Home / اسپيشل افيئر / سنڌ ۾ انتهاپسندي: مڙيا مڇ هزار!
above article banner

سنڌ ۾ انتهاپسندي: مڙيا مڇ هزار!

ثناءُ الله عتيق چنجڻي

 

صدين کان وٺي سنڌ پنهنجي صوفي مزاج ۽ متوازن مذهبي ڪردار سبب ڪٽرپڻي خلاف متحد بڻجي انساني قدرن جو نمايان حق ادا ڪندي رهي آهي. ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ پنهنجي پرامن صلاحيتن جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي. سنڌ پنهنجي تاريخي شعور سان انساني ڀائپي جو احترام ڪندي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هتي مذهبي ڀائيچارو سنڌ جي سماجي سونهن ۽ سياسي سگهه رهيو آهي. پر بدقسمتي سان ڳچ عرصي کان سنڌ اندر مذهبي تشدد جا وڌندڙ واقعا دهشتگرديءَ جي وڌندڙ لهر جي ثابتي مهيا ڪري رهيا آهن. عرصي کان ڌارين مذهبي قوتن پنهجن مخصوص مفادن تحت سنڌ جي اندر ممڪن رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا حربا هلائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. جنهن جو گهڻو تڻو مقصد سنڌ جي پرامن ڌرتيءَ کي فسادن جي لپيٽ ۾ آڻي کيس ڪٽرپڻي جو ٻرندڙ آويءَ ۾ تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.

19

افسوس آهي جو دهشتگرديءَ جون ڪيتريون ئي ڪاروايون تاريخ اندر سنڌ جي پئرس سڏجندڙ علائقي شڪارپور ۾ رونما ٿينديون رهيون آهن. شڪارپور جيڪو سنڌ جي فلاحي ڪمن ۽ انساني وقار خاطر صديون اڳ بهتر سماج جو بانيڪار شهر ليکيو ويندو هيو. اهو شڪارپور جنهن جي اک جي تاري سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز آفاقي انساني قدرن جي ڃاڻ ڏيندي سنڌي ادب کي هنن سِٽن سان جرڪائي ڇڏيو هيو ته:

جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو، ڄڻ مونتي ظلم ٿيو آهي،

جو ڪنڌيءَ ڪانهن وڍيو آهي، منهنجي ٻانهن وڍي آهي.

تنهنڪري، شڪارپور اندر ٿيل خودڪش حملو سنڌي قوم اڳيان اڄ هڪڙو وڏو سوال بڻجي سامهون آيو آهي. اهو سوال ڀونچال پيدا ڪندي اسان کان اهڙين ڇرڪائيندڙ حقيقتن جو پڇاڻو ڪري ٿوته ڇا سنڌ پنهنجي جڳ مشهور امن کي ائين لاوارث ڇڏي سگهندي؟! لڳاتار سنڌ جي پرامن ڌرتيءَ کي دهشتگرديءَ واري نانگ هٿان ڏنگڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي رهي آهي. اهو هڪڙو وڏو دل آزاريندڙ سانحو آهي. جنهن جي دانهن ۽ آهن منجهان زخمي ٿيل سنڌ جو وجود پيو نظر اچي. سنڌ جو عوام پنهنجن عقيدن ۽ نظرين کي انسانيت واري اک سان ڏسڻ جو قائل رهيو آهي. سنڌ پنهنجي سيني تي اهڙي ڌاري يلغار ۽ انسانيت کان ڪوهين ڏور اوپري باه کي پنهنجي پرامن ڌرتيءَ تي ڪيئن جاءِ ڏئي سگهندي؟! اها باه جيڪا بغير ڪنهن سبب جي مائرن جا هانءُ هاري ڇڏي! اهڙي سازش جيڪا سنڌ جي مسڪين ۽ غريب عوام کان جيئڻ جو حق ڇني ڇڏي! اهڙي دردناڪ عمل کي گهٽ ۾ گهٽ شاه، سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتيءَ تي ته جاءِ نه ملڻ کپي. سنڌ جيڪا اڳ ئي جبر جهڙين حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ وسيلن جي مالڪي وارين ڏکين محاذن تي جدوجهد ڪندي پنهنجي نئين نسل کي انسانيت جو معمار بڻائڻ چاهي ٿي اها سنڌ ڪيئن برداشت ڪندي ته سندس وجود کي دهشتگرديءَ جي خودڪش ڌماڪن سان پُرزا پُرزا ڪيو وڃي.

هن واقعي کانپوءِ انتظامي طور تي پڌرو ٿي چڪو آهي ته سنڌ اندر سيڪيورٽي انتظامن جي حالت تمام خراب آهي. سنڌ اندر امن امان جي حوالي سان بنيادي طور تي سنڌ پوليس ذميوار هوندي آهي. عام حالتن ۾ ته سنڌ پوليس هزارين شڪايتن ۽ تهمتن باوجود پنهنجو وجود برقرار پئي رکيو آهي. پر شڪارپور لکي در واري هن سانحي سنڌي قوم سان گڏ سنڌ پوليس کي پڻ سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دراصل دهشتگرديءَ جي وڌندڙ رجحان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس کي وڏي پيماني تي جهجهن وسيلن ۽ ڪارآمد تربيت جي ضرورت پوندي. صحت جي ميدان تي سنڌ بگڙيل حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي. هنگامي حالتن اندر سنڌ جا ضلعي هيڊڪوارٽر صحت وارين سهولتن واري معيارتي پورو نه ٿا لهن. خاص طور تي شڪارپور سانحي ۾ هيءَ جيڪو دهشتگرديءَ جو وڏو ڀيانڪ واقعو ٿي چڪو آهي. ان واقعي منجهان صاف نظر اچي رهيو آهي ته سنڌ اندر صحت وارين هنگامي سهولتن جي ڪيڏي نه شديد کوٽ نظر پئي اچي. هڪ پاسي زخمين کي اسپتالن تائين رسائڻ وارين ڏکين حالتن کان وٺي انساني جانين بچائڻ لاءِ رت ۽ ضروري دوائن جي کوٽ پڻ اسان جو جيءُ جنجهوڙڻ لاءِ وڏا سوال پيدا ڪري ٿي.

توڙي جو سنڌ جي صوفياڻي مزاج سبب دهشتگردن کي سنڌ اندر ڪا به پناه نه ملي سگهندي. پر پوءَ به هيءَ هانءَ ڏاريندڙ واقعو ظاهر ڪري ٿو ته اوپري ئي سهي پر سنڌ اندر ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسندي جي لهر موجود آهي. جيڪا اٻهرائيءَ جو شڪار بڻجي شڪست پذير شدت پسنديءَ جو دائرو سنڌ تائين ڌڪڻ چاهي ٿي

sanaullahchinjni@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو