Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جو “عاشق صادق” صادق فقير
above article banner

سنڌ جو “عاشق صادق” صادق فقير

مظهر لغاري

رسول بخش درس اسان کي سيکاريو ته هارمونيم جي ڪي بورڊ ۾ “مڌ سپتڪ” ۽ “تار سپتڪ” ڇا هوندا آهن ۽ صادق فقير تاڙي وڄائي “گت” سمجهائي: تا…ته…تا…تتا…….تا

راڳ ته سندس رڳن ۾ ئي هو پر هن ڳائڻ جي شروعات ٻاروتڻ ۾ ان “ڪارڙي ڪمارڙي” کان ڪئي جيڪو ٿر ۽ ان جي ڪَس ۾ ٻارڙا ڳائيندا آهن. ٻارن جو گروپ چادر جي جهولي ٺاهي هر گهر جي ٻاهران وڃي بيهندو آهي ۽ صدا هڻندو آهي ته: “ڪارڙا ڪمارڙا، ڪو ان پاڻي ڏي…. ته مينهڙو وسي!” ڪيش يا ڪائنڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ملي، اهو آخر ۾ ان دعا سان خيرات ڪبو آهي ته مالڪ مينهن وسائي.

اسين اسڪولي ٻار هئاسين. ڊگهي خشڪ ساليءَ دوران جڏهن ساوڻ ۽ بڊي جا وقت ايندا هئا ۽ مينهن جو ڪو آسرو ڪونه هوندو هو ته امان منهنجي ڀينرن کي احمد ملاح جو ڊگهو نظم پڙهڻ لاءِ چوندي هئي:

“ملڪ جا مالڪ، مٺا، مختار، مولا مينهن وساءِ!

ڏينهن ڏکيا ڪر ڏور، اي ڏاتار، مولا مينهن وساءِ!”

امان کي ان ڊگهي نظم جي آخري بند ۾ ڄاڻايل معجزي تي ايمان هو ۽ ڪيترا ڀيرا ايئن ٿيو ته اهو بند پڙهڻ تائين خبر ناهي ڪٿان ڪڪر اچي ويندا هئا ۽ ڪاڙهي مٿان ڪڪراڪڪري ڇانئجي ويندي هئي:

“کڻ اتر ڏي اک احمد، الحمدلله آگميو

…..، نار، ناري ۽ نبي سر کان نميو”

ان شعر ۾جتي مون ڊيش ڏني آهي اتي ڪو اهڙو پڊ آهي جنهن جو نالو هينئر مون کي ياد ڪونه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به مينهن پوندو هو جو ٻڏڻ لڳندا هئاسين. ان صورت ۾ وري منهنجون ڀينرون احمد ملاح جو “جواب شڪوه” ٽائيپ نظم پڙهنديون هيون جنهن ۾ درخواست ڪيل هئي ته اسان تي تنهنجي رحمت هاڻي ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، تنهنڪري انجو رخ ٻين ضرورتمند علائقن ڏانهن وراءِ: “وڄڙيون وار، واري ٻي ولهار…..!”

feb 28 46

تڏهن اسين به گهٽين ۾ ڪارڙو ڪمارڙو ڪندا هئاسين. ٿر مان ڪو ماڻهو ايندو هو ته برسات جو پڇيو ويندو هو. جي جواب ملي ته “برسات ڪانه پئي آهي” ته پڇبو هو: “ڀلا ڪارڙو ڪمارڙو ڪيو اٿئو يا نه؟”

منهنجي ڀاءُ جي جنم تي مائي ڀاڳي اسان جي گهر آئي ۽ اڱڻ ۾ پٽ تي ويهي ڳايائين. امان کيس ڪجهه پئسا، ڪپڙا ۽ ڪڻڪ ڏني. “سمن سائين، مان ته گولي ڙي غلام تنهنجي در جي…..”…….“ايءَ چِرميءَ رو بلالَ سان پيار…… گهوري جاوان چِرمي نان!”

منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي. گهوٽ گهوڙي تي هجي ۽ ڄڃ سان مراد فقير ڳائيندو پيو وڃي. هارمونيم کي ٽوال سان ٻڌي گٽار وانگر ڪلهي ۾لٽڪائي، هو وڄائيندو ۽ ڳائيندو پئي ويو: “اي مارا اُڏتا ڙي پکيئڙا…. تمي آويا ڙي!” ساڻس گڏ نبي سر جو سومار فقير پڪواز وڄائيندو هو جيڪو اڳتي هلي عابده پروين جي سازندن ۾ به شامل ٿيو.

گهڻو عرصو پوءِ جي ڳالهه آهي. مٺيءَ جي ٽائون ڪميٽيءَ جي بيوروڪريسي موهن ڀڳت کي سزا طور نبي سر ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. گهڻن ماڻهن کي خبر ڪانه هئي ته ڪو موهن ڀڳت هاڻي نبي سر اچي ويو آهي. هڪ ڏينهن منهنجي ڀاءُ ذوالفقار کيس نبي سر جي هڪ گهٽيءَ مان ٻهاري ڪڍندي ڏٺو ته ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمين کي چئي ڀڳت کان ڏکي ڊيوٽي معاف ڪرايائين. هڪ ته هو سزا طور نبي سر آيل ….. مٿان وري اهڙو فرشتي صفت انسان اسان گنهگارن جا رستا صاف ڪري! مارواڙي گيت جي سٽ آهي ته “ڍولا ٿاري مارڳين، مون مروئو پوکيو ڙي!” “(ڍولا، تنهنجي رستن ۾ مون نازبوءَ جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن!”

“آيل ڙِي، منهنجي دل جو دوست کسيو پيا وڃن

کسيو پيا وڃن، مون سان ڏاڍي ڪئي ڏيرن!”

جيئن نيپال وارا چوندا آهن ته: “انڊيا سي همارا روٽي بيٽي ڪا رشتا هي!” تيئن ٿر ۽ ڪس جو روٽي بيٽي ۽ راڳ جو رشتو آهي. راڳ جنهن جا قدردران پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ عبدالڪريم پلي هئا. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هو ٿر جي Food Security جا به ضامن هئا. ٿر مان displace ٿي ايندڙ ڪٽنب اچي عمرڪوٽ ۾ ڪيمپ هڻندا هئا. پليءَ جي اوطاق سان لڳولڳ گودام هو. منشي پرچي لکي ڏيندا ويندا هئا ۽ هر ڪٽنب کي ڪڻڪ ۽ چانور ملندا هئا. هو عبدالڪريم پلي اڪيلو ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ UNHCR هو.

ڪيتريون سانوڻيون گذري ويون.موسمون مٽجنديون رهيون، ٿر ۾ اين جي اوز پهچي ويون. ٿر جي هڪڙن انجنيئرن کيکڙي جي انجڻ تي بس جي باڊي لڳائي، ٻين واريءَ مان بجلي ٺاهي ڏيکاري. روڊ ٺهيا، بجلي آئي، فلٽر پلانٽ لڳا، مٺي پاڻيءَ جون پائيپ لائينون پڳيون، اين جي اوز وارن ونڊ ملون لڳايون ۽ Reverse Osmosis جا پلانٽ هڻي ماڻهن کي کارو پاڻي مٺو ڪري ڏيکاريو. مٺي سوچيندڙ ماڻهن جو شهر ٿي پيو جيڪي ڏينهن جو ڏڪار، برساتن جي سائيڪل کان ويندي گُگر جي اڪاناميءَ جهڙن موضوعن تي ريسرچ ڪرڻ، حقيقتون گڏ ڪرڻ ۽ مسئلن جا حل سوچڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ شام لڙندي پنهنجو پاڻ کي شاعريءَ ۽ راڳ اڳيان سرينڊر ڪري ڇڏيندا هئا. “سورج ڊوبا هي يار، دو گهونٽ نشي ڪي مارو!”

صادق فقير ان سنگت جو نيوڪليئس هو جيڪو contemporary ٿر جي سوچ ۽ سنگيت جو ترجمان هو. هونئن ته اياز گل جي غزل “توکان ٿيندي ڌار” هن جي سڃاڻپ بڻجي وئي پر ويجهن دوستن کي خبر هئي ته هن سنڌيءَ سان گڏوگڏ مارواڙيءَ جي شاندار شاعريءَ به ڪمپوز ڪئي. هڪ ڀيرو حيدرآباد ۾ هن منهنجي نظم “ڪيڏو دکي، سورج مُکي، ٿي رات روزانو اچي!” جي extempore (في البديح) ڌن ٺاهي ۽ ڏوهيڙي لاءِ هي شعر آلاپيائين:

هر محبت آ اڌورو ڪو شعر

هر جواني ڄڻ ٽٽل ڪائي ستار

هيڏي وڏي فنڪار کان ماڻهو عجيب فرمائشون ڪندا هئا. جيئن جوڪ مشهور آهي ته فيض صاحب کي ماڻهو چوندا هئا ته مهدي حسن وارو غزل ٻڌايو. يعني “گلون مين رنگ ڀير بادِ نوبهار چلي!” ٻڌايو. هو ڀلي ڇابه ڳائي، پر صادق فقير جا آلاپيل سر مارئيءَ جا بيت سندس آواز ۾ منڊيءَ جيئن پورا ايندا هئا:

“وٺا ڪي وسندا، مينهن به مارن تي،

ڪين جهلينديم ڪوٺيون، جيئري هونديس جي،

ملي مارن کي، آئون سڪ لاهينديس سومرا!”

۽ سندس پيش ڪيل ٿر جو هي لينڊ اسڪيپ ته ڄڻ ٽوئرازم لاءِ اتساهيندڙ پرومو هجي:

دلڪش هر منظر آ،ڄڻ سارو سونهن نگر آ

سون ورني هي ڌرتي ۽ سرمئي امبر آ

اهڙو منهنجو ٿر آ… اهڙو منهنجو ٿر آ!

ان ٿر جو پيپلز پارٽيءَ جي واهيات وڏيرا گورننس اهو حشر ڪيو آهي جو اتي ماهوار سراسري 100 ٻار مري رهيا آهن. “منهنجي ٿر جو حال جي ڏسندين، روئي پوندين!” هر مهيني 100 ٻار مري رهيا آهن. هر مهيني ڪارڙي ڪمارڙي جا 100 گيت مري رهيا آهن! ٿر جو وڏو جگر آهي. ان کي ڏڪارن ۽ مصيبتن ۾ جيئڻ اچي ٿو. گهر ۾ هڪ ماڻهوءَ جي ڪوٽا جيتري ماني لازمي اسپيئر ۾ پيل هوندي آهي ته جي مهمان اچي ته ان کي پيش ڪري سگهجي ۽ ڀلي ٽن ڏينهن کان هن ڪجهه نه کاڌو هجي، پر هڪل ٻڌي ٺاڪر ڏاڪار ڏيندوگهران ٻاهر ايندو آهي ته جيئن مهمان اهو سمجهي ته گنج لڳا پيا آهن. “اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾، سدائين نشان تي سدا امتحان ۾!” ان ٿر ۾ صادق فقير “ڏڪار جي ڏينهن ۾ محبت” هو.

شيخ اياز جي لاڏاڻي تي سندس ٽي چار وصيعتون “برآمد” ٿيون. هڪ وصيعت مطابق هن عبدلله شاهه غازيءَ جي پاسي ۾ پورجڻ چاهيو ٿي، ٻيءَ موجب هن شڪارپور ۾ دفن ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ ٽين زباني وصيعت جي باري ۾“مبينه طور” اهو ٻڌايو ويو هو ته هو ڀٽ شاهه ۾ تدفين لاءِ چئي ويو هو. حقيقت ڇا هئي، ان لاءِ مون تڏهن به اخبار ۾ لکيو هو ته “فقط سنڌي ادب جي اسٽيبلشمينٽ ئي ان کان واقف هوندي.”

شيخ اياز جيڪو سبط حسن لاءِ چئي ويو هو ته:

“سبط حسن دهلي آيو ۽ اتي گذاري ويو

هو سندس لاش پاڪستان کڻائي آيا

ڪنهن کانئس پڇيو به ڪونه

ته کيس ڪٿي دفن ڪيو وڃي؟”

هڪ وڏي خلق شيخ اياز جي مڙهه سان گڏ ڀٽ شاهه پهتل هئي. جڏهن هن جو مڙهه زمين ۾ لاٿو پئي ويو ته صادق فقير بنا سازن جي ڳائڻ شروع ڪيو:

ٿو موڪلايان الوداع!

اي سنڌ توکي الوداع!

اي هند توکي الوداع!

سنڌ ۾ اهو پهريون موقعو هو جو ڪنهن جي تدفين راڳ ڳائيندي ۽ روئندي ٿي هجي! آئون چنيوٽ ۾ هير رانجهي جي مزار تي ويس ته ٻاهر لکيل هو “عاشق صادق هير رانجها”. سنڌ جو عاشق صادق، صادق فقير deserve ڪندو هو ته هن کي به ڪنهن الوداعي گيت سان مٽيءَ حوالي ڪيو وڃي ها.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو