Home / سنڌ افيئر / خيرپور ميڊيڪل ڪاليج انڌير نگري، چرٻٽ راجا!
above article banner

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج انڌير نگري، چرٻٽ راجا!

حفيظ مگسي

سنڌ ۾ جڏهن ڪوئي وزير، ڪامورو يا اقتدار ڌڻي ٻيو ڪجهه ناهي ڪري سگهندو ته عوام جي سهولت ۽ خدمت لاءِ اسڪول ڪاليج يا انجنيئرنگ توڙي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ، قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر 2001 سکر ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج کوليو جتي اڃا تائين اسٽاف پورو ناهي. 2002 کان قائم علي شاهه مشهور عالم شاهه کي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بڻايو جنهن کي سو ميڊيڪل شاگردن جي لاءِ ڪاليج ٺاهي هلائڻو هو. 26 جنوري 2015 تي سي ايم هائوس ۾ ڪوٺايل ميٽنگ ۾ سي ايم حڪم ڪيو ته 15 فيبروري تائين داخلائون ڪري ڇڏيو. پي ايم ڊي سي کان به انسپيڪشن رجسٽريشن سڀ ڪرائي وٺو. (ان لاءِ ئي وي سي ڊائو يونيورسٽي مسعود حميد کي ٻه سال مدي ۾ واڌ ڏني وئي هئي عاصم حسين جي ٿورن سان ).

پي ايم ڊي سي ٽيم خيرپور ڪاليج جي اڻپوري بلڊنگ ۾ اچي پهتي. انسپيڪٽرز کي رات رهائڻ لاءِ جڳهه ڪونه …… ڪمشنر جي زور تي انهن کي شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهايو ويو، ڪاليج جي بلڊنگ اڻپوري ان تي اعتراض اسٽاف پورو ڪونه ان تي اعتراض ڪينٽين ڪونه…. ليبارٽريز ڪونه……لائبريريز ڪونه…. راند جو ميدان ڪونه…پروفيسرز، ايسوسي ايٽ، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ڊمانسٽريٽرز پورا ڪونه ……. ايڇ او ڊي بائيو ڪميسٽري ٻن جاين تي نوڪري ڪندڙ ان تي اعتراض…. وڏي ڳالهه ته ڊمانسٽريٽرز جا پوسٽنگ آرڊر ڪونه….. جاب آفر ليٽرز ڪونه…. ويندي جوائنگ ليٽرز ڪونه انڌير نگري چرٻٽ راجا….. ايستائين جو….. هڪ انسپيڪٽر چئي ڏنو…اوهان اسان جي وڃڻ کانپوءِ هنن کي ڪڍي ٻيا رکندا ته هنن وٽ ڪهڙو ثبوت هوندو ته هنن کي نوڪري ملي هئي؟ 2002 ۾ هي پراجيڪٽ 795 ملين رپين سان شروع ڪيو ويو هيو ۽ آخري ايلوڪيشن 2014.15 ۾ 433 ملين جي ٺهي چڪي آهي جنهن جو سي ايم 15 جنوري تي سي ايم هائوس ۾ ميٽنگ ۾ اعلان ڪيو هيو مئنجمينٽ کي چيو ويو ته هاڻي ڪاليج شروع ڪيو….. پيسا مليا…. ڪم چالو…. پر ميدان تي ساڳيا ڪاري وارا ڪک آهن…. ساڳي ميٽنگ ۾ مشهور عالم شاه چيو هو ته 95 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي 10 ڏينهن ۾ پي ايم ڊي سي اچي رجسٽريشن ڪري ويندي. مسعود حميد جي مهرباني سان ائين ٿي به ويو ته ڇا هو ميڊيڪل ڪاليج هلي سگهندو؟

feb 28 31

ان ۾ 19 پروفيسر، ايسوسي ايٽ ۽ اسسٽنٽ پروفيسرز چانڊڪا ۽ مهر ميڊيڪل ڪاليج جا زبردستي اڌارا وٺي اتي جي تعليم تربيت جو ٻيڙو ٻوڙي آندا ويا آهن…. ڊپارٽمنٽس آهن ڪونه….. اسٽاف آهي ڪونه… ڪاليج کپي سائين سڳوري کي اهو به بڌايو ويو هو ته 15 فيبروري تي داخلائن لاءِ درخواستون گهريون وينديون… هڪ پرفيسر صاحب جي ته انسپيڪٽرز جي پڇاڻي حالت خراب ڪري ڇڏي….اوهان سکر ۾ ڪم ڪندا آهيو؟….. جي نه هتي….اوهان….. ٽنڊي محمد خان ۾ به آهيو…..جي نه…. ڇڏي آيو…. اوهان جي ته ڊگري به اعتراض هيٺ آهي… سر…. سر…. سر… اهو هيو هڪ منظر خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ناني ويڙهو ٽائپ جي انسپيڪشن جو….. هي ڪاليج 50 سيڪڙو ڇوڪرين لاءِ ۽ 50 سيڪڙو ڇوڪرن لاءِ هوندو….. اسٽاف ۾ عورتون اڻلڀ…. ڪجهه اهڙا نوجوان ڊاڪٽر صاحبان به ڊمانسٽريٽرز ٿي بيٺا هئا جن جو ايم بي بي ايس فائنل ايئر جو رزلٽ به ناهي آيو… پي ايم دي اي سي رجسٽرڊ هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي….ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ايم صاحب سڀئي پوسٽون پنهجي مرضي سان فل ڪرڻ ٿو چاهي.. في الحال پي ايم ڊي سي کي ڏيکارڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڊاڪٽر هٿ ڪري ڪم هلايو پيو وڃي…مبينه طور لياقت شاهه، سي ايم جو پٽ موجود اسٽاف کي گهر موڪلي مال عيوض ڀرتيون ڪرڻ جو تياريون ۽ منصوبه بندي به ڪري چڪو…. ڊمانسٽريٽرز هجي سيٽ 15 لک روپيا.

9 آڪٽوبر تي ڊاڪٽرن جا انٽرويو ٿيا ڪراچي ۾ خيرپور ڪاليج لاءِ پرنسپل ۽ وسيم احمد ايس پي ايس ڪميشن جي ميمبر صحيح سان لسٽ جاري ٿي جيڪي آيا اهي به پاس جيڪي نه آيا اهي به پاس ……. اڄ اهي به بيٺا هئا بم لڳا.. لسٽ 18 آڪٽوبر تي پرنسپل جي صحيح سان سيڪريٽري هيلٿ کي موڪلي وئي…. 208 لکت ۾ پاس ٿيا هئا….. ٽاپ 32 کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويو ڪراچي…هڪ نه آيو 5 فيل ٿيا…. جيڪو نه آيو هيو اهو اڄ بيٺو هيو.. سي ايم چوي ٿو 2012 کان پراجيڪٽ اسٽارٽ ٿيو…… ڪاليج پرنسپل جي بورڊ تي 2013 لکيل آ… پرنسپل پريزنٽيشن ۾ …… 2015 ٻڌايو…. خيرپور ميڊيڪل ڪاليج… خيرپور ميرس دي اينڊ.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو