Home / ڪتاب / ايل بي او ڊي: هڪ مها آفت لاڙ جي ماحولياتي ۽ سماجي تاريخ
above article banner

ايل بي او ڊي: هڪ مها آفت لاڙ جي ماحولياتي ۽ سماجي تاريخ

غفار کوسو

لاڙ جي هڪ کاهوڙي صحافي ڪامريڊ الهبچائي جمالي جو نئون ڇپيل ڪتاب “ايل بي او ڊي هڪ مها آفت” منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪتاب ۾ بحث جو بنيادي نڪتو/موضوع ايل بي او ڊي آهي. ڪافي تفصيل ۾ گهڻ رخي انداز ۾ جائزو ورتو ويو آهي ته بظاهر ترقي جي نالي ۾ شروع ڪيل منصوبي ڪيئن مقامي آبادي لاءِ تباهڪاري آندي ۽ موت جو سامان ميسر ڪيو. ليکڪ پنهنجي ڪالمن ۾ ٻيا به ڪيترائي اهم موضوع ڇيڙيا آهن جن جو تعلق لاڙ پٽ جي غريب عوام جي جياپي سان آهي، هن تاريخي طور شاندار ۽ شاهوڪار خطي ۾ هٿرادو ماحولياتي تبديلين بعد قدرتي آفتن جيڪو محشر برپا ڪيو آهي ان جو پڻ سربستو احوال ڏنو ويو آهي. ليکڪ جي هڪ وڏي خوبي هي آهي ته هو موجود حقيقتن کي ان جي تاريخي پسمنظر سان جوڙي بيان ٿو ڪري، اهڙي ريت پڙهندڙ موضوع متعلق گهري ۽ گهڻ طرفي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي ٿي. جيئن  مثال طور ولاسي متعلق، اُن جي خوشحال ۽ شاداب ماضي بابت ليکڪ ڏاڍو خوبصورت عڪس چٽيو آهي.

اڳتي هلي ليکڪ وقت جي موجود حقيقت کي بيان ڪندي لکي ٿو ته نيڪال جي ناڪاره سرشتي، قدرتي ماحول جي هٿرادو تباهي ۽ پاڻي جي شديد کوٽ اُن پراڻي خوشحالي کي ماضي ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت صورتحال هي آهي جو هن علائقي جون 90 سيڪڙو زمينون سم ۽ ڪلر جي لپيٽ ۾ آهن، جَر جو پاڻي کارو آهي، اهو ٽن کان پنجن فوٽن تي نڪري ٿو، زراعت جيڪا اڪثريتي عوام جي گذر جو وسيلو آهي اها تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. ڍنڍون زهريلي پاڻي سبب آلوده ٿي چڪيون آهن.ٻيلا، جهنگ ۽ وڻ ٽڻ مڪمل طور ختم ٿي چڪا آهن. ڪتاب جي صفحي نمبر 59 تي روپا ماڙي جو ذڪر ڪندي ليکڪ هيئن لکي ٿو“ هن رڻ پَٽ ۾ ڪيئن سالن کان دودي سومري جي قبر اڪيلي سر ويرانين ۽ بربادين سان مهاڏو اٽڪايو بيٺي آهي. اسان کي سنڌ جي هن اڳوڻي راڄڌاني ۾ پري پري تائين ڪو به انسان ۽ حيوان نظر ڪو نه ٿو اچي. ميلن تائين ڪو به وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽو ڏسڻ لاءِ واجهايون ٿا.”

محترم الهبچائي جمالي جو هي ڪتاب درحقيقت لاڙ جي ماحولياتي ۽ سماجي تاريخ آهي. هي هڪ اهڙو دستاويز آهي جيڪو تاريخ جي هڪ مخصوص دور ۾ برپا ٿيل ماحولياتي، سياسي ۽ انتظامي ناانصافين جو تفصيل بيان ڪري ٿو، اهڙي طرح وسيع پسمنظر ۾ هي ڪتاب لاڙ پٽ جي غريب ۽ ڌتڙيل عوام جي حقن سان ٿيل هٿ چراند ۽ ڏاڍاين خلاف هڪ مدلل ۽ مفصل ڪيس آهي. هي ڪتاب پيرائتي ڄاڻ ڏي ٿو ته ڪيئن طاقت جي زور تي مقامي ماڻهن کي پنهنجن روزگار جي وسيلن کان محروم ڪيو ويو؟ ڪيئن ڪوڙا جواز ڄاڻائي حقدارن جون زمينون رٽائرڊ آفيسرن ۾ ورهايون ويون. ڪيئن انهن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان بئراج ٺاهيا ويا ۽ نوان واهه ڪڍيا ويا. ڪيئن انهن ئي ڌارين جي زمين کي آباد ڪرڻ خاطر نيڪالي جي ناڪاره سرشتي جي شروعات ڪئي وئي ۽ ڪيئن بعد ۾ ايل بي او ڊي جهڙي مصيبت مسلط ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي آفتون برپا ٿيون.

book 1

ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ جتي هڪ طرف مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياستدانن جي نااهليءَ ۽ بدعنواني جو ذڪر ڪيو آهي ته ٻي طرف بزدل ۽ بدعنوان نوڪر شاهي کي پڻ ڪونه بخشيو آهي، جيڪا پنهنجي عوام دشمن سوچ سبب پنهنجن آقائن کي خوش رکڻ لاءِ جيري خاطر ٻڪري ڪهندي دير نه ڪندي آهي.

ليکڪ پنهنجي ان راءِ ۾ ڪافي حد تائين درست آهي ته لاڙ کي ٻڏڻ ۽ برباد ٿيڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي. ڪيترائي پاڻ کي سنڌ جا گهڻگهرا سڏائيندڙ ايل بي او ڊي جهڙي موتمار مسئلي تي هميشه خاموش ۽ تماشائي بنيل رهيا آهن. جمالي صاحب پنهنجي لکڻي ۾ بنهه سچو، سڀني ماڻهن تي بنا رک رکاءُ جي ڇوهه ڇنڊيا آهن جن سڌي يا اڻ سڌي طرح نيشنل ڊرينيج پروگرام ۽ ايل بي او ڊي جي حمايت ڪئي آهي. ساڳئي وقت هن عالمي بئنڪ ۽ ان جي آشيرواد سان هلندڙ مهانگين ڪنسلٽنٽ فرمن ۽ فردن تي پڻ تنقيد ڪئي آهي جن پنهنجي مفادن خاطر سنڌ جي هڪ شاندار ماضي رکندڙ شاهوڪار خطي کي تباهي جي ڪن ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. پنهنجي ڳالهه کي بيان ڪرڻ لاءِ الهبچائي صاحب وٽ معلومات جو بنيادي ذريعو لاڙ پٽ جا عام ماڻهو، جهونا، سُگهڙ ۽ لوڪ ڏاهپ رکندڙ شخص آهن. ليکڪ هن علائقي جي باري ۾ وسيع ڄاڻ رکندڙ سُگهڙ فقير ناٿي خان لنڊ جو به بار بار ذڪر ڪيو آهي، جنهن جا ويچار، ڳالهيون ۽ اڳڪٿيون سو سيڪڙو سچيون ثابت ٿيون آهن.

ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌ جي ٻن نامور ليکڪن، دستگير ڀٽي ۽ بدر ابڙو جا رايا شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ شامل ڪالمن کي پڙهندي ڪجهه ڳالهين جو ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو ته ساڳي وقت مواد جي ترتيب جي حوالي سان پڻ ڪجهه کوٽ محسوس ٿئي ٿي.

الهبچائي جمالي جو هي ڪتاب “ايل بي او ڊي هڪ مها آفت” ولاسو پبليڪيشن ڪڍڻ طرفان ڇپايو ويو آهي. 422 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمتن 500 روپيا آهي.

khosoghaffar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو