Home / اسپيشل افيئر / باغن جو شهر حيدرآباد
above article banner

باغن جو شهر حيدرآباد

ڊاڪٽر مبارڪ علي

انسان جڏهن شهر آباد ڪيا، وستيون واهڻ وسايا ته ان جو فطرت سان تعلق ٽٽي ويو، جيڪو شروعاتي دور ۾ ٻيلن، جبلن ۽ ماٿرين سان جُڙيل هو. ليڪن فطرت سان سندس اُنسيت وڻ، پکين ۽ جانورن سان رهي. وڻ شهرن ۾ ان کي ساون چُهچ ٻيلن جي ياد ڏياريندا هئا ۽ ان کي فطرت سان ڳنڍيل رکندا هئا.

تهذيب جي ترقي سان گڏ باغ جو تصور پئدا ٿيو، باغ ڪشادي زمين جي ڪنهن ٽڪري ۾ وڻ ۽ ٻوٽا ترتيب سان پوکڻ جو نالو آهي ۽ فطرت سان جيڪو تعلق ٽٽي ويو آهي، ان کي انهن باغن جي شڪل ۾ قائم رکي پيو سگهجي. ليڪن باغ ٺاهڻ لاءِ جن وسيلن جي ضرورت هئي، اهي عام ماڻهن وٽ نه هئا، اهي وسيلا حڪمرانن وٽ هئا، ان ڪري باغ ٺاهڻ ۾ سندن بنيادي ڪردار رهيو.

بابل جي تهذيب ۾ ٽنگيل باغن (Hanging Gardens) جي تاريخ ملي ٿي، جيڪي حڪمرانن پنهنجي محلاتن جي ڇتين تي هنيا هئا ته جيئن اهي نه رڳو آبهوا تبديل ڪري سگهن، بلڪه سندن خوبصورتي مان به لطف اندوز ٿي سگهن. ويجهڙ ۾ ئي قديم آثارن جي ماهرن اهڙن باغن جا آثار لڌا آهن، جن انهن جي تاريخي حقيقت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي.

ايران ۾ بادشاهه پنهنجي محل جي چوڌاري يا الڳ باغن جو بنياد رکندا هئا، جيڪي چوديواري ۾ هوندا هئا ته جيئن عام ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهن. اهي باغ پئراڊائيز سڏبا هئا، جنهن کي هاڻي اسان جنت جي معنيٰ ۾ استعمال ڪريون ٿا. جنت جي معنيٰ به باغ ئي آهي. “باغ عدن” جو تصور ڪافي عرصي تائين اهو هو ته اهو زمين تي آهي ۽ وقت سان گڏ گم ٿي ويو آهي. جڏهن آمريڪا دريافت ٿيو ته ڪجهه عيسائي مشنرين کي ڏکڻ آمريڪا جي ساون چهچ گهاٽن ٻيلن ۾ باغ عدن جا نشان مليا.

feb 28 14

ايئن شروعاتي دور ۾ اهي باغ حڪمرانن ۽ اميرن جي ملڪيت هوندا هئا، عام ماڻهن لاءِ اهي باغ نه هوندا هئا. سيزر جي قتل کانپوءِ جڏهن انتوني سندس وصيت پڙهي ته هن پنهنجو باغ عوام جي نالي ڪري ڇڏيو هو ته جيئن اهي اتي لطف اندوز ٿي سگهن. ماڻهو سندس اهڙي وصيت کان ايترو ته متاثر ٿيا جو سيزر سندن هيرو بڻجي ويو.

هندستان ۾به حڪمران ۽ امير باغن جا بنياد رکندا هئا. بابر هندستان جي فتح کانپوءِ سڀ کان پهرين اهو ئي ڪم ڪيو هو هو ته آگره ۾ باغ جو بنياد رکيو هئائين. وچئين دور جي حڪمراني پنهنجي مقبرن جي چوڌاري به باغ لڳرايا هئا ته جيئن ماڻهو اچن ۽ اتي چهل پهل رهي.

يورپ ۾ جهموريت سان گڏ پبلڪ گارڊن يا اهڙن باغن جو تصور اُڀريو جيڪي عوام لاءِ هئا. هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت دوران ڪمپني باغ جو سلسلو شروع ٿيو. ان سان گڏ يونيورسٽين ۾ بوٽا نيڪل گارڊن جو بنياد رکيو ويو، جتي شاگرد ۽ استاد ان تي ريسرچ ڪندا هئا. لنڊن ۾ ڪيو گارڊن ٺاهيو ويو، جنهن جو مقصد اهو جاچڻ هو ته ڪهڙا ٻوٽا ۽ وڻ ڪهڙي قسم جي آبهوا ۾ اُسري سگهن ٿا. انهي تحقيق جي نتيجي ۾ برازيل جي رٻڙ جا وڻ، ملائيشيا ۾ پوکيا ويا.

باغ ٺاهڻ سبب نه رڳو شهرن جي سونهن وڌي وئي بلڪه ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿي. اهي باغ نه رڳو ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندا هئا بلڪه سندن سماجي سرگرمين جو به مرڪز هئا.

سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو شهر حيدرآباد ڪنهن زماني ۾ باغن جي شهر طور مشهور هو. مونکي ٺيڪ طرح ياد آهي ته جڏهن آءُ پهريون ڀيرو 1952ع ۾ حيدرآباد آيو هئس ته هتي هر پاسي باغ ئي باغ هئا. ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪرندي ئي هڪ باغ هوندو هو، اڳتي اچبو ته هاڻي اتي جوتن جي مارڪيٽ آهي، هتي هڪ خوبصورت باغ هو. ڪينٽ ۾ پريم پارڪ هو جتي هاڻي بنگلا ۽ فليٽس ٺهي ويا آهن، راڻي باغ هاڻي به آهي ليڪن خراب حالت ۾ آهي. ڦليلي ويندي آفندي باغ هو. گول بلڊنگ جيڪا گورنمينٽ هاءِ اسڪول سان گڏ آهي اهو به هڪ ننڍو باغيچو هو، اهڙو ئي باغيچو سول اسپتال وٽ هوندو هو.

گورنمينٽ ڪاليج جي سامهون هڪ وڏو خوبصورت باغ ڌلنداس جي نالي سان هو، ڦليلي واهه سان گڏوگڏ هڪ باغ هوندو هو، جنهن ۾ ڦوهارا به هئا، جتي هاڻ خواجه ڪالوني آهي. اهو زيتونن جي باغ طور مشهور هو. هيرا آباد ۾ گرو سنگت جي عمارت ۾ زنانو ۽ مرداڻو باغيچو هو.

لطيف آباد جڏهن آباد ٿيو ته ان ۾ يونٽ نمبر: 6 ۾ هڪ باغ هو، جيڪي هاڻي به آهي ليڪن خراب حالت ۾ آهي. حيدرآباد ۾ باغن جي خاتمي هن شهر کي پلازائن ۽ دڪانن جي شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. باغن جي اڻهوند نه رڳو شهر کي گدلاڻ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي بلڪه شهر فطرت کان ٽٽي سيمينٽ ۽ لوهه جي چوديواري جي گهيري ۾ اچي چڪو آهي. ان ڪارڻ ماڻهن جا ذهن ۽ مزاج به بدلجي ويا آهن.

ليکڪ تاريخدان ۽ 50 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

mubarakali21@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو