Home / اسپيشل افيئر / اڇو پاڻي لڙ ٿيو!
above article banner

اڇو پاڻي لڙ ٿيو!

ناصر پنهور

فطرت ۽ فطري وسيلا جتي ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ ۾ اهميت رکن ٿا. اتي ماڻهن جي گذر سفر جو به مکيه ذريعو آهي. درياءَ، ٻيلا،ڍنڍون ۽ سامونڊي ڪنارا فطري اثاثا آهن جن جو تحفظ ۽ پائدار استعمال معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي خوشحالي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن هميشه فطرت جي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ بدران معاشي ترقي کي اهميت ڏني آهي. نتيجي ۾ نه رڳو فطري وسيلا تباهي جو شڪار ٿيا پر غربت ۾ پڻ اضافو ٿيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي بحران ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندو پيو وڃي. ڍنڍن کي فطرت جون “سپر مارڪيٽ” چيو وڃي ٿو . پر ڍنڍن کي انسان ذات اڪثر ڪري زمين جو خراب ٽڪرو سمجهي ٿي، جتي گندو ۽ خراب پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. ڍنڍن ڏانهن اسان جي مجموعي روئي جي ڪري ڌرتي جي گولي تان 64 سيڪڙو ڍنڍون ميسارجي ويون آهن ۽ دنيا ۾ مٺو پاڻي ٽي سيڪڙو کان به گهٽ آهي ۽ ان جو به وڏو مقدار برف طور ڄميل آهي. هر انسان کي روزانو 20 کان 25 ليٽر پاڻي گهربل آهي. جنهن سان هو پيئڻ جي پاڻي، رڌ پچاءُ ۽ صفائي سٿرائي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. ڍنڍون به انساني پاڻي جي ضرورتن جي پورائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍونڍون جر کي به بحال رکن ٿيون. کاڌ خوراڪ جي حوالي سان ڍنڍون خوراڪ جي فراهمي کي به يقيني بڻائن ٿيون. هڪ اندازي مطابق هڪ انسان سراسري طور تي سال ۾ 19 ڪلو مڇي واپرائي ٿو. مڇي جي پيداوار جي حوالي سان مٺي پاڻي جي ڍنڍن سان گڏ سامونڊي ڪناري ۾ واقع ڍنڍون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

اهڙي نموني سان ٻوڏن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پڻ ڍنڍن جي اهميت آهي. مطلب ته ڍنڍن مان ڪو هڪ نه پر ڪيترائي فائدا آهن، مثال طور ڍنڍون پاڻي کي فلٽر ڪري صاف ڪن ٿيون، مختلف جيوت، مڇي، ٻوٽن ۽ گاهن جي نشو نما ڪن ٿيون، ساحلي علائقن کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍن جي تباهي ۽ گدلاڻ جا سبب نه رڳو فطري پر هٿرادو پڻ آهن. جنهن ۾ خاص ڪري زمين جي استعمال ۾ تبديليون، زمين کي زراعت ۽ چاري لاءِ استعمال ڪرڻ جي رجحان ۾ واڌ، آبي گدلاڻ، پاڻي جي وهڪرن کي ڊئمن ذريعي روڪڻ ۽ آبپاشي لاءِ پاڻي جي استعمال ۾ اضافو ڪرڻ شامل آهن. پاڪستان ۾ نه رڳو ميداني علائقن ۾ ڍنڍون آهن، پر اترين علائقن جي جابلو علائقن ۾ واقع سيف الملوڪ ڍنڍ کان ٺٽي ۽ بدين جي خوبصورت ڍنڍن تائين ڍنڍن جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي.

ڍنڍن جا جتي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي فائدا آهن اتي ڍنڍن جي خوبصورتي شاعرن کي به متاثر ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي ته ڍنڍن سميت ٻيا فطري نظارا اسان جي ادب جو حصو آهن. پر بدقسمتي سان سنڌ جي ڍنڍن کي بچائڻ ۾ اسان ناڪام رهيا آهيون. ڪيترين ڍنڍن مان مٺو پاڻي ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن کي زهريلي پاڻي صنعتن خاص ڪري شگر ملن ۽ شهرن جي گندي پاڻي جي مسلسل ڇوڙ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سرڪار جي غلط رٿابندي جو هڪ اهم مثال منڇر ڍنڍ آهي، جيڪا ڪنهن دور ۾ نه رڳو مهاڻن لاءِ روزگار مهيا ڪندي هئي پر زراعت جو به اهم وسيلو رهي. پنجاهه هزار کان وڌيڪ مهاڻن جي گذر سفر جو وسيلو اڄ مڪمل تباهي جو شڪار آهي ۽ آسپاس ٿيندڙ زراعت به ختم ٿي وئي آهي. غربت جي ڪري گذر سفر ڏکيو ٿي پيو آهي. ٻيڙين ۾ رهندڙ مهاڻا ملڪ جي مختلف حصن ۾ لڏي ويا آهن ۽ ٻيڙين ۾ رهڻ واري روايت به ختم ٿيندي پئي وڃي. جيڪڏهن ڍنڍن کي تحفظ ڏنو وڃي ها ته نه رڳو علائقي جي صورتحال مختلف هجي ها پر مهاڻن جي مرندڙ ثقافت کي به بچائي سگهجي ها.

جيتوڻيڪ سنڌ جي ڏهن خوبصورت ڍنڍن کي گڏيل قومن جي عالمي معاهدي رامسر ڪنوينشن تحت رامسر سائيٽ ته قرار ڏنو ويو آهي پر انهن ڍنڍن جي تحفظ لاءِ عملي طور ڪي به قدم نه ٿا کنيا وڃن. سنڌ جي ڍنڍن مان صوبي جي 65 سيڪڙو مڇي حاصل ٿيندي هئي جنهن ۾ مڇي جا 120 قسم شامل هوندا هئا. پر گدلاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ سبب هاڻي ڍنڍن مان حاصل ٿيندڙ مڇي جي پيدوار گهٽ ٿي وئي آهي. جيئن ڍنڍن جا مختلف فائدا آهن اهڙي ريت ڍنڍن جو انتظام به مختلف کاتن ۾ ورهايل آهي. آبپاشي کاتو، سيڊا، فشريز کاتو، جهنگلي جيوت کاتو، ماحوليات کاتو، سياحت کاتو، صنعتن جو کاتو ۽ ضلعي انتظاميه اهي سڀ کاتا ڍنڍن جي انتطام جا ذميوار آهن. پاڻي جي ڊرينيج جي منصوبي جي تعمير واپڊا جي واٽر ونگ جي ذميواري آهي. اهي سڀ کاتا ۽ وزارتون ڍنڍن جي وسيلن جي مالڪي ۽ انتظام ۾ ته سنجيده نظر اچن ٿا پر ڍنڍن جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪا به سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کاتن وچ ۾ رابطي ۽ هم آهنگي جي کوٽ ڍنڍن جي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.

ڍنڍون جتي مختلف وکر ۽ سامان مهيا ڪن ٿيون اتي ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ ۾ گهربل خدمتون به مهيا ڪن ٿيون. معاشي ترقي ۾ ڍنڍن جو اهم ڪردار آهي پر اڪثر ڪري ان کي مڃتا نه ٿي ملي ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ اڪانامي ۾ ڍنڍن مان ملندڙ پئداوار ۽ فائدن کي مڪمل طور رڪارڊ نه ٿو ڪيو وڃي. تنهن ڪري ملڪ ۾ ڍنڍن مان حاصل ٿيندڙ معاشي فائدن کي ڳڻپ ۾ نه ٿو آندو وڃي. ساڳي طرح ڪنهن به ماحولياتي نظام جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ مٺي پاڻي جي فراهمي ضروري آهي. پر ماحولياتي نظام جي لاءِ گهربل پاڻي کي اهو چئي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ته ملڪ ۾ موجوده پاڻي کي صرف پئداواري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي. بهرحال، پاڻي دريائن، ڍنڍن ۽ جر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ڍنڍن جي آبياري کانسواءِ ڍنڍن مان حاصل ٿيندڙ معاشي ۽ ماحولياتي فائدا نه ملي سگهندا. پر ڍنڍن ۽ فطرت لاءِ پاڻي نه ڇڏڻ يا اثرانتهائي خطرناڪ ٿيندا. مثال طور انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام جنهن ۾ تمر جا ٻيلا مڇي جي واڌ ويجهه ۽ سامونڊي طوفانن کان بچاءُ شامل آهي جي لاءِ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي. جنهن کي ڪجهه پاليسي ساز سمنڊ ۾ پاڻي جو زياب ٿيڻ چوندا آهن. ڍنڍن، فطرت ۽ ماحوليات کي برقرار رکڻ لاءِ مٺي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ خود پاليسي ٺاهيندڙ کي احساس ڏيارڻو پوندو. ڍنڍن جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي گذر سفر جو دارو مدار آهي پر ان سلسلي ۾ مقامي سطح تي ماڻهن لاءِ قدرتي وسيلن جي انتظام جي حوالي سان ڪو به قانون موجود ناهي. ڍنڍن جي زراعت کان وڌيڪ شهرن ۽ صنعتن کان خطرا آهن. آبادي جي واڌ ڪري شهري علائقن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي لاءِ نوان رهائشي منصوبا ٺاهيا پيا وڃن. خاص ڪري ساحلي علائقا تعميراتي ڪمپنين جي لاءِ ڪافي ڪشش رکن ٿا. باوجود ان حقيقت جي ته ساحلي علائقن جي ڀرسان رهائشي منصوبا ٺاهڻ تي بندش آهي پر اتي ڪيترائي نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. اڄ سنڌ جون باقي ڍنڍون ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيون آهن ڪيتريون ختم ٿي ويون آهن، باقي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ ڏيهي توڙي پرديسي پکي انهن ڍنڍن کان ڄڻ ته رسي ويا آهن.

“اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن، ايندي رڄ مرن تنهن سر مٿي هنجڙا”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو