Home / سنڌ افيئر / گوري انگريز جو ماروٿر ۽ پاڻيءَ کان محروم ٿري!
above article banner

گوري انگريز جو ماروٿر ۽ پاڻيءَ کان محروم ٿري!

Noor Ahmed Jinjheٿرپارڪر، جيڪو نيارو سُڪ ساليءَ وارو باراني علائقو آهي جنهن لاءِ ڪنهن وقت لفظ Desert گهڙيو ويو پر اُن کان به اڳي ڪرنل جيمس ٽاڊ هن علائقي کي لفظ Masusthali سان منسوب ڪندي ”مارو ٿر“ قرار ڏنو هو يعني ”ماريندڙ ٿر“. پر جيڪڏهن اُتان جي رهاڪن جي سٻاجهي ۽ امن پسندي ڏانهن ڏسجي ٿو ته مارو ٿر جي معنى ٺهڪندي نظر نٿي اچي پر ڇا ڪجي ٽاڊ ڪرنل انگريز هو تنهنڪري اُن جي ڪڍيل ٺڪاءُ کي رد ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي هِن علائقي جا مارو ماڻهو انتهائي ملنسار ۽ دُنيا جي اڪيلي سول سوسائٽي آهن ٻيون سول سوسائيٽون مڙئي ڪپڙن ڍڪيون نظر ٿيون اچن، منجهن ٻيو گهڻو ڪجهه نظر ايندو سواءِ سِولٽيءَ جي.

مارو ماڻهن جو ملڪ مارو واڙ ڪڏهن نوڪوٽن تي به مشتمل هو ، ڪڏهن شايد مهاساگر به هو ته ڪڏهن وري دُنيا جي خوبصورت ۽ ڀري تُري سامونڊي بيچ (Beach) به هو جنهن ۾ پاري ننگر جهڙا پر کنڊين پڌرا شهر هئا جيڪي عيسوي سن جي شروعات دوران به بهترين بندر گاهه طور ڄاتا سُڃاتا ويندا هُئا جتي راهومن جي بازار هوندي هُئي جنهنک ي ”راهو مڪي بازار“چيو ويندو هو. جتي ”ونگا بازار“ به هوندي هئي . اهو ٿر جڏهن کان پاڻي کان محروم ٿيو تڏهن کان اُن جو تصور ”مارو ٿر“ وارو اُڀريو جنهن ۾ جر جو پاڻي يا ته دستياب نه هوندو هو يا وري ڪڙو ۽ ڪسارو هوندو هو. پاڻيءَ جي اها صورتحال جڏهن پُراڻي دور ۾ ڪنهن ٿري شاعر محسوس ڪئي ته هُن هِن ريت اظهاريو.

پاڻي اور پرمار، لاڀي تو ليجي گهڻو،

ڌيوڙيي ڌن مال،هووي تو ڏيجي گهڻو.

يعني ٿر ۾ توهان کي پر مار راجپوت ملي وڃي ته به کيس پاڻ سان گڏ کڻو، جيڪڏهن پاڻي ملي ته به ضرور کڻو. توهان وٽ جيڪڏهن ڌن دولت هجي ته ڌيئن کي گهڻو ڏجي. هِيءُ دوهو ٻن رُخن کي ظاهري ڪري ٿو هڪ ته ٿر ۾ توهان کي جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ضرورت آهي ته اُهو پاڻي آهي جيترو به ملي اوترو هٿ ڪريو ۽ پرمار جيڪو وچن نباهه وارو آهي اُن جو ساٿ ملي ته به ضرور حاصل ڪريو باقي پنهنجي مال مان وڏو حصو ڌيئرن کي ڏيو ته جيئن اُهي جڏهن ساهرن وڃن ته معاشي سگهارپ کڻي وڃن ۽ نئين گهر ۾ سندن آواز سگهارو هُجي ۽ کين ڪير هيڻو نه سمجهي اِن قسم جو حساس ٿر اڄ پاڻيءَ جي لحاط کان ساڳي مشڪل ۾ آهي. ٿر ۾ پاڻيءَ جي موجودگي، مسئلن ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ جي طور طريقن کي چڪاسبو ته ٿر ۾ پاڻي جا مکيه وسيلا هن ريت نظر ايندا.

jan-36

1. جر جو پاڻي، 2. پلر پاڻي، 3. دريائي پاڻي

1. جر جو پاڻي ….ٿر ۾ جر ڪٿي هيٺ ته ڪٿي مٿي آهي ڪٿي کارو ته ڪٿي مِٺو آهي ڪٿي اونهو آهي ته ڪٿي تانگهو آهي. ٿر جو ڏاکڻو ڀاڱو جنهن کي ڀٽائي سائين” پائر“ سڏيو آهي تنهن ۾ پاڻي زمين جي سطح کي ويجهو آهي ۽ ٿر جو اُتر اوڀر ڪُنڊ وارو علائقو جنهن کي ڀٽائي ”کائڙ“ سڏيو آهي تنهن ۾ پاڻي اونهو آهي باقي وچ واري تر يعني ”ڪنٺي“ ۾ پاڻي جي اونهائي وچٿري آهي. ذائقي جي لحاظ کان ٿر ۾ جر جو 90% پاڻي ڪسارو آهي. ٿر ۾ ڳوٺ آباد ٿيڻ جو سلسلو به کوهه کڻڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ڳوٺن مان اڪثر ڳوٺن جا نالا کوهن پويان آهن يا پاڻيءَ جي ذائقي پويان آهن جيئن ميگهي جو تڙ، جيسي جو پار، وليءَ جي ويري، کارو حبيب، ڪلڻهار مِٺو وغيره. ايئن کوهه اڪيلو مکيه ذريعو آهي جر جي پاڻيءَ کي ڪڍڻ ۽ پاڻيءَ تائين پهچ تمام مشڪل ڪم آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ هر هڪ گهر جو تمام گهڻو وقت ۽ وسيلا خرچ ٿين ٿا جنهن ڪري غربت جو بار اڃا به وڌي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هڪ گهراڻي جي ڀاتين کي 6-4 ڪلاڪ تڙ تي گُذاراڻا پون ٿا تڏهن وڃي اُنهن جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿئي ٿي ۽ پاڻي ڪڍڻ جي ان ڪم ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي جيڪو مِٿن اضافي بوجهه آهي . کوهن مان پاڻي ڪڍڻ اڄ به ڏُکيو ۽ وڏو مسئلو ۽ مامرو آهي.ٽيوب ويل وسيلي پاڻيءَ ڪڍيو ويندو آهي جنهن جو پهريون تجربو ساز دا وارن ڪيو هو پر اُهي سمورا ٽيوب ويل بند پيا آهن تنهن کان به اڳي ايوب خان جي دور ۾ ”پن چڪيون“ wind nillsلڳيون هيون پر فني خامين ، سار سنڀال نه هئڻ ۽ هوا جي رخ کي صحيح نه سمجهڻ جي ڪري اُهي به گم ٿي ويون ۽ هِن وقت انهن جو ڪو نالو نشان ناهي، ضلعي حڪومت ڪجهه ڳوٺن ۾ ٽيوب ويل لڳرايا يا چند ٽيوب ويل ڳنڍي پاڻي فراهمي جون اسڪيمون تعمير ڪرايون ۽ ڳوٺاڻن جي تنظيمن VOs حوالي ڪيون اُهي رٿائون اڄ به هلن پيون. هٿ پمپ به لڳايا ويا پر اهي اهڙن هنڌن تي لڳايا ويا جتي پاڻي زمين جي مٿاڇري کي ويجهو هو.

اُن کانسواءِ ماڻهن پاڻ هڪڙو تجربو ڪندي کوهن تي اڌ ٻُڏل پمپ لڳايا آهن جيڪي پڻ چڱي ريت راڄن جي ضرورت پوري ڪري رهيا آهن پر جر جو پاڻي جيئن ته اڪثر کارو آهي تنهنڪري چيو ويندو آهي ”هڙ يا مار حجامن وارو“ يعني حجامن جي ڳوٺ جو پاڻي پيئڻ سان هُڙيا پکي مري پون ٿا. جر جي ان کاري پاڻي تي به ماڻهو گُذارو ڪن پيا. ٿر جي جر جي پاڻي ۾ ڪيمائي مادا جهڙوڪ فلورائيڊ ۽ ٻيا لوڻ وغيره ٿين ٿا تنهن ڪري اُن مان ڪافي بيماريون ٿين ٿيون. پر جيئن ته پر ڪاواهه ناهي تنهنڪري ويچارا مارو لوڪ انهي ته گذارو ڪري رهيا آهن.

2. پلر پاڻي ….پلر پاڻي جو ٿر ۾ وڏو ڪم آهي ۽ جنهن سال به 300 ملي ميٽر برسات پوي ٿي ته اٽڪل 10 ڪروڙ ملين ليٽر پاڻي وسي ٿو جيڪو نه رُڳو پيئڻ جي ڪم آڻي سگهجي ٿو پر چوپائي مال گهرو ڪم ڪار زرعي مقصد لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو پر هن وقت پر پاڻي گڏ ڪرڻ جو مقدار هڪ اڀياس مطابق .006%0آهي جيڪو جيڪڏهن 0.25 سيڪڙو ڪيو وڃي ته سڄو سال پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪا تنگي نه رهندي برسات جي مُند ۾ هر ڳوٺ جي سيمن کان وٺي آبادين جي ميدانن تائين، پلر پاڻيءَ جا انڇر ٿي وڃن ٿا پر اُهو پاڻي ضايع ٿئي ٿو. اُهو پاڻي ڪيترين ئي ندين جي صورت ۾ وهي اجايو وڃي ضايع ٿئي ٿو. صرف ڪارونجهر جبل مان 16 نديون وهن ٿيون جن مان ڪن جو پاڻي گڏ ڪري ڪارج هيٺ آندو وڃي ٿو پر پوءِ به تمام گهڻي مقدار ۾ پاڻي وهي ضايع ٿي رڻ ۾ وڃي پوي ٿو اهڙي طرح سڀني ڳوٺن ۾ اهڙيون لاتعداد نديون آهن جيڪي برکا تت ۾ ارڙاتا ڪري وهن ٿيون جنهن جي ڪري نه رُڳو پاڻي زيان ٿي وڃي ٿو پر زمين ۾ ڏرڙ ٿي پون ٿا ۽ زميني کاڌ جي ڪري زميني مٿاڇرو خراب ٿي وڃي ٿو.

پلر پاڻي گهرن ۾ ننڍي پئماني تي گڏ ڪيو وڃي ٿو پر حڪومتي سطح تي اڃا اُهو نظر انداز ڪيل شعبو آهي. ڳوٺ سطح تي پلر پاڻيءَ جا قدرتي هنڌ ترايون، تلاءُ، ٽوڀا، ڊها ۽ سَرَ آهن جن ۾ گڏ ٿيل پاڻي 4 کان 6 مهينن تائين رهي ٿو ۽ گهڻو ڪري چوپائي مال پيارڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.

3. دريائي پاڻي…دريائي پاڻي ڪو ايترو گهڻو ناهي ڇو ته ٿرپارڪر پُڇڙيءَ کان به پرانهون رهيو آهي ۽ منجهس ڪو واهه ياشاخ ناهي صرف ڪجهه هنڌن تان مِٺي پاڻي جي پائيپ لائين اچي ٿي جنهن مان پيئڻ جو پاڻي ڪجهه آباديءَ کي نصيب ٿئي ٿو اهڙي لائين نئون ڪوٽ کان مٺي ۽ پوءِ اسلامڪوٽ کان ٿيندي ننگرپارڪر وڃي ٿي پر ننگرپارڪر پهتي ناهي . ٻي لائين چِيلهه بند کان ڇاڇرو وڃي ٿي ۽ ٽين لائين عمرڪوٽ کان کينسر اچي ٿي. ڊوڍارو کان ڏيپلو ويندڙ لائين بند پئي آهي ۽ خراب آهي. انهي پاڻي کي ماڻهو پاڻ لاءِ نعمت سمجهن ٿا ۽ صرف مِٺو پاڻي انهي درياه واري پاڻي کي سمجهيو وڃي ٿو جن ڳوٺن ۾ گرميءَ جي مُند ۾ جر سُڪي وڃي ٿو اُتي جا ماڻهو شهرن مان پاڻي جا ٽئنڪر خريد ڪري وٺي وڃن ٿا ۽ ذخيرو ڪري رکن ٿا ۽ صرف پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. درياهي پاڻي کي پهچائڻ لاءِ جيڪڏهن سنجيده ڪوششون ٿين ها ۽ ِ هيستائين جيڪا به لاڳت سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاڻيءَ جي مد ۾ ڪئي آهي اُها دريائي پاڻي ٿر آڻڻ تي لڳائي وڃي ها ته هيستائين ٿر ۾ درياهي پاڻي شايد آساني سان مُيسر هجي ها.

پاڻيءَ کي مٺي ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون ويون آهن هِن ڏس ۾ غير سرڪاري ادارن سڀ کان پهرين RO پلانٽ متعارف ڪرايا پر اُهي به گهڻو وقت نه هليا وري سنڌ حڪومت ڪن وڏن شهرن ۾ وڏا وڏا RO پلانٽ لڳرايا پر اُنهن ٿرين جي اُڃ اُجهائڻ ۾ ڪو اهم ڪردار ادا نه ڪيو. هِن وقت سنڌ حڪومتي وري مختلف ڳوٺن ۾ RO پلانٽ لڳرائي رهي آهي اُهي شال جٽادار رهن ۽ راڄن جي ضرورتن کي پورو ڪن جيئن مسلسل هلندا رهن نه ته ڪٿي ڪروڙين روپين جي لاڳت ٻُڏي وڃي ۽ ٿري ويچارا جتي بيٺا هُئا اُتي ئي رهجي وڃن وري سندن ڪلهي تي ورت ڪوس هجن ۽ اُهي گڏهيون هجن، اُهو ئي وارو اُها ئي کيلي يعني ساڳي سسئي ساڳيا سور، پيا پٽين پاڻ ۾.

محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ به پاڻي مِٺي ڪرڻ جون ٻه اهڙيون اسڪيمون ”وڄوٽي“ ۽ ”مانٻائي جي تڙ“ ڳوٺن ۾لڳيو ن هيون پر اهي به بند ٿي ويون ۽ اسڪيمن جا پينل اُن ديس روانا ٿي ويا جيڏانهن پن چڪين جا پرپرواز ڪري وڃي چڪا آهن .

ٿر ۾ اها ته پاڻيءَ جي عام رواجي حالتن جي صورتحال آهي باقي ڏُڪاري صورتحال ۾ ته جر جو پاڻي هيٺ هليو وڃي ٿو يا سُڪي وڃي ٿو. ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي جي اها کوٽ ان حد تائين وڌي وڃي ٿي جو اُتان جا ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي ٻئي طرف لڏي وڃن ٿا. پيئڻ جو پاڻي به ڪوهين پنڌ ڪري آندو وڃي ٿو ۽ پاڻي جي ان سموري ڀوڳنا ۾ ٿر جي اٻلا عورت جيڪي ڪجهه ڀوڳي ٿي اُن جو اندازو هُن خود کي ئي آهي ٻيو ڪير صدين جي ان سور کي سمجهي نٿو سگهي. پاڻيءَ جي اُها ڏکيائي واري صورتحال ڏُڪار رساليءَ دوران وڌيڪ ڏُکي ٿر وڃي ۽ ماڻهن ۾ به بيماريون وغيره وڌي وڃن ٿيون. ٿر جي ماڻهن کي اڪثر پيٽ جون بيماريون، سنڌن جي سور جي تڪليف، گُردن جي تڪليف، ڏندن جون بيماريون پاڻي جي ڪري ٿين ٿيون. سندن پاڻي جي مسئلي کي ڪڏهن ايترو ڳوڙهائيءَ سان نه ڏٺو ويو آهي وقتي حل ڳوليا وڃن ٿا پر ڪو اهڙو جامع حل نه ڳوليو ويو آهي جو مٿي تي گهڙو کڻڻ لهي وڃي ۽ هو سُکي زندگي گُذري ٿر پاڻيءَ جي انهي ڳنڀير صورتحال جي حل لاءِ ڪجهه صلاحون عرض آهن .

• ٿر ۾ جر جي سموري پاڻيءَ کي ليباريٽري ۾ چڪاسيو وڃي ۽ جيڪو پاڻي پيئڻ لائق ناهي اُن بابت ماڻهو کي آگاهه ڪيو وڃي.

• جر جي پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ نت نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ عوام جي مالي مدد ڪئي وڃي جيئن submersible پمپ جن کي عوام ”سمر پمپ“ سڏي ٿو نه ته سڄي عمر کوهن جو پاڻي جيڪو ورت سان ڪيتريون ئي غلاظتون اندر وڃڻ جي ڪري گندو ٿي وڃي ٿو اُهو ماڻهن جي صحت کي متاثر ڪندو رهندو ۽ ماڻهن جي معيشيت تي به خراب اثر ڇڏيندو رهندو.

• ٿر ۾ پاڻيءَ جي موجود سڀني وسيلن جر توڙي پلر پاڻيءَ جي مڪمل سروري ڪرائي اُن جو تفصيلي پروفائيل جوڙيو وڃي هر ڳوٺ جي حدن اندر وهندڙ برساتي ندين جي رُخ ۽ پاڻي جي مقدار جي دستاويزبندي ڪئي وڃي.

• پلر پاڻي گڏ ڪري ڪم آڻڻ لاءِ غير سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ حڪومتي ادارا به دلچسپي وٺن ۽ پنهنجي ترقياتي اسڪيمن جي ڦانڊ ۾ پلر پاڻي گڏ ڪرڻ جو رٿائون شامل آهن.

• ڪوئلي جي تهن ۾ يا اُن کان هيٺ جيڪي پاڻي جا تهه آهن تکن کي سُڪارج ڪندي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ اُهو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ به ڪم آڻي سگهجي ٿو.

• مختلف هنڌن تي چيڪ ڊئم ٺاهيا وڃن جيئن جر جو پاڻي ٻيهر تار ٿيندو (Recharge) رهي ۽ پارڪر ۾ اهڙا ڊئم ڪن هنڌن ٺهيل آهن پر پوءِ به پارڪر جو ڪافي پاڻي ضايع ٿئي ٿو پوري ٿر ۾ اهڙا چيڪ ڊئم ٺاهي برساتي پاڻي کي ڪتب آندو وڃي.

• جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته ٽنهي پائيپ لائينن جو دائرو وڌائيندي سڄي ٿر تائين درياهي پاڻي وٺي وڃڻ جو دائرو وڌايو وڇي باقي جتي پاڻي پهچي نٿو سگهي اُتي راڄن جي ماڻهن کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ وسيلي باؤزرس ذريعي پاڻي پهچائڻ جو ميڪا نيزم جوڙيو وڃي.

• پاڻي جي ڪم ڪار جا جيڪي به نوان تجربا ٿين ٿا تن کي وسيلا وڃائڻ کان اڳ اُنهن جو قابل عمل هجڻ جو اڀياس ڪرايو وڃي جيئن اسان مسلسل تجربن مان گُذرڻ جو بَکُ نه بنجون.

• پاڻي اُن جي بناوت، غلاظتن، ڪيمائي مادن يا لوڻياٺ جي نقصانن فائدن بابت عوامي سطح تي وسيع جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.

• اهي چند گذارشون آهن جن وسيلي ٿر ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کي آساني سان مُنهن ڏيئي، ٿري ماڻهو وڃي پيئڻ جي محفوظ پاڻي تائين پهچي کي يقيني بنائي سگهجي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو