Home / اسپيشل افيئر / جناح جو جنم هنڌ: تاريخ جو تڪرار ڪير نبيريندو؟
above article banner

جناح جو جنم هنڌ: تاريخ جو تڪرار ڪير نبيريندو؟

زاهد اسحاق سومرو

هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪيترائي واقعا اڃا تائين تڪراري آهن، جن بابت حقيقتن جي ابتڙ مرضيءَ ۽ منشا واريون ڳالهيون سامهون آنديون ويون آهن. جڏهن ته تڪراري بڻايل واقعن لاءِ مستند رايا به اچي چڪا آهن پر تاريخدانن جا قلم جانبداري طرف لاڙو رکڻ سبب مونجهارا پيش ايندا پئي رهيا آهن. پاڪستان جو پهرين جشن آزادي 17 آگسٽ تي ملهائڻ بعد تبديلي آڻي 14 آگسٽ تي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. ساڳي طرح قائد اعظم محمد علي جناح جي ولادت جي تاريخ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي رڪارڊ مطابق 20 آڪٽوبر 1857ع آهي. پر اسان سندس جنم ڏينهن 25 ڊسمبر تي ملهائيندا آهيون. اهڙي ريت محمد علي جناح جي ڄمڻ جو هنڌ ڪراچي چيو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ سندس جاءِ پيدائش (ناناڻڪو گهر) جهرڪ آهي.

جهرڪ: ٺٽي ضلعي جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل هاڻوڪو جهرڪ بدحالي ۽ زوال جو شڪار بڻيل آهي پر عروج جي زماني ۾ جهرڪ اهميت ۽ افاديت رکندڙ شهر هو ۽ علائقو نهايت ئي گهڻو آباد ۽ وڌندڙ هو. برطانوي راڄ توڙي ان کان اڳ جهرڪ پنهنجا عروج جا قصا تاريخ جي صفحن تي نقش ڪري ڇڏيا. رچرڊ برٽن (1821ع-1890ع) ۽ ڪيپٽن ڊولمسٽ پنهنجي ڪتابن ۾ جهرڪ بابت هن ريت ذڪر ڪن ٿا ته:

سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري 50 فوٽ ٽڪري (جبل جي ٽڪري) تي اڏيل جهرڪ جو شهر ارڙهين صدي ۾ وڏي عروج تي رهيو. سندس کاٻي پاسي منجي راءِ جي ماڙي (جنهن کي ڪافو ڪوٽ) به سڏجي ٿو. شاهجهان بادشاهه جي جوڙايل مسجد، آغا حسن علي شاهه جي ٺهرايل محلن، پارپتي آوتسنگ ٽي بي سينيٽوريم، مولانا محمد علي جوهر ڊسپينسري قائم 1938ع، ٽپال گهر قائم 1843ع، پرائمري اسڪول قائم 1870ع، ميرن جي هٿيارن جو ڪارخانو، انگريزن جي فوجي ڇانوڻي، اٺن جي پاکڙن جا مرڪز ۽ گورن جو قبرستان تاريخي اهڃاڻ آهن. 200 دڪانن تي مشتمل بازار مٿان قينچي نما ڇت ۽ رستن جي صفبندي ٿيل آهي. وڻج واپار جي لحاظ کان ۽ خام تيل جو مرڪز آهي. جهاز راني جو بندرگاهه ۽ آبهوا جو مشهور هنڌ آهي. برٽش گورنمينٽ جهرڪ کي 1843ع ۾ ڪراچي ڪيلڪٽوريٽ ۾ شامل ڪيو ۽ هن جي حيثيت ضلعي برابر هئي. جهرڪ 4 پرڳڻن يعني سبب ڊويزنن ۾ ورهايل هو. (1) سيري (2) سونڊا (3) مانجهند (4) جهرڪ سونڊا. ڪمشنر سنڌ آر ڪي پرنگل کي اماڻيل سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هتي خوشحال آهي، جوئر، باجهر، ڪڻڪ، ڀنگ ۽ بوسي جا فصل سٺا ٿين ٿا، عام طور ماڻهو وڻج واپار، زراعت ۾ مڇي مارڻ جو ڪم ڪن ٿا. هندو واچي ذات جا ٽي هزار کان مٿي گهر آهن. آغا خاني خواجن جا 983 گهر آهن. ڪليڪٽوريٽ جي آدمشماري 105036 آهي. هتي ميونسپل ڪاميٽي قائم هئي، جيڪا پوءِ 1891ع ۾ سينيٽري ڪاميٽي ۾ تبديل ٿي وئي. هتان جا ماڻهو سياسي ۽ سماجي لحاظ کان تمام سرگرم هئا. ارڙهين اوڻهين صدي ۾ سياسي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز پڻ رهيو.

Ishaq Soomro pix

جهرڪ ۾ جناح جو جنم: هلندڙ دور ۾ تحقيق جي حوالي سان روز ڪيترائي نوان مثال قائم ٿي رهيا آهن، اتي تقريبن ڏيڍ سو سال جي تاريخ جي سوالن جا جوابن ڏيڻ ڪو به وڏو مسئلو ناهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ وارو هنڌ جهرڪ آهي؟ واري جملي اڳيان عجب يا سوال جي نشاني هاڻي رهڻ گهرجي. هڪ تحقيق موجب قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي نانا موسيٰ ولي ڀائي جي گهر جنم ورتو ڇاڪاڻ ته ننڍي کنڊ جي ويجهڙائي وارين رسمن ۽ ريتن موجب اڪثر قومن وانگر پهريون ٻار ناناڻڪي گهر ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جا ناناڻا جهرڪ جا رهاڪو هئا. وزير مينشن (ڪراچي) جي ڪيل تحقيقي ڄاڻ موجب جڏهن پونجا جيڻا سيٺ ڪراچي وڃي رهيو هو ته ڇاڳلا اسٽريٽ تي مسواڙ جو گهر ورتائين. ان وقت اتي هڪ مسجد کانسواءِ ڪجهه به نه هو. يعني ڪا به ٻي جاءِ ۽ عمارت نه هئي. انهيءَ علائقي ۾ پاڻي هوندو هو، جنهن کي بعد ۾ هڪ برٽش ڪمپني سڪائڻ جو ٺيڪو ورتو، جنهنجو وقت 1883ع کانپوءِ جو آهي، ته ان وقت وزير مينشن هئي ڪو نه.

گهڻي وقت کانپوءِ هڪڙي ڪاميٽي مولانا شمس الدين ڊائريڪٽر آرڪيالاجي ۽ شيخ خورشيد الحسن وارن وزير علي ولد الله دين کان 16 مئي 1953ع تي وزير مينشن خريد ڪيو. وزير مينشن ۾ ميوزيم، لائبريري ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي جاءِ ولادت قرار ڏئي تڏهوڪي تعليم جي وزير فضل الرحمان قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح سان ملاقات ڪري 14 آگسٽ 1953ع تي هن کي افتتاح ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني پر فاطمه جناح صاف انڪار ڪندي چيو ته غلط هنڌ جو افتتاح نه ڪنديس ۽ مرڻ گهڙي تائين ان ۾ وڃڻ ته ٺهيو پر ڏسڻ جي خواهش به نه ڪيائين، جيستائين هو زنده هئي ته ڪنهن کي به اها همٿ نه ٿي جناح جي جاءِ ولادت جهرڪ کي نصاب کان الڳ ڪري سگهي. قائد اعظم تي 12 ڪتاب لکندڙ صدارتي ايوارڊ يافته جناح جو ويجهو ساٿي رضوان احمد خود وزير مينشن کي رد ڪري چڪو آهي. (سنڊي ايڪسپريس هارڊ ٽاڪ 9 سيپٽمبر 2009ع) آغا حسن علي شاهه آغا خان اول ايران جي شهر ڪرمان مان مارچ 1843ع ۾ اچي جهرڪ پنهنجو مسڪن بڻايو. ساڻس ايران کان موسيٰ ولي ڀائي پڻ گڏجي آيو، جنهن به جهرڪ ۾ پنهنجي مڪمل رهائش اختيار ڪئي. اڳيان هلي موسيٰ ولي ڀائي جي شادي سيٺ پونجا جيڻا سان 1874ع ۾ جهرڪ ۾ ٿي. جڏهن ته آغا خان جي جهرڪ ۾ اچڻ جو ٻڌي ميگا جيڻا (قائد اعظم جو ڏاڏو ۽ پونجا جيڻا جو پيءُ) پانيلي گجرات مان لڏي جهرڪ ۾ آباد ٿيو ۽ پوءِ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. سندس ڪاروبار چمڙي ۽ هڏن جي خريداري هو.

جناح جي ڄمڻ جي حوالي سان جهرڪ جي اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ سندس نالو لکيل هو، جيڪو تمام وڏو دستاويزي ثبوت هو. جنرل ايوب جي دور ۾ تڏهوڪو ڪمشنر حيدرآباد مسرو احسن ۽ ڊپٽي ڪمشنر مبشر حسن اهو جنرل رجسٽر اهو ٻڌائي پاڻ سان کڻي ويا ته حڪومت کي اهو رجسٽر گهربل آهي. اهو جنرل رجسٽر هيڊ ماستر جي حڪم تي فرمان برداري ڪندڙ اسڪولي شاگرد ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ اکين ڏٺو احول اڄ به ٻڌائي ٿو. رجسٽر جي گم ٿيڻ جي صورت ۾ جناح جي ڄمڻ جي هنڌ ۽ ڄمڻ جي تاريخ به مشڪوڪ ٿي وئي. ڪراچي جي عدالت جي جج (جسٽس جي سي گليسٽر) به ان کي مشڪوڪ قرار ڏئي چڪي آهي. جناح ڪراچي جي جن ٽن اسڪولن ۾ پڙهيو آهي، انهن ۾ چرچ مشن اسڪول، لنڪزان اسڪول ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي رڪارڊ ۾ تاريخون مختلف آهن. پاڻ پرائمري اسڪول جهرڪ بعد جناح بمبئي جي انجمن اسلاميه اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهي جو سرٽيفيڪيٽ ۽ جهرڪ جو سرٽيفيڪيٽ ملڻ سان اهو مسئلو/بحث ختم ٿي سگهي ٿو يا وري اسڪولي رجسٽر جيڪو حاصل ڄاڻ موجب ڪنهن عدالت ۾ پيش ٿيو، اهو ملي وڃي ته تڏهن به هن معاملي کي فل اسٽاپ ملي ويندو. هونئن ته مون کي (راقم) ٺٽي ضلعي جي تاريخدان ۽ استاد عزيز جعفراڻي جا اهي لفظ ياد آهن ته ملڪ جي شروعاتي دور ۾ اسڪولن ۾ طفل شماري جو هڪ رجسٽر رکيل هوندو هو، ان ۾ علائقي جي ڄمندڙ ٻارن جا نالا ۽ ڄمڻ جون تاريخون لکيون وينديون هيون ۽ بقول عزير جعفراڻي جي ته آءُ پاڻ جهرڪ جي پرائمري اسڪول جي طفل شماري واري رجسٽر جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، جنهن ۾ محمد علي جناح جو نالو داخل هو.

1996ع ۾ عبدالله شاهه جي دور ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومري پاران محمد علي جناح جي جنم ڀومي جهرڪ هئڻ بابت آواز اٿارڻ تي سنڌ حڪومت ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي هئي. ان ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر حبيب الله صديقي 13 جنوري 2001ع تي جهرڪ ۾ “جناح ۽ جهرڪ” جي سري هيٺ ڪوٺايل سيمينار دوران ڪاميٽي جي تحقيقاتي رپورٽ پڌري ڪئي(جيڪا حڪومت جي سردخاني ۾ پيل آهي) رپورٽ ۾ اهو پڌرو ڪيو ويو ته سنڌ جي پرائمري واري نصابي ڪتاب مارچ 1953ع (ڇپايل سنڌ علائقائي تعليم جو کاتو) ۽ نصابي ڪتاب 1960ع ۾ به سبق هو لکندڙ ڊاڪٽر علامه محمد عمر بن دائود پوٽو (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ) ۾ واضح طور لکيل آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جهرڪ ۾ پيدا ٿيو. جناح صاحب جي جنم بابت اڳوڻين حڪومتن ۽ رياست پاران سرڪاري سطح هڪڙي نسل کي اهو ٻڌايو آهي ته جناح جهرڪ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڄ جو نسل وري چوي ٿو ته اسان نصاب ۾ پڙهون ٿا ته قائد اعظم ڪراچي ۾ ڄائو-هاڻي ٻئي ثبوت طور هڪٻئي کي رڳو نصاب جو ڪتاب ئي ڏيکارين ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو