Home / ڪرنٽ افيئر / بلديا سانحو: متحده جي سائز گهٽائڻ جو اصولي فيصلو!
above article banner

بلديا سانحو: متحده جي سائز گهٽائڻ جو اصولي فيصلو!

سمير منڌرو

 پاڻ کي ڪراچيءَ جو مالڪ سمجهندڙ متحده قومي موومينٽ جو زوال شروع ٿي چڪو آهي. آشيرواد ڏيندڙ پاڻ سندس ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي چڪا آهن. 11 سيپٽمبر 2012 تي ڪراچيءَ جي بلديا ٽائون ۾ موجود گارمينٽ فيڪٽري ۾ هٿرادو لڳايل باهه وارو واقعو، جنهن ۾ 259 غريب مزدور سڙي فوت ٿي ويا هئا، مذڪوره ڌر کي ڦٻي نه سگهيو. متحده تي اهڙي قسم جي وارداتن/حربن جا ڪيئي الزام آهن جيڪي سياسي سرپرستي سبب منظرعام تي اچي ناهن سگهيا. جنهن ۾ سرفهرست بولٽن مارڪيٽ واقعو ۽ ٽمبر مارڪيٽ سانحو آهي. “افيئر” جي پڙهندڙن لاءِ بلديا فيڪٽري واقعي کان ترت پوءِ اهڙي قسم جي خدشي جو شڪ اڳ ظاهر ڪيو ويو هو ته باهه حاثو نه پر واردات آهي، جنهن جي پويان ڀتي جو عنصر هو.

بلديا فيڪٽري واقعي جي جوائنٽ انسويسٽيگيشن ٽيم جي رپورٽ هتي پيش ڪرڻ کان اڳ تازو ٽمبر مارڪيٽ واقعي جو ڪجهه اکين ڏٺو حال احوال توهان جي اڳيان رکجي ٿو. ٽمبر مارڪيٽ جي باري ۾ هڪ اهم انڪشاف به ڪندا هلون ته انهيءَ مارڪيٽ ۾ سمورو نقصان سنڌين کي ٿيو، ڇو جو هتي جا رهائشي ۽ دڪاندار 100 سيڪڙو سنڌي هئا، جن ۾ سومرا، آڳريا، ڪلر ۽ گُجراتي شامل هئا/آهن. هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر سياسي طور تي پيپلز پارٽي ۽ ان کان پوءِ مذهبي تنظيم سُني تحريڪ جو هو. متحده جو هن مارڪيٽ ۾ اثر نه هئڻ برابر هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته پنهنجو اثر قائم ڪرڻ ۽ ڀتي وٺڻ لاءِ مبينه طور متحده ڪيئي حربا استعمال ڪيا جيڪي ناڪام ويا. باهه واقعي جي ٻه ڏينهن بعد اهڙيون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ آيون ته اهو واقعو قدرتي نه پر هٿرادو هو. چون ٿا ته باهه لڳڻ کان ترت پوءِ مذڪوره ڌر جا ڪارڪن چرپر ۾ اچي ويا. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته فائر برگيڊ جي گاڏين کي به واپس ڪيو ويو.

14

واقعي جي ٽئين ڏينهن ٽمبر مارڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس وارن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثرين جي جلد مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سگهن. پريس ڪانفرنس ۾ ڪٿي به ڪنهن سياسي پارٽي جي ڪردار جو ذڪر نه ڪيو ويو. جيڪا ڳالهه نائن زيرو ۽ لنڊن وارن کي نه وڻي. پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ جي 10 منٽن کان پوءِ متحده جي اهم اڳواڻن ڌمڪي واري لهجي ۾ متاثرين کي هدايتون ڪيون ته اهي الڳ پريس ڪانفرنس ڪري متحده ۽ خاص طور الطاف حسين جي ڪردار جي ميڊيا اڳيان تعريف ڪن نه ته هنن لاءِ سٺو نه ٿيندو. مون ڏٺو ته جن جو ڪاروبار ۽ گهر سڙي ويا سي ان واقعي کان وڌيڪ ان کانپوءِ جڙندڙ صورتحال تي پريشان هئا. هو ڀائي ڀائي ڪري مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. انصاف جو دور ايندو ته اهو پڻ ثابت ٿيندو ته هن واقعي ۾ ڪهڙي ڌر شامل هئي.

فيبروري جي پهرين هفتي ۾ بلديا ٽائون فيڪٽري واقعي جي تازي رپورٽ پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪجهه هن ريت لکيل آهي ته: جاچ دوران ملزم رضوان قريشي جو تعلق متحده سان ڄاڻايو ويو آهي. اعتراف ڪيو آهي ته هڪ نامي گرامي پارٽي جي اڳواڻن فيڪٽري جي مالڪن کان 20 ڪروڙن جي ڀتي جو مطالبو ڪيو هو. اهو مطالبو باهه لڳڻ جي واقعي کان تقريبن هڪ مهينو اڳ ڪيو ويو هو. ڀتي جي مطالبي کان پوءِ فيڪٽري مالڪ متحده بلديا ٽائون جي سيڪٽر انچارج اصغر بيگ سان مليا ۽ هن کي ٻڌايو ويو ته هن جي پارٽي جا اڳواڻ هنن کان 20 ڪروڙ روپين جو مطالبو ڪري رهيا آهن. اصغر بيگ فيڪٽري مالڪن سان گڏ متحده جي هيڊ آفيس يعني 90 تي ويو، جتي هو ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي عهديدارن حماد صديقي ۽ فاروق سليم سان مليو ۽ کين ٻڌايائين ته فيڪٽري مالڪ متحده جا حمايتي آهن پر کين ڀتي لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي. اصغر بيگ جي انهيءَ معاملي تي پارٽي اڳواڻن سان منهن ماري پڻ ٿي، جنهن کان پوءِ اصغر بيگ کان تنظيمي عهدو واپس ورتو ويو ۽ ان جي جاءِ تي رحمان ڀولا کي ذميواري ڏني وئي.

رحمان ڀولا کي حماد صديقي ۽ فاروق سليم هدايت ڏني ته هو فيڪٽري مالڪن کان 20 ڪروڙ ڀتو وصول ڪري. رحمان ڀولا هڪ ڀيرو ٻيهري فيڪٽري مالڪن کان 20 ڪروڙين جو مطالبو ڪيو. انڪار ڪرڻ تي 11 سيپٽمبر 2012 جي شام جو رحمان ڀولا پنهنجي ساٿين جي مدد سان فيڪٽري تي ڪيميڪل اڇلايو جنهن سبب ڏسندي ئي ڏسندي سڄي فيڪٽري ۾ باهه ڦهلجي وئي.

ٻي ڏينهن سي آءِ ڊي اصغر بيگ جي گهر تي چڙهائي ڪندي هن جي ڀاءُ ماجد بيگ کي گرفتار ڪري ورتو. ملزم جي آئي ٽي کي ٻڌايو ته متحده جي اڳواڻن فيڪٽري مالڪن کي مجبور ڪيو هو ته اهو بيان ڏين ته ماجد هن واقعي ۾ شامل نه هو. اهڙي بيان کان پوءِ ماجد بيگ کي آزاد ڪيو ويو. جي آءِ ٽي ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته متحده جي هڪ اڳوڻي وزير پوليس اسٽيشن وڃي فيڪٽري مالڪن خلاف هڪ ڪيس پڻ داخل ڪرايو.

فيڪٽري مالڪن گرفتاري کان اڳ ضمانت سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حاصل ڪئي، پر متحده جي اڳوڻي وزير پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي اها ضمانت پڻ رد ڪرائي. ان کان پوءِ اڳوڻي وزير اعظم فيڪٽري مالڪن جي مدد ڪندي کين پنجاب هاءِ ڪورٽ مان ضمانت لاءِ ڪوششون ورتيون پر متحده ان کي صوبائي معاملو ظاهر ڪندي اهڙين ڪوششن کي پڻ ناڪام بڻايو.

جي آءِ ٽي ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته متحده جي هڪ اهم اڳواڻ جيڪو ان وقت حڪومت جو حصو هو فيڪٽري مالڪن کان 15 ڪروڙ وصول ڪيا، ان شرط تي ته انهن جي خلاف ڪيس ختم ڪيو ويندو.

ان واقعي کان پوءِ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن تمام گهڻو احتجاج ڪيو ۽ خدشو پڻ ظاهر ڪيو ته ان واقعي جي غير جانبداري سان جاچ ڪئي وڃي ته جيئن واقعي جو اصل رُخ ظاهر ٿئي. پر ايئن ٿي نه سگهيو جنهن جان سبب سياسي ٻڌايا وڃن ٿا. ان واقعي کان پوءِ اليڪشن هئڻ سبب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڪيس تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، جنهن ڪري حقيقتون منظر عام تي اچي نه سگهيون.

ڪي ڌريون اهي سوال اُٿاري رهيون آهن ته اڍائي سالن کان پوءِ جي آءِ ٽي رپورٽ ڇو منظر عام تي آندي وئي آهي؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده جي من مستي ۽ ڪراچيءَ کي يرغمال بنائڻ واري روش مان اسٽيبلشمينٽ تنگ ٿي چڪي آهي. رپورٽ کان ترت پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو رد عمل پڻ غير فطري هو. آشيرواد ڏيندڙ هٿ چاهين ٿا ته متحده کي ڪجهه علائقن تائين محدود ڪجي ۽ شهر جو ڪجهه حصو پاڪستان تحريڪ انصاف حوالي ڪجي جنهن جي اڳ ئي متحده جا پنهنجا ووٽرز گذريل اليڪشن ۾ حمايت ڪري چڪا آهن.

ذريعن مطابق متحده مان مڪمل جند ڇڏائڻ ايڏو ڏکيو عمل ناهي پر وڏا ادارا اهو پڻ نٿا چاهين ته متحده جي غير موجودگي ۾ ڪراچي تي ڪنهن به مذهبي يا لساني تنظيم جو مڪمل ۽ اثرائتو قبضو ظاهر نه ٿئي. هو نٿا چاهين ته عوامي نيشنل پارٽي، سني تحريڪ، جماعت اسلامي يا پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي مارجن سان ڪراچي مان اُڀري اچن، جنهن سان هڪ ڀيرو وري ڪنهن هڪ پارٽي جو هن شهر تي قبضو ٿئي.

چيو پيو وڃي ته هڪ کان پوءِ ٻيو ڪيس متحده خلاف کوليو ويندو جيئن پارٽي اڳواڻن جي غرور تي ضابطو آندو وڃي. تازو تحريڪ انصاف سان جهيڙي ۽ پوءِ معافي کان پوءِ متحده جو پنهنجي ورڪرن ۾ پڻ مورال گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ کان پوءِ متحده پارٽي اڳواڻن جي مسلسل تقريرن کانپوءِ هڪ نه کُٽندڙ جنگ اسٽيبلشمينٽ سان شروع ٿي چڪي آهي. چيو وڃي پيو ته متحده پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ هر شرط مڃڻ کان جلد راضي ٿي ويندي. هتي هڪ ٻي ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته بلديا فيڪٽري واقعي واري رپورٽ منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي متحده کي ڪنهن حد تائين Rescue ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه نه صرف پيپلز پارٽي جي ورڪرن بلڪه پارٽي اڳواڻن ۾ پڻ بيچيني جو سبب بڻي آهي.

تاريخي طور ڏٺو وڃي ته اردو ڳالهائيندڙ جيڪي سٺ سالن کان پوءِ به پاڻ کي مهاجر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا هميشه ڪراچي شهر کي پنهنجو تڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. جيڪا ٻه ڀيرا مضبوط هٿن جي سرپرستي باوجود ناڪام ٿي آهي. هڪ ڀيرو تڏهن جڏهن لياقت علي خان هن ملڪ جو وزير اعظم بڻيو هو ۽ ٻيو تڏهن جڏهن اڳوڻو ڊڪٽيٽر پرويز مشرف اقتدار ۾ هيو. هتي اها ڳالهه ڪرڻ به اهميت جوڳي آهي ته اهڙي ڪوشش کي پنجابي اسٽيبلشمينٽ ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هو سمهجي ٿي ته مهاجرن جي تڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان سڀ کان وڏو نقصان انهن کي ٿيندو نه ڪي سنڌين کي. ڇو ته هو سمجهن ٿا ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان هلي سگهن ٿا ۽ اهڙي صورتحال ۾ هنن کي هن شهر مان ڪجهه به نه ملندو.

ٻئي طرف 16 فيبروري تي جنرل راحيل شريف، آءِ ايس آءِ چيف جنرل رضوان اختر ۽ وزير اعظم نواز شريف جي ڪراچي ياترا واري ميٽنگ مان پڻ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ مڪمل طور دفاعي هٿ مضبوط ڪيا پيا وڃن ۽ اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڏو نقصان متحده کي ئي ٿيندو. هن گڏجاڻي ۾ رينجرز جي ڪارروائين تي نه صرف اطمينان ظاهر ڪيو ويو آهي بلڪه پنهنجي پلان مطابق ڪم ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏيندي اهو يقين پڻ ڏياريو ويو آهي ته هو هٿ هلڪو نه رکن… معنيٰ متحده جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت کي برداشت نه ڪيو وڃي…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو