Home / ڪور افيئر / آصف زرداري ، ذوالفقار مرزا۽ ڪمال چانگ جي ياري جو زوال
above article banner

آصف زرداري ، ذوالفقار مرزا۽ ڪمال چانگ جي ياري جو زوال

A Reporter

 

1992 ڌاري جنهن ذوالفقار مرزا کي محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي بدين جي اڳواڻن سان متعارف ڪرايو، اهو مرزا پوءِ هڪ ديومالائي ڪردار بنجي بدين ۾ اڀريو.

هن يونائيٽِڊ هوٽل بدين ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هوٽل جو مالڪ شيخ اڄ به انهي ڏينهن جو ذڪر وڏي فخر سان ڪندوآهي، جڏهن مرزا پنهنجو شناختي ڪارڊ ڏئي اچي هن هوٽل ۾ روم بوڪ ڪرايو هو. بدين جيڪو هيڻن لاڙين جو ديس آهي، سو اهڙن ماڻهن جي لاءِ دبئي کان قطعي به گهٽ ناهي جيڪي هتي خالي هٿين آيا ۽ هتان کرب پتي بنجي ويا. شبير ڏيپر، قاضي نثار ۽ ذوالفقار مرزا ۽ ساڻس گڏ آيل ٿلهن متارن هاٿين جي فوج انهي جو پڌرو مثال آهي. ڊاڪٽر مرزا جڏهن بدين ۾ سياست جي شروعات ڪئي ته هن ضروري سمجهيو ته هو پاڻ سان گڏ ڪجهه جيالا به گڏ کڻي، هن ڪڍڻ ويجهو مرزا مل قائم ڪئي، شير جمالي، حيدر شاهاڻي جهڙا ڪجهه ڪاٽڪو به کنيائين ته وري تاجو سومري جهڙن جيالن کي به پنهنجي جوڙ ۾ شامل ڪيائين. ٿورڙي پئسي جي چمڪ دمڪ جو ڏيکاريائين ته عوامي تحريڪ کي کاٽ هڻي آڪاش انصاري، عزيز ميمڻ، اقبال ساريجي ۽ ستار چنا وارو سڄو ولر به وٺي آيو. انب گوپانگ انهن ڏينهن ۾ مرزا لاجي جو وڏو ماهر هو.

22

بدين جا مقامي پارٽي اڳواڻ پنهنجي روين جي ڪري غريب جيالن جا ڀرجهلا نه ٿي سگهيا سو مرزا جي سخاوت ۽ همت انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وئي. 93_94 واري اليڪشن ۾ هو بدين جي قومي اسيمبلي واري تڪ تان ايم اين اي چونڊجي آيو. هن اها اليڪشن ڪنهن هلڪي ڦلڪي ماڻهو کي نه هارائي هئي پر ذوالفقار علي ڀٽي جي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽي کي هارايو هئائين. انهن ڏينهن ۾ مرزا وٽ انڌا پاور هئا، ٽڪيٽن جا فيصلا ۽ وزارتن جي ورهاست سندس ئي مرضي مطابق ٿيندي هئي. جيڪو مرزا کي نه وڻندو هو تنهن جي لاءِ زرداري وٽ به جاءِ نه هوندي هئي. سڪندر منڌرو انهي جو وڏو مثال هو.

خير .. مرزا جي انهي وقت جي ٽيم ۾ غني انصاري ، قاضي امجد، نادر خواجو، مظهر خواجو، مسرت خواجي سميت ڪافي اهي ماڻهو شامل هئا جن سان پوءِ وري خود مرزا جا چوٽي جا اختلاف به ٿيا. هن ٻڪري چورن، پاٿاريدارن کي اهڙو نوازيو جو قربانيون ڏيندڙ ورڪر گهر جهلي ويهي رهيا ۽ قدرت جو ڪرشمو وري اهو ٿيو جو اهي ساڳيا ماڻهو مرزا جي سامهون وڏا سياسي بت بنجي بيهي رهيا. شير جمالي هن کي بدين ۾ نهايت ٽف ٽآئيم ڏنو. وڏي ڳالهه اها ته مرزا جنهن کي به نوازيو ان کي زيرو منجهان هيرو ڪري ڇڏيائين ۽ وري پلٽو کاڌائين ته ان کي بي عزتو به خوب ڪيائين. هن ساڻس ويجهو رهندڙ ڪنهن به ماڻهو کي واري واري سان نوازڻ ۽ بي عزتو ڪرڻ کان سواءِ ڪڏهن به نه ڇڏيو.

سندس گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا جو بار بار ايم اين اي ٿيڻ، سندس پٽ حسنين مرزا جو ايم پي اي ٿيڻ، ڪمال خان چانگ جو ضلعي ناظم ٿيڻ، مسرت خواجا ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جو ڊي _فيڪٽو تعلقا ناظم بدين ٿيڻ جو ڪريڊٽ هن ڏانهن وڃي ٿو.

هن روپوشي جي ڏينهن ۾ پاڻي جيان پئسو هلائي اهي اليڪشنون ڪيون. ظاهر آهي هن اهو پئسو ڪمايو به هتان جي ماڻهن جي رت ست مان هو پر خرچ گهڻو تڻو اهڙن ڪمن تي ڪيائين.يونائٽيڊ هوٽل جي ڊيلڪس ڪمري کان مورجهر جي محل جو سفر هن تمام تيزي سان طئي ڪيو. زرداري جي ياري هن جي لاءِ سرخاب جا پر هئي. هو چوندو هو ته مونکي پهريل هي ڪپڙا به منهنجي غيرت مند دوست آصف زرداري جا آهن، اهو ئي آصف زرداري هن جي نظر ۾ هاڻي ڪيترو غيرت مند آهي، انهي سوال جو جواب هو گذريل هفتي ميڊيا کي ان وقت ڏئي چڪو آهي جڏهن سندس سياسي تاريّخ ۾ پهريون دفعو بدين ضلعي اندر سندس خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ سندس ئي ويجهي دوست ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽ ڪمال خانگ ميڊيا تي اهو چيو ته هو ذهني مريض آهي سندس علاج ڪرايو وڃي.

مرزا جيڪو زرداري جي ڪيل ڪرتوتن جو لڪل خزانو آهي تنهن جي خاموشي آصف علي زرداري جي سلامتي جي علامت آهي، سو هو اهو قطعي به ڪون چاهيندو ته سندس رازدار وري ڪنهن پاشا جي ور چڙهي وڃي.

بلڪل ايئن جيئن مرزا وٽ زرداري جا اهم راز آهن تيئن وري ذوالفقار مرزا کي توهان اسان کان وڌيڪ ڊاڪٽر نثار مورائي، ڪمال خان چانگ ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ خوب سڃاڻندا هوندا، ممڪن آهي ته انهن وٽ مرزا صاحب جي هوم منسٽري تان استعيفا واري عمل جي اصلي سبب سميت ٻين به ڪيترن ئي رازن جو رموٽ هجي.

ميڊيا جي محاذن تي مورچا بند هي هڪٻئي جا پراڻا دوست شايد هڪٻئي مٿان ڪو به اهڙو خود ڪش حملو نه ڪن جنهن سان سڀئي خاموش ٿي وڃن.

هنن يارن جي اختلافن جو سبب نه ڪو سنڌي عوام جا مفاد آهن ۽ نه ڪو بدين ضلعو آهي ۽ نه ڪو هنن کي پپيلز پارٽي جي ڪا پرواهه آهي. زمينون، پلاٽ، پئٽرول پمپ ۽ لڪل اڪائونٽن ۾ پيل اربين رويپن جي وڏي صاحب جي اڪائونٽ ۾ منتقلي ۽ ڪجهه ٻيا معاملا هن جهيڙي جي پويان آهن .

زرداري جي نظر ۾ محسن ڪش مرزا آهي، مرزا جي نظر ۾ محسن ڪش ڪمال چانگ، نثار مورائي ۽ عزيز ميمڻ آهن ….ها پر هر ماڻهو جي پنهنجي ذاتي عزت ۽ غيرت به معنيٰ رکي ٿي، جڏهن محسن اهي حدون اورانگهيندا آهن تڏهن هن قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي. ڪمال چانگ جيڪو چانگن جو سردار آهي تنهن کي مرزا ذوالفقار جي ئي سفارش تي آصف زرداري رهائي ڪميٽي بدين جو صدر، بدين جو ضلعي ناظم، پ پ پ بدين جو جنرل سيڪريٽري بنايو ويو ۽ پوءِ هو ادي فريال کي ويجهو ٿيو ته هن ڀيري هو ايم اين اي به چونڊجي ويو، بلڪه بدين ۾ هاڻي هن جي مرضي ٿي هلي، جيڪا ڳالهه ظاهر آهي ته مرزا کي تڪڙي هضم نه ٿيندي. مرزا پنهنجي انهي سڄي انتقام کي بريف ڪيس ۾ وجهي بلاول کي دانهن ڏيڻ جي لاءِ لنڊن روانو ٿي چڪو آهي. ڏسون ته سندس واپسي ڪيئن ٿي ٿئي. وري هڪ ڊگهي خاموشي يا مورڳو دما دم مست قلندر ….

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو