Home / سنڌ افيئر / سفاري پارڪ جا 50 هرڻ ڀوتارن جي پيٽ ۾!
above article banner

سفاري پارڪ جا 50 هرڻ ڀوتارن جي پيٽ ۾!

الهه بچايو جمالي

ڪڍڻ لڳ بوهڙڪي ٻيلي ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ ۾ ٻه سال اڳ ڇڏيل 120 قيمتي هرڻن ۽ ڦاڙهن مان اڌ کان وڌيڪ ناياب هرڻ بک ۽ اڃ وگهي مري ختم ٿي ويا آهن. باقي پارڪ ۾ بچيل 56 هرڻ به موت جي ويجهو پهچي ويا آهن. هرڻن سان گڏ پارڪ ۾ ڇڏيل 50 ڪونج پکين مان هن وقت فقط 36 موجود آهن. مليل هرڻن ۾ چار قيمتي ڪارا هرڻ ۽ 3 مادي ڦاڙهيون پڻ پارڪ ۾ ڇڏيون ويون هيون، جن مان هڪ ڦاڙهي مري وئي ۽ هڪ موجود آهي. انهن جانورن ۽ پکين ۾ چار سهڻا مور پڻ شامل هئا، جيڪي گم ڪيا ويا. ان سان گڏ گذريل سال ڀر واري پاڪ ڀارت جي رڻ ڪڇ واري بارڊر کي ڪراس ڪري ٻيلي ۾ پهتل ڇهه عدد مهمان روجهه هرڻن کي بااثر شڪارين ۽ ٻيلي کاتي بدين جا اهلڪار بندوقن جو بک بڻائي مارائي کڻائي کائي ويا. اڌکان وڌ پارڪ ۾ ڇڏيل هرڻن جي اڃ ۽ بک وگهي مرڻ کانسواءِ ٻيلي کاتي بدين جي اهلڪارن تي اهو پڻ الزام آهي ته انهن ڪجهه هرڻ تحفي ۾ ڏنا ۽ ڪجهه هرڻن کي ڏوڪڙ وٺي شڪار ڪرايو. جڏهن ته اڃ ۽ بک وگهي تيزي سان مرندڙ هرڻن جا ڍانچا پڻ ڪڍڻ  ۽ بدين جي مقامي صحافين پنهنجن اکين سان وڃي ڏٺا، جن مان ڪجهه مئل هرڻن کي ڌرتي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ ڪن هرڻن جي ڍانچن کي ٻيلي جي ملازمن ڪن عمارتن جي غسل غانن ۾ وڃي لڪايو هو، جن مئل هرڻن جي ڍانچن جون تصويرون اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيون آهن.

feb 28 32

شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ ۾ ڇڏيل اهي ناياب نسل جا قيمتي جانور ٻه سال اڳ صوبي پنجاب جي شيخ زيد جي فارم مان شهيد بينظير سفاري پارڪ لاءِ تحفي طور ڏنا ويا هئا. جيتوڻيڪ ڊي ايف او بدين جان محمد سومرو ۽ اين او سليمان خاصخيلي جيڪي ٻئي اهلڪار پارڪ ۾ ڇڏيل قيمتي جانورن جي سار سنڀال جا ذميوار هئا. اهي ميڊيا اڳيان جانورن جي بک ۽ اڃ وگهي مرڻ يا شڪار ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ جي بجاءِ فقط اهو ٿا چون ته اسان کي پارڪ لاءِ 120 نه فقط 58 هرڻ مليا هئا. اهي ٻئي سرڪاري اهلڪار جيڪي تحفي ۾ مليل اڻ لڀ جانورن کانسواءِ شهيد بينظير پارڪ ۽ بوهڙڪي ٻيلي جي ٻيهر بحالي واري منصوبي جي سار سنڀال جا سڌي طرح سان ذميوار آهن اهي پنهنجي ۽ ٻيلي کاتي جي اعليٰ اهلڪارن جي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي جتن ڪري رهيا آهن، جنهن جو هاڻ ثبوتن سان مڪمل طور تي ڀانڊو ڦاٽي ويو آهي.

مذڪوره شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ ۽ بوهڙڪي ٻيلي جي بحالي واري منصوبي جو افتتاح بدين جي ايم اين اي ۽ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ اڳوڻي گهرو کاتي جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 30 جنوري 2011ع تي ڪيو هو. بوهڙڪي ٻيلي جي اڳوڻي خسته حال ڪوارٽرن اڳيان ٿيل تقريب ۾ ان وقت جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ بابت ميڊيا کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي، جيڪي سبز باغ ڏيکاريا ان موجب ابتدائي طور تي هن رٿا تي 15 ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻا هئا ۽ رٿا جون 2013ع ۾ مڪمل ٿيڻي هئي. هن رٿا لاءِ ديهه بوهڙڪي جي ٻيلي جي ٽي هزار ايڪڙ زرعي زمين وقف ڪئي وئي،جنهن ۾ 200 ايڪڙن تي جانورن جي پالنا لاءِ چراگاهه، 1060 ايڪڙن تي نوان وڻ پوکڻ، 1035 ايڪڙن تي ٻيلي جي اڳ ۾ پوکيل وڻن جي سار سنڀال ڪرڻ، 905 ايڪڙ ايراضي زراعت لاءِ وقف ڪرڻ، جيڪا زرعي زمين مقامي هارين کي ليز تي ڏيڻ، پارڪ جي سير لاءِ ايندڙ سياحن جي رهائش لاءِ ٻن ڪمرن وارا هٽ ٺاهڻ، پارڪ لاءِ استقباليه دروازو ٺاهڻ، پارڪ جي جانورن جي نگهباني لاءِ ٽاور ٺاهڻ، پارڪ لاءِ مختص ڪيل ٽي هزار ايڪڙ ايراضي جي حفاظت لاءِ 20 چورس ڪلوميٽر ڪنڊيدار تار جو مضبوط جهنگلو لڳائڻ جهڙن منصوبن جا اعلان ڪرڻ کانسواءِ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري ميمڻ صاحب پنهنجي ڏنل بريفنگ ۾ اهو پڻ چيو هو ته، شروعاتي طور تي هن پارڪ ۾ هزار تترن جون جوڙيون، هرڻ، ڦاڙها ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت جانور ۽ پکي رکيا ويندا.

ڏنل پنهنجي بريفنگ ۾ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري سفاري پارڪ ۽ بوهڙڪي ٻيلي جي خاص مهمان ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو بر وقت ڌيان ڇڪائيندي اهوپڻ چيو هو ته مذڪوره پارڪ ۽ ٻيلي جي هن منصوبي جي ڪاميابي جو مدار واهن جي مٺي پاڻي تي منحصر آهي، جنهن لاءِ لازمي آهي ته مٺو پاڻي لاڳيتو سڄو سال ٻيلي تائين فراهم ٿيندو رهي. ان لاءِ مستقل طور تي جوڳا اپاءُ ورتا وڃن  ۽ پارڪ جون موٽرون وغيره هلائڻ ۽ پاڻي لفٽ ڪرائڻ لاءِ بنا دير جي پارڪ تائين بجلي پهچائي وڃي. تقريب جي خاص مهمان ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي خطاب ۾ هن قسم جا جملا چيا هئا. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري پارڪ ۽ ٻيلي جي هن رٿا لاءِ جيڪي به مطالبا ڪيا آهن، اهي سڀ پورا ڪيا ويندا. هن سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته رٿيل هن منصوبي کي ٻن سالن جي بجاءِ تڪڙو هنگامي بنيادن تي فقط هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي.

ان ساڳي تقريب ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو ان وقت گهرو کاتي جي سگهاري وزارت کانسواءِ ٻيلي کاتي جو پڻ وزير هو، تنهن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته جڏهن ٻيلي جي وزارت جي چارج ورتي هئي ته سنڌ جي ميرن پيرن ۽ ڏهيسرن گبر وڏيرن وٽ 65 هزار ايڪڙ قبضي ۾ هئي، جن قابض وڏيرن کان هن ان وقت تائين ٻيلي کاتي جي 35 هزار ايڪڙ ايراضي تان قبضو خالي ڪرائي ڇڏيو آهي. هن ان وقت اها پڻ دعويٰ ڪئي هئي ته وڏيرن کان ڇڏايل ٻيلي کاتي جي اها زمين هن زراعت لاءِ مقامي غريب هارين کي ليز تي ڏني آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مرزا اهو پڻ اعتراف ڪيو هو ته قابض وڏيرن کان ڇڏايل ٻيلي کاتي جي اٽڪل 55 هزار ايڪڙن جي ايراضي مان ڪجهه زمين هن پنهنجن ڪن ذاتي دوستن ۽ سياستدانن کي پڻ ڏني آهي.

مذڪوره شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ ۽ بوهڙڪي ٻيلي جي ٻيهر بحالي واري قابل ذڪر منصوبي جنهن لاءِ اڄ کان پنج سال اڳ مٿين قسم جا جيڪي سبز باغ ڏيکاريا ويا هئا. ان منصوبي جي مڪمل ناڪامي ۽ ان جي آڙ ۾ اصل منصوبي بابت ميڊيا ۾ سڀ کان پهرين انڪشاف “افيئر” ڪيو هو. فيبروري 2011ع ۾ “افيئر” ۾ هن رپورٽر جي تحقيقي اسٽوري “بينظير سفاري پارڪ: 15 ڪروڙ ڪٿي خرچ ٿيندا؟” جي سري سان شايع ٿي هئي، جنهن ۾ منصوبي جي ناڪامي بابت مقامي ڄاڻو ماڻهن جي راين جي آڌار تي جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، اهي ڪيل سڀئي اڳ ڪٿيون ۽ خدشا سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيا آهن. ان رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته اهو پارڪ ويران بڻجي ناڪام ٿي ويندو. جتي رکيل سمورا جانور ۽ پکي اڃ بک ۾ ڦٿڪي مري ويندا. راڄوهه شاخ جي ٽيل واري ان آخري واٽر ڪورس ۾ پارڪ ۽ ٻيلي لاءِ گهربل مٺو پاڻي ڪنهن به حالت ۾ سڄو سال پهچي نه سگهندو. ڄاڻايل ان رپورٽ ۾ اها اهم ڳالهه واضح طور تي لکي وئي هئي ته ويران بوهڙڪي ٻيلي ۾ ڪروڙين روپين جي خرچ سان قائم ٿيندڙ پارڪ جي رٿا محض ڊرامو آهي. اصل ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين حڪمران بااثر ڌرين جون نظرون هزارين ايڪڙ بوهڙڪي ٻيلي جي زمين تي کتل آهن، جيڪي بينطير سفاري پارڪ ۽ ٻيلي جي بحالي جي آڙ ۾ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. ڳجهي رٿا مطابق بوهڙڪي ٻيلي جي هزارين ايڪڙ زمين هر حالت ۾ بااثرن جي قبضي هيٺ اچي وڃي ها، جيڪڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا سندس پڳمٽ يار آصف علي زرداري سان ڪاروباري معاملن تي تعلقات خراب نه ٿين ها۽ ڊاڪٽر مرزا صاحب گهرو کاتي ۽ ٻيلي کاتي جي وزارتن تان استعيفيٰ نه ڏي ها. آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي راڄوهه شاخ جي پوڇڙي ۾ مٺو پاڻي پهچي ها ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمين وڻڪاري کانسواءِ ٻي ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال هيٺ نه آڻڻ وارو تاريخي فيصلو نه ڏي ها ته بوهڙڪي ٻيلي جي گهڻي زمين هڙپ ٿي وڃي ها.

بوهڙڪي ٻيلي ۾ قائم ڪيل اهو سفاري پارڪ ناياب جانورن ۽ پکين لاءِ ان ڪري ڪوس گهر بڻجي ويو آهي جو منصوبي لاءِ آيل مختلف اسڪيمن جا ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا. ان ڪرپشن ۾ ٻيلي کاتي جي اهلڪارن کانسواءِ رٿا جو ڊرامو رچائيندڙ بااثرن به خوب جاوا ڪيا. هن رٿا لاءِ پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت جي خزاني مان 15 ڪروڙ روپيا جاري ٿيا. ٻئي مرحلي ۾ وري 17 ڪروڙ روپيا جاري ٿيا ۽ ٽين مرحلي ۾ اڃا وڌيڪ 10 ڪروڙ روپيا اچڻا هئا. منصوبي لاءِ هيل تائين جاري ٿيل 27 ڪروڙ روپين جو ته سنڌ حڪومت جي خزاني واري کاتي ۾ رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاري ٿيل 17 ڪروڙ روپين جي تصديق ٿي نه سگهي آهي. رٿا ۾ ڪيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جا چٽا ثبوت خود پارڪ ۽ ٻيلي ۾ چٽا نظر اچي رهيا آهن. 5  سال اڳ رٿا جي مختلف اسڪيمن جو ٻيلي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنهن ڄاڻايل تقريب ۾ ميڊيا جي سامهون اعلان ڪيو هو، انهن مان ڪا هڪ به اسڪيم مڪمل ٿي نه سگهي. سفاري پارڪ جي حفاظت لاءِ اسٽيٽمينٽ ۾ ڄاڻايل 20 چورس ڪلوميٽر جهنگلي واري ڪنڊيدار تار فقط ٽن ڪلوميٽرن ۾ اهڙي ته ناقص لڳائي وئي جيڪا تار چند مهينن ۾ ڳري سڙي ختم ٿي وئي. پارڪ جي منظور ڪيل 7 واچ ٽاورن مان فقط ٻه ٽاور لڳايا ويا، 1060 ايڪڙن تي جيڪي نوان وڻ پوکيا هئا، انهن مان اٽڪل 100 ايڪڙن ۾ جيڪي نوان وڻ پوکيا ويا انهن مان 80 سيڪڙو وڻ سڙي ويا. منصوبي ۾ جن 1035 ايڪڙن تي اڳ ۾ پوکيل وڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن وڻن جو تڏي تي ڪو به وجود ڪونهي. 905 ايڪڙ زمين جيڪا زراعت لاءِ وقف ڪئي وئي، ان مان هڪ ايڪڙ به آباد ٿي نه سگهي. جانورن لاءِ ٺاهيل ويئر هائوس ۽ پاڻي جون ٽي ٽانڪيون ناڪاره بڻيل آهن، جن ۾ مٺو پاڻي موجود ڪونهي. پاڻي جي لفٽ مشين موٽرن مان 7 موٽرون گم ٿي ويون آهن. ٻيلي جي ٽن ٽريڪٽرن مان ٻه ناڪاره بڻيل آهن، هزارين ايڪڙن جي پارڪ ۽ ٻيلي کي آباد ڪرڻ لاءِ هن وقت فقط هڪ کٽارا ٽريڪٽر موجود آهي.

بوهڙڪي ٻيلي ۾ هن وقت چند سال اڳ ڊبليو ڊبليو ايف جي سهڪار سان بدين جي هڪ سماجي تنظيم طرفان اٽڪل 100 ايڪڙن تي لڳايل ٻٻرن  جي هُڙي جا وڻ نظر اچي رهيا آهن. باقي ٻيلي کاتي طرفان ڪاري واري ڪک نظر اچي رهيا آهن. چند هزار ڪونو ڪارپس جا وڻ پڻ تيزي سان سڙي ختم ٿي رهيا آهن. رٿا ۾ شامل ريسٽورانٽ سميت ٻين عمارتن جا فقط بنياد رکي من پسند دادلا ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي وزارت وارن ڏينهن ۾ ڪانٽريڪٽ تي رکيل بوهڙڪي ۽ رڙي ٻيلي جي 22 مقامي غريب ملازمن کي بنا ڪنهن نوٽيس جي نوڪرين مان تڙي ڪڍيو ويو آهي. ضلعي جا اهي ٻئي ٻيلا 80 واري ڏهاڪي تائين آباد هئا، جن ۾ ٻٻر، بيد مشڪ سميت هزارين ايڪڙن تي سهڻا سدا بهار وڻ پوکيل هئا، جن ۾ لکين جي تعداد ۾ جهنگلي جانور ۽ پکي موجود هئا، جنهن بعد ٻيلي کاتي جي نااهل راشي اهلڪارن سمورا وڻ وڍائي، ٻنهي ٻيلن کي ويران رڻپٽ بڻائي ڇڏيو آهي. هن وقت بااثرن جون نظرون ٻيلي جي هزارين ايڪڙ زمين تي کتل آهن جيڪي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبصو ڪرڻ چاهين ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو