Home / ڪرنٽ افيئر / سامونڊي چاڙهه: ملڪي سرحدن کي خطرو
above article banner

سامونڊي چاڙهه: ملڪي سرحدن کي خطرو

ناصر علي پنهور

 تازو سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ساحلي ضلعا بدين ۽ ٺٽو 2050 تائين سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا. (ياد رهي ته هن ٺٽي ضلعي مان جنم وٺندڙ ٽيون ضلعو سجاول به شامل آهي) جڏهن ته ڪراچي 2060 تائين سمنڊ هيٺ هليو ويندو. سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته سامونڊي چاڙهه کان اهي ضلعا نه بچي سگهندا. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ملير جو وڏو حصو به سامونڊي چاڙهه کان متاثرٿي چڪو آهي ۽ جي سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ نه وٺڻ جي صورت ۾ ڪراچي شهر به محفوظ نه رهندو. ڪميٽيءَ کي اهي ڳالهيون سنڌ بورڊ آف روينيو ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي جي عملدارن بريفنگ دوران ٻڌايون. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي چاڙهه جو اهم سبب اهو آهي ته درياءَ جو پاڻي سال جا 300 ڏينهن سمنڊ تائين نه ٿو وڃي. هن ٻڌايو ته 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان ۾ پاڻي ايل بي او ڊي جي اندر وهڻ لڳو جيڪو سم جي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ لاءِ ٺاهيو ويو هئو.

18

تاريخي طور تي درياءَ جا وهڪرا برطانوي راڄ دوران ٺاهيل آبپاشي نظام جي ڪري متاثر ٿيا ۽ 1947ع کانپوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو. آزاديءَ کانپوءِ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو. عالمي بينڪ جي چوڻ تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. هن معاهدي تحت پنجاب جا ٽي درياءَ-راوي، بيادس ۽ سطلج ڀارت جي حوالي ٿيا جڏهن ته ٽي اولهه جي طرف وارا درياءَ چناب، جهلم ۽ سنڌو درياءَ پاڪستان کي مليا. ڀارت کي ڏنل ٽن دريائن جي معاوضي ۾ پاڪستان ۾ انڊس بيسن پروجيڪٽ ٺاهيو ويو، جنهن تي سنڌو درياءَ ۽ جهلم تي ٻه وڏا ڊئم ٺاهيا ويا ۽ ان سان گڏ پنج بئراج به ٺاهيا ويا. انهن رٿائن جو اهم مقصد اولهه جي پاسي واري دريائن مان لنڪ ڪينال ڪڍي اوڀر جي دريائن واري ڪمانڊ ايريا تائين پاڻي پهچائڻ هئو. آبپاشي جو موجوده نظام ٽن ڊئمن تربيلا، منگلا ۽ چشما، 16 بئراجن، 12 انٽر ڊور لنڪ ڪئنالن ۾ 43 مين واهن تي ٻڌل آهي. انهن سڀني منصوبن، سنڌ خاص ڪري سمنڊ تائين پاڻيءَ جي وهڪرن کي متاثر ڪيو. 1955 کان 1966ع تائين ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سراسري ساليانو وهڪرو 79.9 ايم اي ايف هئو جيڪو منگلا ڊيم کانپوءِ گهٽجي 46.0 ايم اي ايف ٿيو ۽ تربيلا ڊئم ٺهڻ کانپوءِ وڌيڪ گهٽجي 35.2 ايم اي ايف تائين پهتو. ڊيلٽا تائين پهچندڙ لٽ ۾ گذريل 60 سالن ۾ 72.4 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي. سمنڊ جي چاڙهه سبب انڊس ڊيلٽا ۽ ان سان لاڳاپيل ڪچي جي علائقي ۾ نه رڳو وڏي پئماني تي ماحولياتي نقصان ٿيو آهي پر اتي رهندڙ ماڻهن جو روزگار به ختم ٿي ويو آهي. هن آفت جو بنيادي ڪارڻ دريا جي پاڻي جو ڊيلٽا تائين نه پهچڻ آهي. 1991ع جي پاڻي جي ورهاست واري ٺاهه باوجود انڊس ڊيلٽا ۽ ٺٽي بدين جي ٻيلن کي معاهدي تحت پاڻي نه ٿو ملي. دريا جي پاڻي نه پهچڻ ڪري سمنڊ وڌي رهيو آهي ۽ فطري ماحول تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري معاشي بحران جنم ورتو آهي. رزعي زمينون خراب ٿي ويون آهن ۽ مٺو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ سامونڊي چاڙهه جي ڪري تباهه ٿي ويل زمين کي بحال صرف هڪ ئي صورت ۾ ڪري سگهجي ٿو ته ڊيلٽا ۾ درياءَ مان وڌ ۾ وڌ پاڻي ڇڏيو وڃي. اها انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي جڏهن ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ساحلي پٽي ۾ ميگا شهر ٺاهي سمنڊ ۾ اچي ويل زمين واپس حاصل ٿي ويندي.

اڄ کان ڏهه سال اڳ سنڌ روينيو بورڊ پاران ظاهر ڪيل انگن اکرن موجب ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي 33 سيڪڙو زمين سمنڊ ۾ هلي وئي. ٻنهي ضلعن جي ڪل 376978 ايڪڙ زمين مان 12 لک ايڪڙ زمين سمنڊ کائي چڪو هو. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، جنهن ۾ زراعت سان مڇي، چوپايو مال ۽ جر شديد متاثر ٿيا آهن. جنهن سان آبادگارن، هاري، ماهيگير، مالوند پنهنجي گذر سفر جي ذريعن کان محروم ٿي ويا آهن. ماڻهن کي شديد غربت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. آئي يو سي اين پاران 2003 ۾ ڪيل هڪ ٻي تحقيق مطابق سامونڊي پاڻي درياءَ جي پيٽ اندر 54 ڪلوميٽرن تائين اندر گهڙي آيو آهي، بجاءِ درياءَ جي سمنڊ ۾ وڃڻ جي سمنڊ درياءَ جي اندر وهي رهيو آهي.

گذريل 70 سالن ۾ ڪيٽي بندر شهر پنهنجي جاءِ ٽي دفعا تبديل ڪري چڪو آهي. ڊيلٽا ۾ هن وقت تائين ٿيل نقصان جا صحيح انگ اکر اڃا تائين سامهون نه آيا آهن، تنهن جي ڪري ضروري آهي ته ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳايو وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي ان جو معاوضو ڏنو وڃي. سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جي ڇوڙ ۾ اضافو ضروري آهي. سمنڊ جي چاڙهه سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ افسوس ته ڪو به ادارو ناهي. سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ هڪ پاسي درياءَ مان ڊيلٽا ڏانهن مستقل پاڻيءَ جي وهڪرا ضروري آهن ته ٻئي پاسي ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجهه ۽ تحفظ به لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته تمر جا ٻيلا ئي ملڪي سرحدن جا فطري محافظ آهن. تمر جي ٻيلن جي تباهيءَ جي ڪري مقامي ماڻهو سامونڊي طوفانن جي خطري ۾ رهن ٿا. وقت جي ضرورت اها آهي ته 1991 واري پاڻي معاهدي جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ چئن صوبن سان گڏ ڊيلٽا کي پنجون حصيدار بنايو وڃي. ساحلي علائقن ۾ ڪنهن به نئين شهر جي اڏاوت فطرت جي اصولن جي خلاف هوندي. ان بجاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي انڊس ڊيلٽا جي بحالي جي رٿا شروع ڪري.جنهن جو محور ختم ٿي ويل ٻيلن، ناياب جانورن ۽ پکين ۽ جي بحالي سان گڏ، ماحول جي تحفظ، مقامي ماڻهن کي معاشي طور بحال ڪرڻ سان گڏ ڊگهي مدي لاءِ ساحلي پٽي جو انتظام هجڻ گهرجي. جڏهن ته ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهن جي سماجي ضرورتن جي پورائي لاءِ تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي ۽ ننڍا قرض مهيا ڪيا وڃن ته جيئن هو آمدني جا متبادل وسيلا ڳولي سگهن ۽ ڊگهي مدي لاءِ انساني سرمايو پيدا ڪري سگهجي.

ليکڪ ڊيوپلمينٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل ۽ ماحولياتي مامرن جو ماهر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو