Home / شوبز / ايش جي جذبا 9 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي
above article banner

ايش جي جذبا 9 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي

show 1فلمي شوقينن ايشوريا راءِ بچن کي آخري ڀيرو فلم ”گذارش“ ۾ اڄ کان 9 سال اڳ ڏٺو هو، هاڻي اڀيشيڪ بچن جي گھر واري لاڳيتو 9 سال سلور اسڪرين کان پري رهڻ کان پوءِ سنجي گپتا جي فلم ”جذبا“ ۾ ڊيبيو ڏئي رهي آهي، جيڪا هلندڙ سال 9 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي. فلم جي ڪهاڻي هڪ قانوندان ۽ ڏوهاريءَ جي چؤڦير گھمي ٿي، قانوندان جو ڪردار ايشوريا جڏهن ته ڏوهاريءَ جو ڪردار عرفان خان ادا ڪندو، فلم ”جذبا“ ايڪشن ۽ ٿرلر واري فلم هوندي، ايشوريا جي چاهيندڙن فلم ۾ ايشوريا راءِ بچن جو اهڙو ڪردار اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. سنجي گپتا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته فلم ”جذبا“ جي رليز لاءِ هن سال جو 9 آڪٽوبر اهم ڏينهن هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو