Home / ڪور افيئر / سنڌي آپگهاتي بمبار: سنڌ لاءِ ناسور!
above article banner

سنڌي آپگهاتي بمبار: سنڌ لاءِ ناسور!

نسيم بخاري

وفاقي اداري سي ٽي ڊي ۽ سنڌ پوليس ڀل ته هاڻ اهو انڪشاف ڪيو هجي ته شڪارپور عالمي سطح جو دهشتگردي ۽ فرقيواريت جو مرڪز بڻجي ويو آهي يا رينجرز جي ميجر غفار ڀل ته ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ۾ عالمي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جي هڪ اهم همراهه کي سوگهو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هجي پر “افيئر” ورهين کان اهڙي نشاندهي ڪندو آيو آهي ۽ اڄ به وڏي ويساهه سان ٿا چئون ٿا ته هن شهر جون نه رڳو چار ئي ڪُنڊون پر گهٽي گهٽي بارود کان به خطرناڪ ۽ خوفناڪ فرقيواراڻي تعصب سان سٿيل آهي.

ايس ايس پي شڪارپور ثاقب اسماعيل ميمڻ ۽ سي ٽي ڊي سنڌ جي ايس پي مظهر مشواڻي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو آهي ته سلطان ڪوٽ جي حد ۾ ڳوٺ عبدالقادر پندراڻي ۾ گڏيل ڪارروائي کان پوءِ ان ڳوٺ ۾ بارود جي فيڪٽري هٿ آئي آهي، جتي زير زمين بم ٺاهڻ جو سمورو سامان موجود هو. اتان خانپور تعلقي جي ڳوٺ حاجي خواستي بروهي سان تعلق رکندڙ غلام رسول بروهي ۽ خليل زهري گرفتار ٿيو آهي. انهن ٻنهي خطرناڪ دهشتگردن جاچ دوران ٻڌايو آهي ته شڪارپور امام بارگاهه ۾ خودڪش بم حملو ڪندڙ بمبار ارڙهن کان ويهن سالن جي عمر وارو الياس بروهي هو جنهن جو تعلق ڪوئيٽا شهر سان هو ۽ ان کي شڪارپور ۾ آڻڻ وارو جيش الاسلام جو عبدالوحيد هو. شڪارپور امام بارگاهه ۾ دهشتگردي کان اڳ ڪيترائي ڏينهن اڳ ريڙهي لڳائي ابام بارگاهه جو مڪمل واءُ سواءُ ورتو ويو، جنهن کان پوءِ اها ڪارروائي ٿي. اهو بمبار علي شير پندراڻي پنهنجي گهر ۾ ترسايو هو، جيڪو مفرور آهي ۽ جنهن جو ڀاءُ پيرو بروهي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي ڳوٺ ۾ ڏهين محرم واري ڏينهن خود ڪش ڪارروائي ڪري پاڻ ڦاٽي مُئو هو. خليل بروهي ۽ غلام رسول بروهي خانپور ۾ شيعا عالم شفقت عباس مطهري جي خون جو به اعتراف ڪيو آهي ۽ خليل اهو به مڃيو آهي ته حاجن شاه ماڙي واري جي درگاهه تي به ان ئي بم ڌماڪو ڪيو هو.

feb 28 22

ايس ايس پي شڪارپور ثاقب اسماعيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته خليل بروهي کين حاجن شاهه ماڙي ۾ ٿيل ڌماڪي واري واردات جا سمورا تفصيل ٻڌايا آهن۽ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان پنج ڪلو تيار ٿيل بارود مليو آهي ۽ ايتري ئي بارود سان، شڪارپور جي 64 بيگناهه انسانن جون زندگيون کسيون ويون هيون.

شڪارپور ۾ لشڪر جهنگوي، جيش الاسلام ۽ پنجابي طالبان جي گڏيل ڪاررواين جي تصديق ڪندي ايس ايس پي اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته انهن دهشتگردن جي نشاني تي ڪيتريون ئي شخصيتون هيون جن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آهن. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ڪراچي کان پوءِ شڪارپور واحد اهو ضلعو آهي جتان نه رڳو وڏي پئماني تي ڌماڪيدار مواد مليو آهي پر بم ٺاهڻ جو مينوئل به هٿ آيو آهي. هن جو چوڻ هو ته هڪ ڪار ۽ موٽر سائيڪل پڻ ملي آهي، جيڪا پڪ سان ڪنهن ٻي واردات ۾ استعمال ٿيڻي هئي گرفتار جوبدارن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته هنن شيعن جي ڌرڻن ۾ به ڌماڪا ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي.

مٿين انڪشافن کان پوءِ نه رڳو اهو سچ ثابت ٿيو آهي ته پاڻ وٽ ڪي سنڌي خودڪش بمبار به موجود آهن پر شڪارپوري طالبانن جو خونخوار روپ به آڏو آيو آهي. علي شير بروهي ڪيترو نه ڀوائتو ذهن رکندڙ هوندو جنهن جو ڀاءُ خودڪش بمبار جي تعارف سان پڌرو ٿيو آهي ۽ جنهن ڪوئيٽا جي بمبار کي پاڻ وٽ ترسائي شڪارپور ۾ دهشت جي خطرناڪ راند رچائي.

عبدالقادر پندراڻي ڳوٺ ۾ خودڪش بمبار پيرو بروهي کي نه رڳو شهيد ۽ جهادي سمجهيو وڃي ٿو پر اتي ان جي اهڙي ڪارنامي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ 15 جنوري 2015 تي هڪ تقريب به ٿي چڪي هئي، جنهن کان اڳ اهڙي اهتمام بابت شڪارپور شهر جي اهم چوڪن جي ڀتين تي پوسٽر به هنيا ويا هئا ته ان پروگرام ۾ هتان جا لوڪل سطح جا عالم ۽ مولوي حضرات به وڏي فخر ۽ سورهيائپ سان شريڪ ٿيا هئا ۽ خطاب ڪيو هئائون. سوال اهو آهي ته ڇا انهن دين جي دعويدارن ۾ به ڪو هٿ وجهندو؟ حقيقت اها آهي ته شڪارپور ۾ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته هتي دين کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي ۽ هتان جا ڪيترائي مدرسا توڙي مسجدون تباهي ۽ بربادي واري تربيت جو مرڪز بڻيل آهن.

اهوئي سبب آهي ته هتي ماضي جا مسڪين ۽ قابل رحم اڄ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ٿي ويا آهن. سوال اهو آهي ته اهو ڪهڙو جادو آهي جن ڪجهه سالن ۾ کين ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻايو آهي. طاقت، پئسي ۽ شهرت جي شوق همراهن کي شعوري ۽ لاشعوري طور تي هڪ اهڙي ته ڌٻڻ ۾ ڦاسايو آهي جو هاڻ ان مان نڪرڻ يا اُتي ڦاٿل رهڻ ٻنهي صورت۾ سندن لاءِ ڏچا ئي ڏچا آهن. هنن وٽ ڏنڊا بردار فورس ته چوويهه ئي ڪلاڪ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ حاضر هجي ئي هجي ٿي پر هاڻ جڏهن بارود بم به ظاهر ٿيا آهن ته صورتحال ويتر سنگين ٿي وئي آهي، جنهن کين بي نقاب ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي خوف واري تاءُ کي به وڌائي ڇڏيو آهي. تازن انڪشافن کان پوءِ رد عمل ۾ امڪاني خطرن خلق کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. هتي پنجابي طالبان، لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه ۽ جيش الاسلام جي چٽن ثبوتن کان پوءِ انهن سڀني کي ڇپر ڇانو ڏيندڙ مذهبي ڌرين جي اثر ۽ اهميت انهن جي مدمقابل مخالف قوتن کي به اثرائتي ٿيڻ جا جواز پيدا ڪري ڏنا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي نه رڳو واڌ ويجهه جا واضح امڪان آهن پر انهن کي هر سطح تي عالمي ۽ ملڪي فنڊنگ جا به موقعا ميسر ٿي ويا آهن.

هتي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هڪڙن مان جند ڇڏائڻ جي چڪر ۾ ڪٿي اهڙي ئي سوچ رکندڙ ٻين همراهن کي ته هٿي نه ملندي. اهي ۽ اهڙا ڪيترائي انيڪ سوال ماڻهن جي من ۾ مونجهه پئدا ڪري رهيا آهن ۽ عوام سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن ان آڌار تي هتي فرقيواريت جي حوالي سان رتوڇاڻ وارو سلسلو هليو ته اهي ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو؟

هڪڙو سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته هي جيڪي هاڻي همراهه پڪڙيا ۽ پڌرا ٿيا آهن اهي اڳ ڪنهن جي نگاهه ۾ ڇو نه هئا؟ هن ملڪ ۾ اهڙن ڪردارن ۽ ڪمن تي اک رکندڙ ڪٿي گم هئا. هتي جڏهن ان حوالي سان ڪي سوال اُٿاريا ويندا هئا ته انهن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويندو هو ۽ اهو رخ ڇو دٻايو پئي ويو؟ هاڻي جڏهن همراهن جي سر مٿان پاڻي چڙهي رهيو آهي ته انهن ڦاٽ کاڌو آهي. اها تباهي ۽ بربادي جيڪا خودڪش بمبارن ۽ انهن جي سهولتڪارن ڪئي آهي ان جا اهي ته ذميوار آهن ئي آهن پر انهن کي به بخشي نه ٿو سگهجي جن انهن جا سدائين لڪ پئي لڪايا ۽ اکيون ٻوٽيون هئائون. ان سڄي صورتحال ۾ انتظامي لاپرواهي کان سياسي پارٽين ۽ بااثر ڀوتارن جون خاموش تماشائي بڻجڻ واريون سنگين ڪوتاهيون شامل آهن.

هتان جا چونڊيل نمائندا، پير، مير ۽ قبيلائي سردارن ان ڏوهه جا ڏوهاري آهن. هتان جون مذهبي ڌريون ان گناهه ۾ برابر جون شريڪ آهن. انهن سڀني ماٺ ئي ماٺ ۾ هتي اهڙي ذهنيت کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو، جنهن ويڙها ويران ڪيا ۽ موت جي واپار کي ڀرپور صنعتي حيثيت جو درجو ڏياريو. سوال اهو آهي ته انهن سڀني عنصرن جي دوکن جو حساب ڪنهن کان وٺجي ۽ انهيءَ سڄي صورتحال کي امن ۽ سلامتي واري فضا ۾ ڪيئن بدلائجي؟

شڪارپور ورهاڱي کان اڳ علم، ادب، آرٽ موسيقي، ناٽڪ منڊي، اخبارن، رسالن ۽ لائبريرين تعليمي ادارن ۽ اسپتالن جو مرڪز هوندو هو. هاڻي اُتي فقط ڪاريءَ وارا ڪک آهن آخر ڇو؟ هتي ڪا ادبي ۽ ثقافتي تقريب گذريل ٽيهن سالن ۾ سرڪاري سطح تي نه ٿي آهي. هتي تخليقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت سدائين سرگرم رهي آهي. شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوشل سوسائٽي پنهنجي وس ۽ وت آهر شاندار پروگرام ۽ تقريرون ڪيون آهن. پر مٿين سڀني متحرڪ ۽ مثبت تبديلي لاءِ اُتساهيندڙ سرگرميون ڪندڙ ڌرين سان رياست ۽ سياست جا ٺيڪيدار ڪيترا ٻانهن ٻيلي ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهيا آهن. هتان ڪا ترقي پسند سوچ جي صدا بلند ٿي آهي ته ان کي سازگر فضا ملڻ بدران سندس رستا روڪ ٿي آهي.

هتان جا بااثر ڀوتار مجرن تي لکين روپيا خرچ ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪتابي ميلو نه لڳرايو اٿائون. ڪڏهن ڪا فڪري ۽ سنجيده محفل نه ڪئي اٿائون. هنن جي تر جي عوام ۾ اک ئي نه ٻڏندي آهي. هو عوام جي مينڊيٽ جو ٿورو سندن رت چوسڻ جي صورت ۾ لاهيندا آيا آهن. عوام کي ڪو سک ۽ سهولت ڏيڻ بدران ان لاءِ آزار ۽ ايذاءَ جو سبب بڻيا رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا رياست واقعي به تخريبڪارن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو