Home / اسپيشل افيئر / سنڌالاجيءَ ۾ ، استاد بخاري، سهراب فقير ۽ طارق عالم ڪارنر قائم!
above article banner

سنڌالاجيءَ ۾ ، استاد بخاري، سهراب فقير ۽ طارق عالم ڪارنر قائم!

رضيه طارق

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. سنڌيونيورسٽي انتظاميه جي شيڊول ۾ به ملڪي توڙي غيرملڪي آيل مهمانن جو سنڌالاجيءَ جي انٿراپالاجيڪل ريسرچ سينٽر(ميوزيم) ۽ ريسرچ لائبريريءَ جو وزٽ لازمي هوندو آهي.

سنڌالاجيءَ جو ميوزيم جنهن ۾ ٻين گئلرين کان سواءِ مشاهيرن جي گئلري به قائم آهي . ان گئلريءَ ۾ سنڌ جي نامور شخصيتن جا ڪارنر ڊسپلي ٿيل آهن. اِهي اهڙيون شخصيتون آهن جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪيو. هن وقت تائين 22 شخصيتن جا ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن.

ان گئلريءَ کي جڏهن قائم ڪيو ويو هو ته ان ۾ پهرين صرف مشاهيرن جا فوٽوگرافس مختصر تعارف سان رکيا ويا هئا بعد ۾ ڪارنر قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان پهرين خانبهادر حسن علي آفندي، محمد عثمان ڏيپلائي، پير حسام الدين راشدي جهڙين قدآور ۽ نامور شخصيتن جي وارثن کان سندن ذاتي استعمال ۾ آيل سامان وٺي ڪارنر ڊسپلي ڪيا ويا ۽ پوءِ وقت سان گڏ هر ڊائريڪٽر جي دور ۾ ڪارنرز جو اضافو ٿيندو ويو.

هي اُهو ڄامشورو به آهي جنهن ۾ طارق جو سمورو جيون گذريو جتي هُن زندگيءَ جا لاها چاڙها ڏٺا، ڏُکن ۽ جدائين جي پيڙا مان به گذريو ۽ گڏوگڏ ادب جي هر صنف ۾ منفرد لکڻيون لکي سنڌي ادب جو روميو بڻجي پاڻ مڃرايو به .1984ع ۾ سنڌيءَ ۾ شاهڪار ناول “رهجي ويل منظر” لکي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ به حاصل ڪيو.

images

سنڌالاجيءَ سان طارق جو ڄڻ ازل کان ڪو گهرو ۽ اڻٽٽ رشتو جڙيل رهيو هو جتي طارق جا دوست عبدالقادر جوڻيجو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سنڌالاجي، ماٺيڻو اوٺو ۽ سائيندادساند سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ مختلف عهدن تي فائز هئا جن وٽ طارق جو روزانو اچڻ وڃڻ جو سلسلو رهندو هو .جيڪي پڻ ادب ۾ نالي وارا ليکڪ ۽ شاعر هئا.ان کان سواءِ طارق جا ٻه ڀائر اياز عالم ابڙو فوٽوگرافڪ سيڪشن ۾ بحيثيت فوٽوگرافر ۽ منصور عالم ابڙو ميوزيم سيڪشن ۾ بحيثيت آرٽسٽ جي عهدن تي مقرر هئا انهن وٽ به طارق جو اڪثر اچڻ ٿيندو هو.

هي اها سنڌالاجي به آهي جتي 2002ع ۽ 2004ع ۾ پينٽنگ جي نمائش ۾ ڪرايل مقابلن ۾ طارق جي ٻنهي فرزندن هالار طارق اسپيشل انعام ۽ لاهوت طارق پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي ۽ 2008ع ۾ انهن ٻنهي ٻارن جي پنهنجي پهرين موبائل فون جي ڪيمرائن سان ڪيل فوٽوگرافيءَ جي نمائش انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سارنگا طرفان منعقد ڪرائي وئي هئي. 2006ع ۾ طارق جون ٺاهيل پينٽنگس به سنڌالاجيءَ ۾ ڪرايل گروپ ايگزيبيشن ۾ رکيون ويون هيون. 1ن کان سواءِ 1999ع ۾ طارق جي هائيڪن جي ڪتاب “مورن اوچا ڳاٽ” جي رونمائي تقريب پير حسام الدين راشدي آڊيٽورم ٿي هئي جنهن جي صدارت تنوير عباسي ڪئي هئي ۽ پروگرام جي آخر ۾ هائيڪن کي پهريون ڀيرو ڳايو ويو هو.

جڏهن سنڌالاجيءَ جي موجوده ڊائريڪٽر انچارج سعيد احمد منگي مون کي مشاهير گئلريءَ ۾ طارق جي ڪارنرقائم ڪرڻ لاءِ چيو تڏهن مان هڪ عجيب ڪيفيت ۾ ويڙهجي وئي هيس ان ڪيفيت کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ منهنجي لاءِ مشڪل آهي. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ وري سعيد منگي ٻڌايو ته مشاهير گئلريءَ لاءِ ٻن شخصيتن جو سامان ملي رهيو آهي انهن جا ڪارنر ڊسپلي ڪري افتتاح ڪرايو ويندو. ان موقعي تي طارق جو ڪارنر به ڊسپلي ٿيڻ گهرجي. پوءِ مان انهن ٻن عظيم ۽ نالي وارين شخصيتن عوامي شاعر استاد بخاري ۽ صوفي فنڪار سهراب فقير جي ڪارنر سان طارق جي ڪارنر لاءِ سانڍيل شين کي کڻي اچي شوڪيسن ۾ ڊسپلي ڪيو. ايئن هڪ دفعو ٻيهر طارق سنڌالاجيءَ جو حصو بڻجي ويو ۽ سنڌالاجيءَ هميشه جيان طارق کي پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني.

ٽنهي نالي واري شخصيتن جي ڪارنر جو افتتاح 30 جنوري 2015ع تي شام جو 4 وڳي مشاهير گئلريءَ ۾ سنڌالاجيءَ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شورو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ادل سومرو ڪيو. ان تقريب ۾ ٽنهي شخصيتن جي فيملي ميمبرن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. ڪارنر جي افتتاح ڪرڻ بعد تقريب جي ابتدا کانپوءِ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر انچارج سعيد منگي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ اسان سنڌالاجيءَ ۾ جن ٽن شخصيتن جا ڪارنر قائم ڪيا آهن اهي ٽئي شخصيتون پنهنجي پنهنجي فن ۾، پنهنجي شخصيتن ۾ وڏا نالا آهن. استاد بخاري هر دور جو ۽ عوامي شاعر آهي. جڏهن به استاد بخاري کي پڙهبو ۽ ٻڌبو ته ايئن لڳندو ڄڻ هُو اسان سان گڏ آ. هُن نه رڳو ماڻهن سان بلڪه جهنگ جر سان، هوائن سان، پکين سان ۽ سنڌ سان محبت ڪئي. هُن سان رشتو ٽٽڻ جو آهي ئي نه. هيءَ ڪائنات جيستائين رهندي استاد بخاريءَ جو نانءُ ايئن ئي گونجندو رهندو . طارق عالم، نالي وارو منفرد ليکڪ، ڄامشوري جي هوائن ۾ هميشه گهلندو رهندو. ان لاءِ ٿورائتا آهيون طارق عالم جي گهر واري ميڊم رضيه طارق جا جيڪا هن ميوزيم جي انچارج به آهي. ان موقعي تي سڀ کان پهرين طارق جي حوالي سان ڊاڪٽر محمود مغل ڳالهائيندي چيو ته مان ۽ طارق 45 سال گڏ گذاريو ڄامشوري جي فضائن ۾، پنهنجائپ واري ماحول ۾. طارق بيحد فراخدل ماڻهو هو. هن پنهنجي اسڪرپٽس سان مون کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو. اڄ مان جيڪو ڊراما نگار آهيان ته اهو طارق جي ڪري آهيان. استاد بخاري جي حوالي سان سندس پُٽ ڊاڪٽر الطاف شاهه بخاريءَ چيو ته استاد جون اهي شيون ڌرتيءَ جون امانتون هيون ۽ سنڌالاجي ڌرتيءَ جو هڪ بهترين ادارو آهي جتي دنيا اچي ٿي هي شيون به اتي اچي پهتيون آهن جن کي هتي سهڻي طريقي سان رکيو ويوآهي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هتي اچي استاد بخاريءَ جو ڪارنر ڏسي خوشي ٿي آهي پر ماڻهن جو نعم البدل ڪارنر ته ٿي نه سگهندي . بهرحال استاد سان پيار ڪندڙن لاءِ هن ڪارنر جي ضرورت هئي. الستي آواز سهراب فقير بابت سندس پُٽ رجب فقير چيو ته مان امڙ کان اجازت وٺي جڏهن سامان ڏنو پئي ته سچ پڇو ته ان ڏينهن لڳو ته بابا سائين اڄ اسان کان جدا پيو ٿئي.پر اڄ هتي اچي هي ڪارنر ڏسي لڳو ته هي به اسان جو گهر ئي آهي. ان موقعي تي قربان منگي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جن ٽن شخصيتن جي حوالي سان جيڪا تقريب ٿي رهي آهي اُهو اتفاق آهي ته ٽنهي سان منهنجي دوستي منهنجو ويجهو تعلق رهيو آ. خيرپور ۾ منهنجي ڪا به اهڙي تقريب ناهي جنهن ۾ استاد بخاري نه آيو هجي. طارق عالم سان انٽرنيشنل هاسٽل جي روم نمبر 49 ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون جتي مان اخلاق انصاري ۽ اسحاق انصاري وٽ ويندو هوس ۽ سهراب فقير سان 1979ع کان ساٿ جڙيل رهيو.

تقريب جي خاص مهمان شوڪت حسين شورو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڀ کان پهرين جسُ هجي سعيد منگيءَ کي جنهن سنڌالاجيءَ ۾ وري ساههُ وڌو آهي. وڏي عرصي کانپوءِ سرگرميون نئين سري سان شروع ٿيون آهن ۽ اڄ جن ٽن شخصيتن جا ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن اُهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي تمام اهم شخصيتون آهن. استاد بخاري جديد شاعرن ۾ وڏو نانءُ، طارق عالم سنڌي ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ وڏو نانءُ ساڳي طرح سهراب فقير سچل سرمست جو پوئلڳ . صوفي شاعرن ۽ صوفي فنڪارن سماج ۾ ڀائيچاري وارو ماحول ٺاهي رکيو . آخر ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌالاجيءَ ۾ جن ٽن شخصيتن جا ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن اهي ۽ انهن جون شيون اداري ۾ امانتون آهن ۽ ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ هڪ ذريعو پڻ. استاد بخاي نه صرف شاعر هو بلڪه هو هڪ تحريڪ هو. طارق عالم منفرد ليکڪ، پيارو دوست ۽ ڄامشوري جي سڃاڻپ ۽ سهراب فقير پنهنجي راڳ وسيلي تصوف جو پيغام پهچائڻ وارن ۾ سر فهرست رهيو. اهڙي طرح هيءَ مختصر ۽ باوقار تقريب جي پڄاڻي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو