي وڃن ٿا پر سرڪار کي ڪا سيکت ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪو سيڪُ به ٿو اچي. اهو حادثو جيڪڏهن ڪراچي جي ڊفينس ۾ يا ڪلفٽن ۾، عزيز آباد ۽ لانڍي ۾ پيش اچي ته صورتحال ته ڪا ٻي هجي ها. اهو حادثو جيڪڏهن پنڊي يا پشاور ۾ پيش اچي ته وزير اعظم نواز شريف به تڏي تي پهچي وڃي ها ۽ متاثر خاندانن لاءِ 10 کان 12 لکن تائين معاوضي سميت، بيروزگار نوجوانن جي وارثن کي نوڪريون به ڏئي ها.

پر هتي جڏهن اسانجا پنهنجا ڌڻي ئي اسانکي ننڌڻڪو ڪيو ويٺا آهن ته ٻين کي ڪهڙي ميار ڏيون. ان ڪري ئي چوندا آهن ته ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي. سو سنڌ سرڪار جيڪا داد رسي ڪئي يا جيڪا دلجاءِ ڏني سا پ پ جي ايم پي اي ساجد جوکيو جي ان رويي مان پڌري پٽ آهي، جيڪو حادثي کانپوءِ تڏي تي اثرائتن قدمن جي اڻاٺ يا نه پهچي سگهڻ واري سوال تي کَار کائي صحافين کي ڇڙٻيون ڏيندي چوي ٿو ته “خواب نه ڏٺو هيم ته اڄ رات جو حادثو ٿيندو، جو مان اتي موجود هجان ها”.

naseembukhari44@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو