Home / ايڊيٽوريل / راه جو پٿر
above article banner

راه جو پٿر

ذوالفقار مرزا هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو مرڪز آهي. هاڻ بجاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون هڻڻ جي هن همراه سڌي ڳالهه سونٽي جي ڪئي آهي ته ، “دائي کان دُن ڳجهو ناهي هوندو،” آصف علي زرداري سنڌ کي پنجاپي بلڊر ملڪ رياض سان گڏجي پرائيويٽ ڪمپني لميٽيڊ طور هلائي رهيو آهي.

ذوالفقار مرزا کي ماڻهو آصف علي زرداري جي سنگتي طور سڃاڻن. سنگتي ٻيا به کوڙ، کيس وري مڙس ماڻهو سنگتي طور سڃاڻن. زرداري صاحب سان سندس ياري باشي جا قصا سالن کان ٻڌون پيا. زرداري صاحب جڏهن جڏهن جيل ۾ هوندو هيو ته جيل کان ٻاهر سندس ڏکيا ڪم مرزا صاحب جي حوالي هوندا هيا. بلڪ ايئن چئجي ته زرداري صاحب تي جهيڙن ڦڏن جا جيترا به ڪيس ٿيا تن ۾ مرزا صاحب جو به نالو گڏ گڏ هيو. ڪو جيلر، ڪو وڪيل يا جج يا ڪو کاتيدار زرداري صاحب کي جيل ۾ هجڻ سبب هيڻو سمجهي پيو ته مرزا صاحب پنهنجي “ڪارڪردگي” ڏيکاري کين ماٺ ڪرائي ڇڏي پيو.

affair feb 15-2015

پراڻن ڪيسن سبب مشرف جي مارشل لا جو سڄو سارو وقت مرزا صاحب “علامتي روپوشي” ۾ رهيو. هيو ته بدين ۾ ئي پر بظاهر پوليس ۽ ڳجهن ادارن کان لڪل. 2007 ۾ جڏهن بينظير صاحبه جلاوطني ختم ڪري ملڪ واپس آئي ته سندس حفاظت جو ذمو ذوالفقار مرزا کنيو.

“جانثارانِ بينظير” واري مشڪري سندس ذهن جي پيداوار هئي. لياري جي جيالن کي پٽاپٽي ٽوپيون ۽ واسڪوٽيون پارائي جلوس جي حفاظت ڏني وئي. اهي جانثار بينظير جي ايتري ئي حفاظت ڪري سگهيا ته جڏهن ڪارساز وٽ جلوس تي ٻٽو ڌماڪو ڪري حملو ڪيو ويو ته بينظير کي اتان ڪڍي وڃڻ وارا مرزا جا ماڻهو هيا. بشمول رحمان ڊڪيت جي.

ان ڪري جڏهن 2008 ۾ پيپلز پارٽي کي بينظير جي شهادت مهابي سنڌ ملي ته سنڌ ۾ سڀ کان طاقتور وزارت، گهرو کاتو، کيس ملي. ان کان سواءِ روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي پڳ به مٿس پيل رهي. سندس بيگم، فهميده مرزا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي رتبي تي پهتي. ڪو زمانو آيو جو مرزا صاحب کي سنڌ جي وزيراعلي کان به طاقتور سمجهيو پئي ويو. جام جيالا سڌڙيا اچي سندس در تي وڪاڻا. ڪراچي ۾ خيابانِ شاهين تي سندس رهائشگاه وزيراعلي هائوس جيترو پروٽوڪول رکندي هئي. ڪيئي وزير سندس در جون ماٽيون ڀريندا هيا ته جيئن اڃا ڪا سڻڀي وزرات ملي. انڌي منڊي مُشيري وزيري جي شوق وارا جيالا پيا سندس در جون ٻهاريون ڏيندا هيا.

پر پوءِ زمانو ڦريو. مرزا صاحب کي سچ ڳالهائڻ جو شوق ٿيو، الائي کيس مجبورن سچ ڳالهائڻو پيو. ايم ڪيو ايم مٿان الزام هنيائين ته اها سنڌ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ بين الاقوامي طاقتن جي مدد سان سنڌ ۾ گڙٻڙ ڦهلائي رهي آهي. رحمان ملڪ کي عادي بڻيادي ڪوڙو ڪوٺيائين. پ پ جي چئن ٽاپ کائو وزيرن، دراني، وساڻ، پيرمظهر، ڌاريجي کي “چئن جو ٽولو” ڪوٺي مٿن الزام هنيائين ته انهن سنڌ کائي ڀينگ ڪئي، اربين رپيا ٺاهيا آهن. پر آصف علي زرداري تي البته هٿ هلڪو رکيائين. نتيجي ۾ ڪيئي تجزئي نگار اهو چوندي ٻڌا ويا ته مرزا صاحب جو اوچتو ڪڙو سچ ڳالهائڻ ڪٿي زرداري صاحب جي نئين راند ته ناهي؟

پر ان زبان کولڻ جي کيس وڏي قيمت چڪائڻي پئي. سڀ لئي لستون پوريون ٿيون. جيڪي پُنهون ۽ اقتداري مجنون سندس ڪپڙا ڌوئيندا هيا سي سندس مٿان چٿرون ڪرڻ لڳا. وقت پنهنجو چرخو ڪيئن ڦيريو ان بابت ڪيئي گمان آهن.

“افيئر” ان ئي زماني ۾ ، جڏهن سڄي سنڌ سچ ڳالهائڻ تي مٿس فدا هئي پنهنجي شڪ جو اظهار ڪيو هو ته معاملا ايئن سادا ناهن جيئن نظر اچن ٿا: نه ئي مرزا صاحب سچ ڳالهائي ڪو ڪفارو ادا ڪرڻ جي نيت ۾ آهي نه ئي سندس زبان کولڻ پٺيان زرداري جي نئين راند آهي. ٽي سال گھزري ويا. هاڻ ته ڳالهه صاف ۽ چٽي ٿي چڪي آهي ته آصف علي زرداري کي هر ڪاروباري ماڻهو جيان پنهنجا ڪاروباري مفاد هر ٻي شئي کان عزيز آهن. سندس سياست به ان مان آزاد ڪونهي. ذوالفقار مرزا جنهن واسطي کي دوستي سمجهندو رهيو سو خالص ڪاروباري رشتو هيو. جيل ۾ هجڻ سبب کيس ٻاهر ڪو اهڙو اعتماد وارو، برجستو ماڻهو گهربل هيو جيڪو داٻ دڙڪي سان سندس ڪم ڪار هلائي. اها ته مرزا صاحب جي غلطي چئبي ته هو ان واسطي کي جگري ياري سمجهي ويٺو.

مرزا کي پهريون جهٽڪو تڏهن لڳو جڏهن 2011ع ۾ کانئس روينيو کاتي هلائڻ جا اختيار کسي اويس مظفر عرف ٽپي حوالي ڪيا ويا. ان بعد جڏهن کانئس مرزا شگر مل سميت ٻيا وهنوار وٺڻ لاءِ زوربار ڪيو ويو ته همراه سچ جو علم بلند ڪيو. ان ڪارِخير ۾ کيس اسٽيبلشمينٽ جي به ٽيڪ مليل هئي. سندس ميڊيا ڪوريج ، سو به ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾، ايئن، سواءِ سگهارن هٿن جي آشيرواد جي، ممڪن ڪونه هئي. کيس گمان هيو ته ايئن ڪرڻ سان زرداري دٻاءُ ۾ ايندو ۽ حساب ڪتاب مٿس معاف ٿي ويندو. پر ايئن نه ٿيو. ايم ڪيو ايم يا چئن جي ٽولي جي پاسيري ٿيڻ بجاءِ پاڻ ڪنڊائتو ٿي ويو. سندس سنگتي سڏائيندڙ درٻاري به کانئس پاسو ڪرڻ لڳا.

هڪ زمانو اهڙو به آيو جو لڳي پيو هي شيرِ سنڌ هاڻ گدڙ لومڙ جي کل ۾ به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي رڳو زرداري صاحب کان معافي ملي. پر اها معافي نه ملي. سندس تازي بيان بازي بدين پوليس ۾ آيل انتظامي تبديلين جو نتيجو آهي. کيس کُکي ويو آهي ته اتر سنڌ کان پوليس عملدار بدلي ڪري بدين آڻڻ پٺيان کيس سبق سيکارڻ جي رٿا شامل آهي. ماٺ ۾ مار کائڻ کان ڪجهه ڪُڇي لڇي مار کائڻ بهتر آهي.

سندس ڪيس سنڌي ماڻهو جي مزاج جي هڪ اونداهي، خوفناڪ پهلو ڏي اشارو ڪري ٿو. سنڌي ۾ چوندا آهن ته سڀ ڪو چڙهندي جو آ. مرزا، جنهن پارس بڻجي، دستِ شفقت سان ڇهي، شرجيل انعام ميمڻ، نثار مورائي، ڪمال چانگ جهڙن کوڙن سارن کي سياسي وکر طور سون بڻايو سو پاڻ اڄ راه جو پٿر بڻجي ويو آ جيڪو يا ته ڪنهن جو مٿو ڦاڙڻ لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو يا ٿُڏن ۾ ئي پيل هوندو

سياست جي سيني ۾ واقعي به دل ناهي هوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو