Home / سنڌ افيئر / ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر ناصري-مسئلن جو شڪار!
above article banner

ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر ناصري-مسئلن جو شڪار!

Fida Chandioشهيد بينظير ڀٽو پاران قائم ٿيل اسپيشل ڪمانڊوز ٽريننگ سينٽر ناصري سڪرنڊ فنڊن جي کوٽ، اڻپورا تعميراتي ڪم هئڻ سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. 12 آگسٽ 1994 تي سنڌ جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي لاء پوليس کي ڪمانڊو ٽريننگ ڏيارڻ لاء ناصري ۾ ڪمانڊوز سينٽر قائم ڪيو اڃا تعمير جو ڪم شروع ڪرايو ويو ته سندس حڪومت ختم ڪئي وئي جنهن بعد نواز شريف جي حڪومت ۾ تعمير واري ڪم کي روڪيو ويو. ٻيهر پ پ پ حڪومت قائم ٿيڻ سان ٽريننگ سينٽر ٻيهر شروع ڪيو ويو. پي ڊبليو ڊي کاتي پاران 2008 ۾ اڻپوري ڪم کي مڪمل ڄاڻائي تعمير کي روڪي 2009 ۾ ٽريننگ سينٽر کي باقائدي شروع ڪيو ويو. جڏهن ته هن وقت سينٽر ۾ فنڊز جي کوٽ، بيرڪس جي اڻ مڪمل تعمير ۽ غير معياري ڪم سبب سينٽر ۾ ٽريننگ وٺندڙ ۽ ٽريننگ ڏيندڙ ڏکياين ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٽريننگ ڏيندڙ استادن “افيئر” کي ٻڌايو ته ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر جي اوچائي گهٽ رکي وئي جنهن سبب عدم تحفظ جو شڪار آهيون. جڏهن ته اسان جي پگهار رزاق آباد سينٽر جي اڌ جي برابر به ناهي، اسان جي پگهار ۾ اضافو ڪيو وڃي اسان جي سينٽر جو معيار وڌيڪ آهي ليڪن اسان کي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن. فيملي سان گڏ سينٽر ۾ رهون ٿا ليڪن ٻارڙن جي تعليم لاء به سهولت موجود ناهي. اسان کي طبي سهولتون به ميسر ناهن. ٽريننگ حاصل ڪندڙ پوليس ڪمانڊوز چيو ته جيتوڻڪ اسان جا استاد تمام محنتي آهن ليڪن بيرڪ گهٽ آهن. چار ديواري سبب پڻ پريشان آهيون طبيعت خراب ٿئي ٿي ته استاد قاضي احمد يا نوابشاه اسپتال وٺي وڃن ٿا. هنن ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ اڳواڻي صدر آصف علي زرداري کي اپيل ڪئي ته ٽريننگ سينٽر کي فنڊز مهيا ڪري سهولتون ڏنيون وڃن. ٽريننگ سينٽر جي پرنسپل غلام سرور ابڙو چيو ته محنت ۽ ايمانداري سان استادن سان گڏجي ٽريننگ ڏئي رهيا آهيون. مختلف شين جي هن وقت به کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاء اختيارين کي لکيو آهي. هن چيو ته فارغ ٿيل ڪمانڊوز سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي ڏيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن وقت فوري طور تي ريپلنگ ٽاور ۽ چار ديواري کي وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. وسيلن آهر محنت ۽ ايمانداري سان سينٽر جي تعمير ۽ ترقي لاء جاکوڙ ڪري رهيا آهيون. غلام سرور ابڙي ٻڌايو ته سينٽر مان 14 بيچ ٽريننگ حاصل ڪري چڪا آهن جڏهن ته هن وقت پڻ 1006 ڪمانڊوز ٽريننگ حاصل ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايڪسائيز پوليس انسپيڪٽر کي پڻ ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر ۾ تربيت ڏئي رهيا آهيون.

jan-32

ڪمانڊو ٽرنينگ سينٽر ناصري جو بنياد 22 آگسٽ 1994 تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو وڌو جڏهن ته بعد ۾ نواز شريف حڪومت ۾ سينٽر جي تعمير جو ڪم روڪيو ويو. بعد ۾ پ پ پ حڪومت ۾ ئي سينٽر جي تعمير ٻيهر شروع ٿي ۽ پي ڊبليو ڊي ورڪس کاتي بد عنواني جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي 2008 ۾ اڻ مڪمل عمارت کي مڪمل ڄاڻائي ڪم بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب سينٽر ۾ بيرڪن سميت ڪافي بلڊنگس جي تعمير اڻ پوري رهي. ڪمانڊو ٽريننگ سينٽر جي پرنسپل وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو سينٽر استادن جي محنت ۽ ٽريننگ حاصل ڪندڙ ڪمانڊوز جي دلچسبي سبب مثالي سينٽر آهي. ٽريننگ ڪندڙ ڪمانڊوز سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پنهنجون ڊيوٽيون محنت ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن ڪجهه مسئلا آهن اهي حل ٿي وڃن ته هي سينٽر وڌيڪ مثالي ثابت ٿيندو. غلام سرور ابڙو وڌيڪ چيو ته هي سينٽر شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو سنڌ جي عوام لاء تحفو آهي. هن ٻڌايو ته مسئلن جي حل لاء اختيارين کي لکيو آهي اميد اهي ته جلد ڪوششون ڪامياب ٿينديون ۽ حقيقي لاڀ سنڌ جي عوام کي ميسر ٿي سگهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو