Home / اسپيشل افيئر / حوا جي ڌيءَ کي انصاف ڪڏهن ملندو؟
above article banner

حوا جي ڌيءَ کي انصاف ڪڏهن ملندو؟

Sana Abbas Dashti

يترن ئي ڏينهن کان معمول جيان سنڌ اندر عورتن سان ٿيندڙ ظلم جي واقعن کي پڙهندي سڪتي ۾ اچيو وڃون ٿا. الائجي ڇو مختلف طريقن سان عورتن کي غير معمولي طور سنڌ اندر سخت امتحان منجهان گذرڻو پئجي رهيو آهي. تشدد جو آسان نشان عورت ئي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو عورت کي گگدام بڻايو ويو آهي. سندس اکين مٿان ڪاريون پٽيون ٻڌيون وڃن ٿيون. افسوس ڪجي ته عورت بار بار اڪيلي ڇو بڻائي پئي وڃي. ڪائنات جي حسين ترين نعمت بلڪه خود اڌ ڪائنات جو وجود ان عورت سان ئي آهي. ان جي وجود کي داغدار بڻايو، ڪٿي ڪٺو، ڪٿي وڪيو ته ڪٿي بي آبرو ڪيو ٿو وڃي.

عورتن تي ٿيندڙ تشدد يا سندن حقن بابت ورهين کان تقريرون، بحث ٿيندا رهيا آهن. پر اهو سڀ ڪجهه ڪاغذي طرح آهي. هڪ ڳالهه هتي واضح ٿي ڪجي ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر اڃا به اخلاقيات قائم آهي. پر ڪجهه پڙهيا ڳڙهيا ۽ ڪي اڻپڙهيا دماغ، حالتون ۽ عورتن کي پنهنجي وس اندر ڪري تن تي غلبو آڻي پاڻ کي سڪندر اعظم ٿا سمجهن. عورت جو پنهنجي معاشري اندر هڪ معيار نه بلڪه ٽي ٽي معيار آهن. هڪ اُها عورت جيڪا ڪنهن جي خود پسند آهي. گهر اندر عورت جيڪا ڪنهن ملازم کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿي، تنهن کي پنهنجي ڪم جي عيوض سال ۾ هڪ اڌ وڳو ۽ ٻه ويلا ماني ٿي ملي. ٻيون اهي عورتون جن کي پاڻ ڪمائي کائڻو آهي، ٽيون اهي عورتون جن تي معاشري جا قدآور شخص پاڻ خرچ ڪن ٿا. گهر واري عورت گهر کان ٻاهر نه نڪري سڄي عمر ڪم ڪري ٻار سنڀالي ۽ عيوض ۾ سال ۾ لٽو ڪپڙو ملندو. ٻي جيڪا ٻاهر ڪم ڪري ٿي سا ته آهي ئي خراب ۽ ٽين تي خرچ ڪرڻ لٽائڻ ت ثواب!!

اڄ به معاشري ۾ عورت جي مرضي بنا کيس وَني ڪٿي زبردستي بڻايو ٿو وڃي. گهڻو پوئتي نه وڃجي 27 جنوري جي اخبار شهه سرخين سان ڀريل آهي ته ڪنڊياري ۾ اوباش نوجوان مبينا دوستي نه رکڻ تي يتيم ناري تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي. ٽنڊي آدم ويجهو هيانوَ ڏاريندڙ ڪيترن ئي واقعن مان اها به خبر هئي ته شڪارپور ۾ جواري پيءُ ڏيڍ لک قرض عيوض نياڻي جو سڱ چٽي ۾ ڏئي ڇڏيو.

خليل جبران پنهنجي ڪتاب “ڀڳل کنڀڙاٽيون” ۾ عورت تي ٿيندڙ ظلم، معاشري ۾ ڏيکاءُ خاطر کيس زبردستي شادي ڪرائڻ ۽ سڄي زندگي هڪ روبوٽ ٿي گذارڻ تي لکيو آهي “۽ هن ان مرد تي افسوس ظاهر ڪيو آهي ته ڪو به مرد عورت کي حاصل ته هر طرح ڪري ٿو پر دل سان نه” بلڪل خليل جبران جا اهي لفظ صدي پوءِ به عورت لاءِ ساڳيا آهن ته ناڪام آهي اها قوم جيڪا عورت جي عزت نه ٿي ڪري. تنهنڪري سنڌ اندر عورتن، معصومن نياڻين سان ڪي ڪروڌي دماغ جيڪا حالت ڪن ٿا سا سڀني کي خبر آهي. عورت کي ڪاري ڪرڻ، وني بنائڻ، عورت جي سماجي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ نياڻين کي جُوا ۾ هارائڻ هڪ خطرناڪ روش آهي جيڪا سنڌ ۾ بهادراڻو عمل ٿي ڪوٺجي. نتيجي ۾ سنڌ سموري نقصان برداشت ڪندي ڪندي خون سان لت پت ٿي وئي آهي. ناڪام آهي اهو شخص جيڪو سموري زندگي عورت جو استعمال ڪري ٿو ۽ جوا جي هار جي باهه کان پنهنجي نياڻي به هارائي ٿو. افسوس آهي انهن وڏيرن تي جن جي در تي انصاف لاءِ ايندڙ امڙين کان پئسه وٺي کين دلاسا ڏئي واپس ڪيو ٿو وڃي! جيستائين سنڌ اندر اهڙيون ڪڌيون ڪارروايون جاري رهنديون تيستائين سک، امن ۽ شانتي سواليه رهندي.

معاشري جي ڪنهن باشعور فرد لاءِ اهو درد ناڪ الميو هوندو جو ٿر جي هيما کي مڙس جي مري وڃڻ کانپوءِ چمڪيلو ڪپڙو پائڻ جي به اجازت نه هئي، هيما جي ڏير ان کي فقط ان ڪري وارن مان جهلي کيس تشدد جو نشانو بڻايو پر کيس سندس جسم جي نازڪ حصن تي به ٿڏا هنيا ويا. کيس کٽ تي ٻڌي تشدد ڪري سماجي رتبي جو ثبوت ڏيئي رهيو هو. هيما خاموش هئي ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن جانور جيان ڪنهن مالڪ جي هٿ ۾ هئي، هيما جو گهروارو ته زنده نه هو تنهن ڪري هيما جو ڪنهن به ڊاڪٽر کان تپاس نه ڪرايو ويو. هيما ٿي تشدد ڪندڙ ته پاڻ کي مڙس ماڻهو سمجهندي گهر جي ٻين ٻارن ٻچن کي اکين جا دوڏا ڏيکاري خبردار ڪندو رهيو مگر هيما کي اتي تڙپندو ڇڏي ويو، ڪنهن کي به ايتري اخلاقي جرئت نه ٿي جو ڪوئي کيس آسرو ڏئي. اڄ به معاشرو ستي جي صدين جي پراڻين رسمن تحت هلي ٿو مگر روايتون ئي مٽيون آهن. باهه ۾ جَلڻ ته ختم ٿيو پر احسان فراموشن هٿان عورت کي روز جلايو ٿو وڃي. اڄ عورت ڪٿي به پاڻ کي محفوظ نه ٿي سمجهي. اڄ به هو ڪنهن ٻي دنيا جي متلاشي آهي جتي کيس عزت احترام ۽ صحيح سماجي مرتبو ملي سگهي.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو