Home / اسپيشل افيئر / سنڌ کي 3 وڏا  وزير، جج ۽ تعليمي ماهر ڏيندڙ ناز هاءِ اسڪول خانگي شعبي حوالي!
above article banner

سنڌ کي 3 وڏا  وزير، جج ۽ تعليمي ماهر ڏيندڙ ناز هاءِ اسڪول خانگي شعبي حوالي!

سرفراز ميمڻ

سنڌ جي تاريخي درسگاهه گورنمينٽ ناز پائلٽ  سيڪنڊري اسڪول خيرپور جنهن سنڌ کي ٽي وڏا وزير، جج، تاريخدان، تعليمدان ۽ دانشور ڏنا- ان جي اڄ لاوارثي جو عالم اهو آهي ته سنڌ حڪومت ان کي پاڻ  سڌارڻ بدران ان اميد تي هڪ اين جي او حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته اها اتي نه رڳو تعليمي سڌارا آڻيندي بلڪه انتظامي بهتري پڻ آڻيندي..

ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول، خيرپور جنهن ۾  هن وقت ڇهين درجي کان ڏهين درجي تائين 2300 شاگرد پڙهن ٿا ۽ انهن کي پڙهائڻ لاءِ 100 استاد مقرر آهن. ان درسگاهه ويجهڙ ۾ ئي بوڪ  گروپ نالي هڪ اين جي او حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪا مقامي نصاب جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. مذڪوره تنظيم سان اهڙو معاهدو سنڌ جي سيڪريٽري تعليم طرفان، سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي. “در اصل تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ ۽ سهولتن جي اڻهوند کي ختم ڪرڻ لاءِ اسڪول خانگي شعبي حوالي ڪيو  ويو آهي، جنهن  لاءِ فنڊز سنڌ حڪومت مهيا ڪندي” خيرپور ضلعي جي ڊي اي او مهر النساءِ ملڪ چوي ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته  “بوڪ گروپ” اڳ ۾ ئي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪيترن منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي.  “آءُ پر اميد آهيان ته اهو گروپ معياري تعليم جي لحاظ کان مثبت تبديليون آڻيندو، ڇو ته تعليمي طور  اسان زوال جو شڪار آهيون” هن  وڌيڪ چيو.

naz

ٻئي طرف ناز سيڪنڊري اسڪول جا انتطام اوچتو خانگي شعبي حوالي ٿيڻ سبب هاڻوڪي انتظاميا خوش نه آهي، سندن چوڻ آهي ته “ساڻن ان سلسلي ۾ ڪا به صلاح مصلحت نه ڪئي وئي. “اسان کي سنڌ حڪومت ۽ مذڪوره اين جي او وچ ۾ ٿيل معاهدي جي شرطن شروطن جي ڪا به خبر نه آهي“ اسڪول جو انچارج هيڊ ماستر سرائي ساجد حسين چوي ٿو. واضح رهي ته مذڪوره انچارج جي جاءِ تي هاڻ جميل احمد بوزدار ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. “حقيقت ۾ هن وقت اسان جون نوڪريون خطري ۾ آهن.“ سرائي ساجد حسين چوي ٿو.

جڏهن ته سکر ڊويزن جي ڪمشنر محمد عباس بلوچ جو چوڻ آهي ته: “اسڪول جي استادن جي نوڪرين کي ڪو به خطرو نه آهي، اهڙا قدم در اصل تعليم جي بهتري لاءِ کنيا ويا آهن“ سرائي ساجد حسين جو اهو پڻ چوڻ هو ته اسڪول جي اهڙي ريت منتقلي خلاف لائق استادن ڌرڻا پڻ هنيا هئا. ليڪن تعليم کاتي جي عملدارن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته ايئن ٿيڻ سان تعليم بهتر ٿيندي ۽ اسان کي وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

ساجد حسين جي  خيال ۾ فنڊن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اسڪول جو انتظامي ڪنٽرول ڪنهن ٻي ڌر  حوالي ڪرڻ درست فيصلو نه آهي. “درسگاهه ۾ موجود ووڪيشنل سهولتون فنڊ نه هجڻ سبب هڪ هڪ ڪري ختم ڪيون ويون، اسڪول جي هاسٽل پڻ سال 2000ع ۾ پاڪ ترڪ اسڪول کي 10 سالن جي معاهدي هيٺ ڏني وئي هئي پر 14 سالن کانپوءِ اها هاسٽل واپس اسڪول حوالي ڪئي وئي آهي.“ هو چوي ٿو.

ٻئي طرف ضلعي تعليمي آفيسر مهر النساءِ ملڪ اهڙ تحفظات رد ڪندي چيو ته هينئر به اسڪول حڪومت جي ملڪيت آهي. ڪمشنر محمد عباس بلوچ جو پڻ اهو چوڻ هو ته اسڪول بوڪ گروپ کي ڪُلي طرح حوالي نه ڪيو ويو آهي. “اهي ڪجهه عرصي لاءِ استادن جي نگراني ڪندا ۽ ان کانپوءِ ڪنهن ٻئي منصوبي تي ڪم ڪندا.” عباس بلوچ چيو.

“اسان تعليم  جي شعبي ۾ نوان نه آهيون، اسان سنڌ اندر ڪراچي ۽ پنجاب ۾ لوڌران ۾ اهڙا منصوبا اڳواٽ مڪمل ڪري چڪا آهيون.” بوڪ گروپ جي چيئرمين سميع مصطفيٰ چيو. “اسان جو سنڌ حڪومت سان 15 سالن جو معاهدو آهي، ان دوران اسان مختلف اسڪولن کي سهولتون مهيا ڪنداسين“ هن وضاحت ڪندي چيو. هن اهو پڻ چيو ته اسان کي استاد هٽائڻ جو ڪو به اختيار ناهي، اسان رڳو کين جديد طرز جي تعليمي تربيت مهيا ڪنداسين.

سميع مصطفيٰ دعويٰ ڪئي ته انهن ناز اسڪول لاءِ نوان سنڌي نصابي ڪتاب تيار ڪري ورتا آهن، جيڪي روايتي سنڌي ڪتابن کان بهتر هوندا، ڇو ته اهي رنگين ۽ پڙهڻ ۾ سولا هوندا. مذڪوره اين جي او اسڪولي عمارت جي  حالت پڻ سڌاريندي. اتي راندين جون سهولتون، ڪمپيوٽر، ليبارٽرين، لائبريرين، سٺي فرنيچر ۽ صاف سٿرن ٽوائلٽز جون سهولتون پڻ مهيا ڪندي.

ياد رهي ته  ناز سيڪنڊري اسڪول هڪ تاريخي درسگاهه آهي، جنهن ۾ ناليوارن ماڻهن تعليم حاصل ڪئي، جن ۾ الهڏنو سيال، خيرپور رياست ۾ وزير تعليم ۽ واپڊ جو اڳوڻو چيئرمين، هشمت سنگهه (آل انڊيا اسڪائوٽ ڪمشنر) غلام صغر ونڊير (اولهه پاڪستان جو اڳوڻو انسپيڪٽر اسڪولز) الاهي بخش خميساڻي (هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج) عبدالرحيم کرل (هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج) پير الاهي بخش (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير) سيد غوث علي شاهه (سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير) سيد قائم علي شاهه (سنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير ) غلام رسول صديقي (اڳوڻو سينيٽر) علي ڏنو پنهور (اڳوڻو تعليم جو سيڪريٽري) منظور حسين وساڻ (هاڻوڪو صوبائي وزير) علي اسلم جعفري (سنڌ هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج) غلام حسين جعفري (ايجوڪيشن ڊائريڪٽر سنڌ) بدر الدين زاهدي (وفاقي سيڪريٽري) مظهر الحق صديقي (سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر) شامل آهن.

گورنمينٽ ناز پائلٽ  سيڪنڊري اسڪول خيرپور 1906ع ۾ خيرپور رياست جي  والي مير علي نواز “ناز” ٽالپر ٺهرايو هو.  ان زماني ۾ اسڪول ۾ نه رڳو تعليم مفت ۾ ڏني ويندي هئي، بلڪه ڏورانهن علائقن کان ايندڙ شاگردن کي مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ به ڏني ويندي

مير علي نواز ناز جي پوٽي مير امام بخش ٽالپر، ٽالپر حاڪمن جي تعليم دوست پاليسين بابت ڳالهائيندي چيو ته “ منهنجو ڏاڏو اديب ۽ شاعر هو، ان ڪري ئي هن پنهنجو تخلص “ناز” رکيو. مير علي نواز “ناز“ پنهنجي لاڏاڻي  يعني 1935ع تائين رياست خيرپور تي حڪمراني ڪئي.

“تعليم سان چاهه رکندڙ ٽالپرن خيرپور ۾ ڪيترائي، اسڪول تعمير ڪرايا، ڪوٽڏيجي، گمبٽ، فيض گنج، پير جو ڳوٺ پريالو ۽ ٻين  هنڌن تي پڻ اسڪول تعمير ڪرايا” هن چيو.

“ٽالپر حڪمران هر ٻار جي اسڪول وڃڻ واري پاليسي تي سختي سان عمل پيرا رهيا، جيڪڏهن والدين ٻار کي اسڪول  نه موڪليندا هئا ته ان  تي چار آنا  ڏنڊ وڌو ويندو هو“ مير امام بخش ساروڻيون ساريندي چوي ٿو. ياد رهي ته ٽالپر حڪمراني 1955ع ۾ پڄاڻي تي پهتي، ان کانپوءِ سمورا تعليمي ادارا حڪومت جي تحويل ۾ هليا ويا.

ناز هاءِ اسڪول 68 ايڪڙن تي ڦهليل آهي، جنهن مان 14 ايڪڙ ايراضي کي زرعي زمين طور ڪتب آندو  وڃي ٿو. جڏهن ته هي سنڌ جي پهرين درسگاهه آهي جنهن ۾ زراعت، ووڊ ورڪ، اليڪٽرڪ سٽي، پولٽري ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ 1960ع يعني ايوب  خان جي دور کان تعليم ڏني پئي وڃي. اسڪول جي اڳوڻي هيڊ ماستر ٻڌايو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته در اصل 14 ايڪڙ زمين شاگردن جي زرعي تربيت لاءِ وقف آهي، جنهن کي سنوت ۾ رکڻ لاءِ ٻه ڏاند به موجود آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو