Home / دنيا / دنيا بدلجي رهي آهي!
above article banner

دنيا بدلجي رهي آهي!

بل گيٽس

 ڪامياب سماجي تحريڪن جي تاريخ ۾ هميشه هڪ جاءِ اهڙي به ايندي آهي جڏهن ڪنهن خاص مقصد لاءِ سرگرم ماڻهن جي هڪ ننڍڙي گروهه جي ٺوس حڪمت عملي عوام کي متحرڪ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهي تبديليءَ جو مطالبو ڪرڻ لڳندا آهن. ايئن 1950ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري آمريڪي شهري حقن جي تحريڪ سان جيڪو ٿيو، ليڪن اها فقط هڪ ڏهاڪي کانپوءِ تاريخ ساز قانون سازي تي ختم ٿي. ايئن ئي اهو سڀ ڪجهه 1980ع جي ڏهاڪي ۾ نسلي متڀيد جي رد عمل ۾ ٿيو جڏهن ڏکڻ آفريقا جي ڪاري چمڙي وارن جي حمايت ۾ عالمي سطح تي بائيڪاٽ ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ جبري نظام ختم ٿيو. ان ئي ڏهاڪي ۾ ايئن ان وقت به ٿيو جڏهن دنيا سوويت ڪميونزم جي خلاف ٿي وئي.

ڪامياب تحريڪن ۾ ڪجهه گڏيل خاصيتون هونديون آهن: ڪجهه ڏاهپ رکندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن جي مهاڙي وارو ڪردار، عوام جي شعور کي جهنجهوڙيندڙ هڪ لمحو ۽ سياسي ارتقا، جنهن ۾ تبديلي ممڪن نظر اچڻ لڳندي آهي. تنهن هوندي به ڪنهن عوامي تحريڪ لاءِ مک شرط اڳتي وڌڻ جو عمل آهي. جيڪو اڪثريت کي قائل ڪندو آهي ته جيڪڏهن اهي تبديليءَ لاءِ اُٿي کڙا ٿين ته تبديلي اچي سگهي ٿي.

منهنجي خيال ۾ سال 2015 ۾ اهو ٿي سگهي ٿو جڏهن سڄي دنيا ۾ ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ جي جنگ پاپولر تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وٺي، ڇو جو دنيا اڳتي وڌڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ڊرامائي تبديليون اسانجي زندگيءَ ۾ ئي ممڪن آهن. جڏهن ٻارن وٽ پنهنجي پنجين سالگرهه کانپوءِ به زندهه رهڻ لاءِ صحت جي نگهداشت لاءِ بنيادي سهولتون موجود هجن. جڏهن کين ڀرپور کاڌ خوراڪ موجود هجي ۽ جڏهن اهي اسڪول وڃي سگهن- تڏهن سمورا سماج بااختيار ٿي وڃن ٿا.

ayaz

عالمي ترقي جي ميدان ۾ ڪاميابيون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حاصل ٿي رهيون آهن ليڪن اسانکي اڃا گهڻو اڳتي وڃڻو آهي. هڪ ڏينهن امير ملڪن جي ماڻهن تي اها ڳالهه بلڪل واضح ٿي ويندي ته غريب ملڪن جي ٻارڙن جي مرڻ جا امڪان ان بنياد تي 10 کان 25 ڀيرا وڌيڪ ٿي ويندا آهن جو اهي ڪنهن غريب علائقي ۾ ڄمندا آهن. اهو بلڪل واضح ٿي ويندو ته سندن موت جي روڪٿام ممڪن آهي ۽ ان صورتحال جو فوري طور ازالو نه ڪرڻ ناقابل قبول بڻجي ويندو.

آءُ سمجهان ٿو ته اسان عالمي ترقي جي ان مقام تي پهچي چڪا آهيون جتي دنيا لازمي طرح ڌيان ڏيندي ڇو ته اسانجي پيشقدمي ثابت ڪري ٿي ته بيماري ۽ انتهائي غربت اڻٽر نه آهن. گذريل 25 ورهين ۾ ٻارن جي مرڻ جي شرح اڌو اڌ گهٽجي چڪي آهي. 1990ع ۾ 12.7 ملين ٻار فوٿ ٿيا هئا. جيڪڏهن اهو ئي انگ رهي ها ته پوءِ آبادي جي واڌ کي نظر ۾ رکندي گذريل سال مرندڙ ٻارن جو انگ 17 ملين هجي ها. ان جي ابتڙ اهو انگ 6-ملين هو. انتهائي غريب ماڻهن جو تعداد به تقريباََ ان شرح کان گهٽجي رهيو آهي ۽ 1990 ع کان هينئر تائين دنيا جي انتهائي غريب ماڻهن جو انگ اڌ کان به گهٽجي ويو آهي.

ان اڳڀرائي جا سبب نه ته معجزاتي آهن نه وري پراسرار. اسان واضح طور ڄاڻون ٿا ته ٻارڙن جي موت جي شرح ڇو گهٽجي رهي آهي. وڌيڪ بيمارين جون وڌيڪ دوائون گهڻن هنڌن تائين پهچايون پيون وڃن. ڪيڙي مار دوائن وارين مڇردانين ڪروڙين ماڻهن کي مليريا کان بچائي ورتو آهي. سادي ORS پيئڻ سبب دستن کان متاثر ٻارن جون زندگيون بچي وڃن ٿيون. مون کي اها به خبر آهي ته ماڻهو غربت کان بچڻ ۾ ڪيئن ڪامياب آهن، ان جو سبب وڌيڪ پئداواري نوعيت جي زراعت، مالي خدمتن تائين بهتر رسائي ۽ صحت جي ڪارائتي نظام جو ڦهلاءُ آهي.

ان ترقي جو هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته اسان ۾ سمجهڻ جي صلاحيت بهتر ٿي وئي آهي ته ڪهڙي شيءَ اثرائتي آهي، ان کي ڪيئن ماپجي ۽ ڪيئن معلوم ڪجي ته اسان صحيح رستي تي گامزن آهيون يا نه. 2000ع ۾ دنيا جي ملڪن پهريون ڀيرو گڏجي ويهي ترقي جي واضح مقصدن تي اتفاق ڪيو. انهن 2015ع لاءِ هڪ اهڙي دنيا جو خواب ڏٺو جتي غربت جي شڪار ماڻهن جو انگ گهٽ هجي ۽ اميدن جي ان گڏيل مجموعي جي بنياد تي اهي جزوي طرح ڪامياب ٿي ويا آهن.

موقعو هٿان نه وڃڻ ڏيو:

2015ع ۾ دنيا جي هر ملڪ جا اڳواڻ نيويارڪ ۾ گڏ ٿي ان پيشقدمي کانپوءِ وڌيڪ ترقي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندا. سيٽپمبر ۾ گڏيل قومن جي اُن اجلاس ۾ ترقي جي مُک مقصدن جي حاصلات لاءِ ٽارگيٽ جو نئون مجموعو طئي ڪيو ويندو. جيئن ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ، انتهائي غربت گهٽ ڪرڻ ۽ صاف پاڻي تائين پهچ مهيا ڪرڻ. اهي ٽارگيٽ هڪ اهڙي دنيا جو بنياد بڻجي سگهن ٿا، جتي سمورا ماڻهو ۽ قومون حقيقي طور پاڻڀرا هجن.

ماضيءَ ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون بند ڪمرن ۾ ٿينديون هيون، جتي ماهر اهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هئا جيڪا اڪثر ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي. ايندڙ سال اسان ان ڳالهه ٻولهه کي وسعت ڏئي سگهون ٿا ته جيئن اربين ماڻهو ان بحث ۾ حصو وٺي سگهن ته دنيا ڪيئن هجڻ گهرجي ۽ ان تائين ڪيئن پهچجي. پوءِ ئي اهي مقرر ڪيل ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اڳواڻن جو گهيراءُ ڪري سگهندا. آءُ رجاعيت پسند آهيان. آءُ سمجهان ٿو ته جڏهن ماڻهو اهو محسوس ڪن ته اهي نهايت سولي ۽ سادي حل تي ڌيان ڏئي ٻارڙن جي زنده رهڻ جي امڪان کي 10 کان 15 سيڪڙو وڌائي سگهن ٿا ته پوءِ اهي ان حل کي عملي شڪل ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪابه ناڪامي برداشت نه ڪندا. عوام برابري واري دنيا چاهين ٿا ۽ عملي طرح اهڙي دنيا اسانجي پهچ ۾ آهي.

Courtsy: Jang Media group :

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو