Home / اسپيشل افيئر / دادو: پوليو ڪيسن ۾ واڌ-ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي طور حراسان ڪرڻ جا واقعا!
above article banner

دادو: پوليو ڪيسن ۾ واڌ-ليڊي هيلٿ ورڪرز کي جنسي طور حراسان ڪرڻ جا واقعا!

فيصل وفا ڀٽي

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ٻيا عالمي ادارا دنيا اندر پوليو جهڙي خطرناڪ وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سندن ڪوششن سان سمورا ملڪ اهڙي موذي مرض مان آجا ٿي چڪا آهن پر افسوس جو اسان وٽ اهو خطرناڪ وائرس ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ ڦهلجي رهيو آهي. ان بابت ڪجهه وقت اڳ عالمي اداري جي آيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان اندر انهيءَ وائرس جو خاتمو نه ٿيڻ جو سبب پوليو مهم ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽون آهن، جنهن ڪري ملڪ اندر اهڙي خطرناڪ مرض جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگهيو آهي.

صحت کاتي جي لاپرواهي سبب دادو ضلعي اندر پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ پڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي. تعلقي ميهڙ جي يو سي ٻليداڻي جي ڳوٺ گل حسن رند ۾ تقريبن ٻن سالن جي معصوم ٻارڙي حاڪم زادي کي پوليو جهڙو خطرناڪ مرض ظاهر ٿيو آهي. متاثر ٿيل ٻارڙي جي والدين جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ ڪيترن مهينن کان صحت کاتي پاران ڪا به ٽيم پوليو جا ڦڙا پيارڻ ڪو نه آئي جنهن سبب صحت کاتي جي لاپرواهي ڪري معصوم ٻارڙي پوليو جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي آهي. ٻئي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ فيض محمد خاصخيلي ۾ وارثن پاران ٽن ٻارڙن 5 ورهين جي سپنا، 10 ورهين جي حسينا ۽ 8 ورهين جي لطف خاصخيلي کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم متاثر ٿيل ٻارڙن جي ڳوٺ پهچي کين خوراڪ جي گهٽتائي واري بيماري بابت آگاهه ڪيو.

32

ٽن لکن کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر ميهڙ اندر صرف 81 ليڊي هيلٿ ورڪرز مقرر ڪيل آهن. انهن مان به فقط 45 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪن ٿيون. باقي ٻيون ايل ايڇ ڊبليو سفارشي هئڻ سبب گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿيون. جڏهن ته دادو ضلعي اندر 37گاوي ويڪسينيٽر 7 هزار ماهوار، اجوري طور ڪم ڪري رهيا آهن. صحت کاتي جي لاپرواهي جي ڪري کين ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن. پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ڊسٽرڪٽ سپروائيزر نياز ڏيپر “افيئر” کي ٻڌايو ته ضلعي دادو اندر پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙن کي مقرر وقت تي معاوضو نه ٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته گذريل 5 رائونڊ ڪرڻ باوجود هينئر تائين ورڪرن کي سندن اجورو نه مليو آهي، جيڪي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ تعلقي اسپتال ميهڙ آڏو احتجاج پڻ ڪري چڪا آهيون، جنهن جو هينئر تائين ڪوبه کڙ تيل ناهي نڪتو.

هڪ طرف پوليو ورڪرن کي صحيح نموني اجورو نه ٿو ڏنو وڃي ته ٻئي طرف ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻيا ورڪرز عدم تحفظ جو شڪار پڻ آهن. سندن مٿان حملا معمول بڻيل آهن. ڪراچي ۾ پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽن ڄڻن جون جانيون ضايع ٿيڻ کان وٺي نوشهرو فيروز ۾ قتل ڪيل پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي اهلڪار تائين. ميهڙ جي يو سي ٻليدائي ڀرسان پوليو ٽيم جي سپروائيزر ليڊي هيلٿ ورڪر عائشه مغيري سان ٿيل بدتميزي ۽ ڦرجي وارداتن تائين سڀئي عدم تحفظ جو شڪار رهيا آهن.

تعلقي ڪي اين شاهه جي ڳوٺ گوزو جون ٻه ايل ايڇ ڊبليو شازيه سيال ۽ ڪنول ملاح ڳوٺ بدرآباد ۾ پوليو جا ڦڙا پياري رهيون هيون ته گهرن جي ٻاهران ڪجهه ماڻهن انهن سان بدتميزي ڪئي، جنسي طور حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد ٻنهي ورڪرز عورتن گهرن ۾ لڪي جان بچائي. ضلعي اندر ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ٿيندڙ واقعن جي حوالي سان “افيئر” طرفان ڊي ايڇ او دادو جاويد احمد ڏاوچ سان فون تي پڻ رابطو ڪيو ويو ليڪن ڊي ايڇ او ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ايس ايم ايس وسيلي ڳالهايو.

پاڪستان اندر مختلف هنڌن تي پوليو ورڪرن کي نشانو بنائڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن عام ٿيندا پيا وڃن. ان حوالي سان جيئن ئي اهڙي قسم جا واقعا شروع ٿيا تيئن ئي ملڪي انتظاميا کي پوري دنيا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جنهن ڪري ملڪ اندر پوليو ورڪرن کي ٿوري گهڻي سيڪيورٽي پڻ ڏني وئي ۽ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ مختلف اشتهارن ذريعي ديني عالمن کان ان جي جائز هجڻ واري ڳالهه کي پڻ واضح ڪيو ويو. پر اڃا تائين ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي نه ته ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿا ۽ نه ئي پوليو ورڪرن کي پنهنجي صحيح نموني ڊيوٽي پنهنجن علائقن ۾ ڪرڻ ڏيڻ ٿا. جنهن ڪري اهڙن واقعن جو ٿيڻ اڻٽر بڻيل آهي.

اهڙي روش نه رڳو ملڪ کي پوليو ڦهلائيندڙن جي حوالي سان سرفهرست ڪري ڇڏيو آهي، گڏوگڏ پوليو ورڪرن کي هڪ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته نه ڄاڻ ڪهڙي موڙ تي ساڻن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. گهڻي ڀاڱي پوليو جي حوالي سا ڪيترائي غلط مفروضا عام آهن. جيڪي معاشري کي لڳاتار نقصان ڏئي رهيا آهن

انهن جي اڳتي قائم رهڻ سان ڪڏهن به صحتمند معاشري جي جوڙجڪ نه ٿي سگهندي. صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ سنڌ حڪومت کي پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن کي سندن اجورو وقت سر ڏنو وڃي ۽ کين گهرجي ته سندن جان ۽ عزت آبرو جي حفاظت لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن ته جيئن مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ۽ دادو ضلعي سميت پوري ملڪ مان پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو ٿي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو