Home / اسپيشل افيئر / سنڌي، قومي ٻولي ڪڏهن بڻجندي؟
above article banner

سنڌي، قومي ٻولي ڪڏهن بڻجندي؟

نصير ميمڻ

درحقيقت بنگلاديش اُن ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن 21 فيبروري 1952ع تي بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن ڳڀروئن کي شهيد ڪيو ويو هو.21 فيبروريءَ تي جڏهن اوڀر بنگال جي قانون سازن اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو هو، هڪ عام هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. حڪومت شاگردن جي اسيمبليءَ ڏانهن اعلانيل جلوس کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو، پر شاگردن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. شاگرد جيئن ئي يونيورسٽيءَ جي مُک دروازي ڏانهن وڌيا، ته پوليس ڏَنڊن ۽ ڳوڙها گئس سان سندن آجيان ڪئي. چڪريون وڌنديون ويون ۽ ساڍي ٽِين وڳي ڌاري پوليس گوليون هلائي ڇڏيون. نتيجي ۾ ٻه شاگرد عبدالجبار ۽ رفيع الدين احمد مارجي ويا ۽ عبدالبرڪت زخمي ٿي پيو، جيڪو پڻ شام جو اسپتال ۾ گذاري ويو. درحقيقت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته، اردو نئين ملڪ جي قومي ٻولي ٿيندي، اُن وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو هڪ ڏيڍ سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان مَسَ هئي پر اُن جي باوجود اسلامي ثقافت ۽ اردوءَ کي ملڪ مٿان لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. بنگالي ان وقت ملڪ اندر سڀني کان وڌيڪ سُجاڳ ۽ اڳڀري قوم هئا. ٻولين جي حوالي سان بنگالي ۽ سنڌي نهايت سُڌريل ٻُليون هيون، انهن زبانن ۾ نه رڳو شاندار ادبي ورثو موجود هو، پر صوبن جو سرڪاري ڪاروهنوار به انهن ئي ٻولين ۾ هلايو ٿي ويو. اصولي طور 55 سيڪڙو آباديءَ کي اهو مطالبو ڪرڻ جو حق هو ته، سندن زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي. نامياري بنگالي شاعر فرخ احمد هڪ مشهور بنگالي رسالي ۾ مضمون ”پاڪستان: رياست جي ٻولي ۽ ادب“ جي عنوان هيٺ لکيو. اُن مضمون ۾ لکيائين ته، ”جيتوڻيڪ اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته، پاڪستان يا گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي قومي زبان بنگالي هوندي پر اوڀر پاڪستان جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اِنَ اياڻپ ڀرئي خيال جو اظهار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن بنگالي ٻوليءَ کي رياست جي ٻولي بڻايو ويو، ته ان سان اسلامي ثقافت تباهه ٿيندي“.

پاڪستان ٺهڻ کان ستت ئي پوءِ اوڀر بنگال ۾ بنگاليءَ کي به قومي زبان بنائڻ جي گُهر شِدت سان ٿيڻ لڳي. 25 فيبروري 1948ع تي بنگالي ڪانگريس اڳواڻ دتا اسيمبليءَ ۾ بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته، 69 ملين آباديءَ مان 44 ملين آبادي بنگالي ڳالهائيندڙ آهي. هن هڪ ترميم تجويز ڪئي ته، اردو ۽ انگريزيءَ سان گڏ بنگاليءَ کي به اسيمبليءَ جي ٻولي بنايو وڃي. وراڻيءَ ۾ وزير اعظم لياقت علي خان چيو ته، پاڪستان، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي مطالبي تي ٺهيو آهي ۽ سندن ٻولي اردو آهي. پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي، تنهن ڪري ان جي زبان رڳو اردو ئي ٿي سگهي ٿي. اولهه پاڪستان جي قيادت بنگالي قومي ٻولي جي مطالبي کي ملڪ ٽوڙڻ سان ڀيٽڻ شروع ڪيو

بنگاليءَ کي اسيمبليءَ جي ٻولي بڻائڻ واري ترميم کي رد ڪرڻ جو سخت رد عمل ٿيو. 11 مارچ 1948ع تي صوبي اندر هڙتال ۽ مظاهرا ڪيا ويا. بنگالين جي سياسي قيادت ان تي سخت ردعمل ڪيو. بنگالي اڳواڻ حسين شهيد سهروردي بيان جاري ڪيو ته، جيڪڏهن ماڻهن جي ٻولي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ان تي سخت احتجاج فطري ردعمل آهي. ان صورتحال تي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي سخت ڳڻتيءَ وَرايو ۽ هن مارچ جي آخري ڏهاڪي ۾ اوڀر بنگال جي دوري جو اعلان ڪيو. جناح صاحب باقي ملڪ جيان بنگال ۾ به مقبول اڳواڻ هو ۽ سندس آمد جي اعلان جي زبردست آجيان ڪئي وئي. بنگالين جو خيال هو ته، جناح صاحب سندن جائز گُهرَ تي همدرديءَ سان ويچار ڪندو. پر بدقسمتيءَ سان جناح به لياقت علي خان ۽ ٻين لَڏي آيل اڳواڻن جي مؤقف جي اثر هيٺ هو. ايڪيهين مارچ تي هن ڍاڪا جي ريس ڪورس گرائونڊ ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، مان اها ڳالهه چٽن لفظن ۾ ٻڌائڻ گهران ٿو، ته ملڪ جي قومي ٻولي ٻِي ڪابه نه- پر اردو ئي ٿيندي، جيڪو به توهان کي ان معاملي ۾ گُمراهه ڪري ٿو، اهو در حقيقت پاڪستان جو دشمن آهي. هڪ رياستي ٻولي کان سواءِ ڪابه قوم هڪ ٿي هلي نه سگهندي. جيستائين رياست جي ٻولي جو تعلق آهي، ته پاڪستان جي ٻولي اردو ئي هوندي. ان کانپوءِ 24 مارچ تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي ڪنووڪيشن کي ڪرزن هال ۾ خطاب ڪندي جناح صاحب پنهنجا خيال ورجائيندي چيو ته، قومي ٻولي رڳو اردو ئي ٿيندي. جناح صاحب جي توقع جي ابتڙ شاگردن مان اوچتو ڪجهه شاگردن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ” نو-نو“. شيخ مجيب الرحمان پڻ ان وقت شاگرد هو ۽ اُنهن نعرا هڻندڙن ۾ شامل هو. جناح ڪجهه گهڙي پل جي ماٺ کانپوءِ وري ورجايو ته، اردو ۽ رڳو اردو ئي رياست جي ٻولي هوندي، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن ان ٻولي کي پاليو آهي. اها ئي ٻولي آهي، جيڪا ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ سمجهي وڃي ٿي ۽ اسلامي ثقافت ۽ مسلم روايتن جي بهترين نمائندگي ڪري ٿي. محمد علي جناح البته شاگردن جي تاءُ کي محسوس ڪندي اسٽيٽ لينگوئيج ايڪشن ڪميٽيءَ سان ملاقات ڪئي. ان وفد ۾ شامل هڪ اڳواڻ قمر الدين بعد ۾ لکيو ته، جناح پنهنجي ڳالهه تي اَٽل هو ۽ وفد کي چيائين ته، جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ ٻوليون هونديون، ته پاڪستان جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن جناح جي انهن تقريرن جو جواب ڏيڻ لاءِ رابندر ناٿ ٽئگور جي سالگرهه ۽ قومي ٻولي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان جي وفاقي حڪومت جو بنگالي ٻولي ۽ ثقافت ڏانهن رَويو اهو هو جو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير خواجا شهاب الدين هڪ موقعي تي اهو به مطالبو ڪيو ته، ٽئگور جي راڳ ۽ لکڻين تي بندش وجهڻ گهرجي. بنگالين ان ڏهاڙي کي وڏي جذبي سان ملهايو، اوڀر بنگال جي ڪابينا ۾ صحت واري وزير حبيب الله بهادر ان موقعي تي هڪ ويهڪ جي صدارت به ڪئي ۽ پروگرام آرگنائيز ڪندڙن جي جنرل ميٽنگ جي به صدارت ڪئي. ان پروگرام سبب اولهه پاڪستان ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. مسلم ليگ جي حامي اخبارن اهو پروگرام منعقد ڪرائيندڙن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ۽ پروگرام ڪرائيندڙن کي هندستان جو ڇاڙتو ۽ پاڪستان جو دشمن قرار ڏنو.

اهڙيءَ طرح بنگالي ٻولي جي هلچل زور وٺندي وئي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي وئي. 27 هين جنوري 1952ع تي تڏهوڪي وزير اعظم خواجه ناظم الدين ڍاڪا ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، ”بنيادي اصولن واري ڪميٽيءَ“ جي سفارشن مطابق رڳو اردو ئي قومي ٻولي هوندي. ان اعلان کان پوءِ اوڀر بنگال ۾ ڄڻ ته باهه ٻري وئي. 30 جنوريءَ تي قومي ٻولي جي يونيورسٽي ڪميٽيءَ جو وڏو ميڙ ڪوٺايو ويو. ٻئي ڏينهن تي اوڀر پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس ليگ طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي. 21 فيبروريءَ تي جڏهن اوڀر بنگال جي قانون سازن اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو هو، هڪ عام هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. حڪومت شاگردن جي اسيمبليءَ ڏانهن اعلانيل جلوس کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو، پر شاگردن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. شاگرد جيئن ئي يونيورسٽيءَ جي مُک دروازي ڏانهن وڌيا، ته پوليس ڏَنڊن ۽ ڳوڙها گئس سان سندن آجيان ڪئي. چڪريون وڌنديون ويون ۽ ساڍي ٽِين وڳي ڌاري پوليس گوليون هلائي ڏنيون. نتيجي ۾ ٻه شاگرد عبدالجبار ۽ رفيع الدين احمد مارجي ويا ۽ عبدالبرڪت زخمي ٿي پيو، جيڪو پڻ شام جو اسپتال ۾ گذاري ويو. ان واقعي بنگال کي ڌوڏي ڇڏيو. 22 هين فيبروريءَ تي شاگردن مسلم ليگ جي حامي اخبار جي آفيس کي باهه ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته مسلم ليگي پارلياماني پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ روزانه ”آزاد“ جي ايڊيٽر عبدالڪلام شمس الدين پارلياماني پارٽيءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. سندس اخبار مسلم ليگ جي حمايت تان هٿ کڻندي ٻئي ڏينهن ڪاري پٽيءَ سان واقعي جي خبر ڇاپي. شاگردن ميڊيڪل ڪاليج جي گيٽ وٽ شهيدن جو مينار ٺاهي ورتو. ٻوليءَ واري هلچل کي وڌيڪ هٿي تڏهن ملي، جڏهن فضل الحق ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تان استعيفا ڏئي مسلم ليگ خلاف مخالف ڌر کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ئي اڳڀرائين جي نتيجي ۾ اڳتي هلي عوامي ليگ جي ڪوششن سان مسلم ليگ خلاف يونائيٽيڊ فرنٽ وجود ۾ آيو. ان اتحاد 21 نڪاتي چارٽر هيٺ مارچ 1954ع ۾ صوبي اندر ٿيل چونڊن ۾ ملڪ جي باني هجڻ جي دعويدار جماعت مسلم ليگ جي تڏاهه ويڙهه ڪري ڇڏي. 309 سيٽن جي ايوان ۾ مسلم ليگ کي رڳو ڏهه سيٽون نصيب ٿيون، جڏهن ته يونائيٽيڊ فرنٽ 237 مسلم سيٽن مان 228 سِيٽون کٽي ورتيون. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي هلچل جديد بنگالي قومپرستيءَ جا بنياد رکيا. اڳتي هلي 1956ع جي آئين ۾ بنگاليءَ کي به اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ايڪهين فيبروريءَ جي ڏهاڙي کي 1999ع ۾ يونيسڪو پاران مادري ٻولين جو ڏهاڙو قرار ڏنو ويو. ان هلچل جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ بنگالي قومپرستيءَ اڳتي هلي بنگلاديش کي جنم ڏنو.

بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته، ملڪ جي واڳ ڌڻين تاريخ جي ان تلخ سچائيءَ مان ڪوبه سبق نه سکيو. پاڪستان اندر اڄ به اصلوڪين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ جڏهن ملڪ جي صوبن اندر ڳالهائجندڙ مکيه ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ وارو بل پيش ڪيو ويو، ته وري به ان کي ملڪ جي ايڪي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون آهن ۽ انهن ملڪن جي سالميت کي ڪوبه خطرو ناهي پيش آيو. هن وقت ملڪ اندر صوبن ۾ سنڌي سڀني کان اڳڀري زبان آهي. سنڌي ٻولي کي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ سنڌ اندر ساڳئي قسم جي جدوجهد اُن دور کان وٺي جاري آهي.

1970ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ اندر ٻوليءَ وارا وڳوڙ ڪرايا ويا، ته 3 جولاءِ 1972ع تي ”دي سنڌي ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يُوز آف سنڌي لينگوئيج بل“ 1972ع ۾ پيش ڪيو ويو. ان بل کي سنڌ اسيمبليءَ 7 جولاءِ 1972ع تي 62 مان 50 ميمبرن جي ووٽن سان پاس ڪيو ۽ گورنر پاران 16 جولاءِ تي صحيح ڪري ان کي ايڪٽ جو درجو ڏنو ويو. اڄ ان اسيمبليءَ جو حال اهو آهي جو خود پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت فيبروري 2010ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نواب تيمور ٽالپر پاران پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ بحال ڪيو ته، سنڌ حڪومت 1972ع واري ايڪٽ تي عمل کي يقيني بڻائي. کِلَ جهڙي ڳالهه آهي ته، ساڳِي پارٽيءَ جي حڪومت 38 سال اڳ پنهنجي ئي پاس ڪيل قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ئي حڪومت کان مطالبو ڪرڻ جو ٺهراءُ بحال ڪرائي رهي هئي. ان قانون تي مڪمل طور عمل ڪرائڻ ته پري، حڪومت خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ تي مجبور آهي. هن وقت صوبي اندر 9,866 خانگي اسڪول آهن، جن مان 6,215 اسڪول ڪراچي ۽ 1,148 حيدرآباد ۾ آهن. خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن واري ايڪٽ موجب، سمورن خانگي اسڪولن کي انگريزي ۽ اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ به پڙهائڻو آهي، پر خانگي اسڪول ان قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهڙيءَ طرح انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ 20 لکن کان وڌيڪ ٻارَ سنڌي سِکڻ کان محروم آهن. ياد رهي ته، سرڪاري اسڪولن ۾ صوبي اندر ڪُل 42 لک ٻار پڙهندا آهن. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته، خانگي اسڪولن جي شاگردن جو انگ تمام وڏو آهي. تعليم واري وزير نثار کهڙي پاڻ اهو مڃيو آهي ته، رڳو ڪراچي نه، پر ان کان سواءِ ٻين شهرن ۾ پڻ خانگي اسڪولن اندر سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي. بنيادي طور تي ٻوليءَ جي 1972ع واري ايڪٽ تي ئي صوبي اندر عمل نه ڪرايو ويو آهي

سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزير جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن. نتيجي ۾ لکين ٻار بنيادي سنڌي سِکڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي پڙهائي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا، ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڇِنل رهندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ئي سماجَ ۾ اوپرا رهندا. قومي جڙاوت جو بنيادي ايڪو ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. جتي سنڌي سافٽ ويئر ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي سگهه آهن، اُتي تيزيءَ سان ناڪاره ٿيندڙ سرڪاري تعليمي سرشتو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا لاءِ وڏي لَلڪار آهي. حڪومتي سرپرستيءَ تي ان ڪري نه ٿو ڀاڙي سگهجي، جو ان جون اوليتون ڪجهه ٻيون آهن. تعليم جو سُڌارو يا ٻوليءَ جي بقا رڳو بجيٽن ۽ اعلانن جو نه، پر هڪ گهري قومي غيرت ۽ ڪمٽمينٽ جو معاملو آهي، جنهن کي ڪرپشن جو مانگر مڇ ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌ واسين کي متحرڪ قوم طور ان صورتحال جو ماضيءَ جيان پاڻ ئي مقابلو ڪرڻو پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو