Home / سياسي افيئر / سنڌ ۾ متبادل قيادت جي ڳولها 
above article banner

سنڌ ۾ متبادل قيادت جي ڳولها 

فياض نائچ

سنڌ جي سياست ۾ رومانويت جو عنصر ڪافي غالب رهيو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سياست ۾ هيروز جي کوٽ سبب اسان جي نوجوان اڳواڻن پنهنجو پاڻ کي ٻاهرين دنيا جي سياسي اڳواڻن جا خطاب ڏياريا، ڪو “سنڌ جو چي گويرا” بڻجي ويو ته ڪو سنڌ جو ابو جهاد بڻيو. ايئن ئي اسان کي ياد آهي ته کاٻي ڌر جي سياست جو اثر جن علائقن ۾ وڌيڪ هوندو هيو ته انهن علائقن کي “مني ماسڪو” سڏيو ويندو هيو. هڪڙي ڌر ٻلهڙيجي کي مني ماسڪو سڏيندي هئي ته ٻي ڌر وري قمبر کي مني ماسڪو چوندي هئي. ايئن ئي بٺوري کي سنڌ جو هونان سڏيو ويندو هيو. ايم آر ڊي دوران دادو کي ويٽنام سڏيو ويو. عرب دنيا ۾ تازو جيڪا اٿل پٿل ٿي ته اسان وٽ به ڪافي ماڻهن کي تحرير اسڪوائر جهڙي تحريڪ برپا ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ايئن ئي تازو هندستان ۾ عام آدمي پارٽي جي ڪاميابي سنڌ جي حوالي سان سوچيندڙ ماڻهن کي هڪ دفعو ٻيهر ان سوال بابت سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته آخر سنڌ ۾ عام آدمي پارٽي وانگر ڪو “چمتڪار” ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟

اهو سوال واقعي ئي انتهائي اهم آهي ته آخر سنڌ جهڙو خطو جيڪو هر دور ۾ پنهنجي سڃاڻپ ۽ هڪ الڳ حيثيت قائم رکندو پئي آيو آهي اهو اڄ ڇو اهڙي لاچاري، بي وسي، محرومي، حق تلفي ۽ ناڪامين جي هڪ اڻ کٽ سلسلي جو شڪار ٿي ويو آهي؟ ان جا ڪيترائي سڌا سڌا جواب ته اسان اڪثر ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا رهندا آهيون. جيڪي به ڪو صفا غلط ڪون آهن. مثال طور “ايجنسين جي سازش آهي”، “قيادت سچي ڪونهي”، “پ پ جو قصور آهي” وغيرهه وغيره. ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم بابت هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو اتي به اڪثر مقررن پ پ کي پئي ننديو ته 45 سالن کان سنڌي ماڻهو ان پارٽي کي ووٽ ڏيندو پيو اچي پر ان موٽ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اتي به مون اهو سوال سمورن دوستن جي اڳيان رکيو هيو ته پ پ ته جيڪو ڪيو سو ڪيو پر اسان سمورا ماڻهو، قومپرست، کاٻي ڌر وارا، اديب، صحافي، دانشور، ساڃاه وند جيڪي سدائين پ پ جا مخالف رهيا آهيون اسان آخر ڇو سنڌ جي ماڻهن وٽ مقبوليت ماڻي نه سگھيا آهيون؟ نه صرف اهو پر اسان جي سٿ مان جن ماڻهن کي موقعو ٿو ملي اهي وڃي پ پ ۾ شامل ٿا ٿين. ڄام ساقي، گل محمد جکراڻي، فقير داد کوسي،سليمان ڏاهري، حيدر شاهاڻي ، باري پتافي کان وٺي تازو بشير خاصخيلي جي شموليت جا مثال ته ان ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا.

feb 28 18

منهنجي حساب سان جديد سنڌ جي قومپرست تحريڪ جي شروعات سنڌ جي بمبئي کان آزادي واري تحريڪ کان ٿي آهي. اها تحريڪ ڇو ڪامياب ٿي اسان ڪڏهن به ان جو تفصيلي جائزو نه ورتو آهي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪا ڪامياب تحريڪ هلي آهي ته اها ايم آر ڊي جي تحريڪ آهي. انهن ٻنهي تحريڪن جي ڪاميابي جو هڪ سبب ته اهو آهي ته اهي تحريڪون هلايون ته سنڌي ماڻهن پر انهن کي حمايت سنڌ کان ٻاهر به حاصل هئي. بمبئي کان سنڌ جي آزادي واري تحريڪ کي پوري بر صغير جي مسلمانن جي نمائنده جماعت يعني آل انڊيا مسلم ليگ جي حمايت حاصل هئي. جناح صاحب جي مشهور 14 نقطن ۾ هڪ نقطو سنڌ جي بمبئي کان آزادي جو به هيو. ايئن ئي ايم آر ڊي واري تحريڪ جو محور ۽ مرڪز ته سنڌ رهيو پر ان تحريڪ کي به پاڪستان جي سمورن جمهوريت پسند ماڻهن جي حمايت حاصل هئي.ان تحريڪ جا به ڪيترائي رخ هئا. سنڌ جي عام ماڻهو ان تحريڪ ۾ سنڌي قومپرستي جي بنياد تي حصو ورتو هيو. انهن ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت جي خاتمي ۽ ان جي شهادت کي پنهنجي قوم مٿان وار سمجھيو. سنڌ ۾ جنهن دور ۾ هونان، ويٽنام ۽ مني ماسڪو پئي بنيا ان وقت سنڌ جي اندر جيڪو تحرڪ هيو اهو پاڻ کي تنظيمي طرح يا نظرياتي ۽ فڪري طرح پاڻ کي ٻاهرين دنيا سان ڳڍيندو رهندو هيو. 60، 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جا نوجوان فلسطين کان وٺي دنيا جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي مظاهرا ڪندي نظر ايندا هئا. ايئن ئي سائين جي ايم سيد جا باچا خان ۽ ٻين اڳواڻن سان جيڪي واسطا ۽ رابطا هئا، يا اڳتي هلي رسول بخش پليجي صاحب اي اين پي ۾ شموليت اختيار ڪئي ان طرح جي آخري ڪوشش پونم هيو. سنڌين جي قومي تحريڪ جا بلوچ ۽ پشتون قومپرستن سان جيڪي رابطا هئا، اهي سمورا ذاتي، سياسي، تنظيمي، فڪري توڙي نظرياتي رابطا ڪٽجي ويا آهن. حالانڪه ٽيڪنالاجي جي سهولت جي ڪري اڄ دنيا سان رابطا وڌائڻ اڳي جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي.

انهن ٻنهي تحريڪن جي ٻي جيڪا هڪجهڙائي هئي اها اها هئي ته ٻنهي تحريڪن ۾ ان طبقي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو جنهن کي انگريزي ۾ Electable چئبو آهي. هاڻ ڪافي عرصو گذرڻ کانپوءِ مان سمجھان ٿو ته سائين جي ايم سيد سنڌ قومي اتحاد ڀيري عبدالحميد جتوئي، الاهي بخش سومري ۽ ان طرح جي ٻين ماڻهن کي جيڪو ان اتحاد جو حصو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تان ڪجهه ڌرين اعتراض واريا هئا اها حڪمت عملي بلڪل صحيح هئي. بدقسمتي سان سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڌرين هڪ ته پاڻ کي چونڊن کان پري رکيو ٻيو ته چونڊن ۾ کٽڻ جي صلاحيت رکندڙ ماڻهن کي هميشه سنڌ جو دشمن ڪري پيش ڪيو، اڄ به اسان وٽ “وڏيرڪو ڪلاس” يا “ڀوتار” جا ٽائيٽل ڏيئي اسان انهن سمورن ماڻهن کي “قومي تحريڪ” کان پري رکندا پيا اچون. ان طبقي جي ڪنهن به ماڻهو ۾ اسان کي ڪا چڱائي نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته عوام جي طاقت ڪنهن به سبب جي ڪري ان طبقي سان ئي گڏ آهي.ٻي طرف اسان پاڻ هڪ ٻئي تي “ايجنسين جو ايجنٽ”، “ڀتي خور” ، “ڏوهاري” جهڙا الزام هڻڻ باوجود به هر مسئلي تي اتحاد ڪرڻ وقت هڪ ٻئي سان گڏجي ويهندا رهيا آهيون باقي هنن کي اسان ان لائق ڪڏهن نه سمجھيو آهي.

اسان جي سٿ مان جن ماڻهن پاڻ کي چونڊرائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن وري چونڊن واري سياست کي صفا ڪا ٻاراڻي راند سمجھيو. مطلب هو جن علائقن ۾ چونڊن ۾ بيٺا انهن علائقن ۾ سالن جا سال ويا به ڪون، سندن خيال هو ته سنڌ لاءِ ڪيل سندن خدمت جي عيوض عوام کين پاڻهي ئي چونڊي ڇڏيندو. 88 ۾ اهڙو ئي تجربو رسول بخش پليجي صاحب ڪيو ۽ اهڙا تجربا گذريل چونڊن ۾ ضمير گھمرو، محمد علي شاه، ڊاڪٽر رجب ميمڻ توڙي اياز لطيف پليجي جي صورت ۾ ڪيا ويا. حالانڪه ورهاڱي کان اڳ ته سنڌ سر شاهنواز ڀٽو جي ڀيٽ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيئي اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته هو خواهمخواهه وڏيرن جي غلام نه آهي. اهڙا ئي ڪجهه “اپ سيٽ” اسان 88 جي چونڊن ۾ به ڏٺا جڏهن پير پاڳاري، رئيس غلام مصطفي جتوئي توڙي غلام محمد خان مهر پنهنجن پنهنجن علائقن مان نسبتن گھٽ مشهور ماڻهن کان هارائي ويا هئا. اها جيڪا لهر پيدا ٿي اها به پ پ ئي پيدا ڪئي اسان جي قومپرست پارٽين ڪڏهن به اهڙي زورائتي لهر پيدا نه ڪئي آهي جو ماڻهو “ڀوتارن” ۽ ”وڏيرن“ کي رد ڪري کين ۽ سندن نامزد اميدوارن کي چونڊي.

اسان جي ناڪامي جو سڀ کان اهم سبب لڳاتار تنظيمي ڀڃ ڊاهه آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته اسان وٽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عادت ئي ڪونهي، اسان جي وچولي طبقي جو آئيڊيل به وڏيرو ئي رهيو آهي. انڪري اسان وٽ اڳواڻي جي درجي تائين پهچندڙ اڪثر ماڻهو پنهنجي روئي کان وٺي هر طرز عمل ۾ وڏيرن کان به بد تر وڏيرا ثابت ٿيا آهن. ساڻن اختلاف جي جرئت ڪندڙ ساٿين کي “غداري” جهڙن الزامن کي منهن ڏيئڻو پيو. قيادت جي ان روش جي پٺيان ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ سندن غير قانوني مالي مفاد هئا، جن مخلص ڪارڪنن کي پارٽين مان تڙجڻ تي مجبور ڪيو. نتيجي طوراڄ اسان جي قيادت تي ويٺل اهم ماڻهن جي مالي حيثيت جو جيڪڏهن تقابلي جائزو وٺجي ۽ ڏسجي ته جڏهن هنن سياست شروع ڪئي هئي ۽ هو ايڏا مشهور اڳواڻ ڪون بڻيا هئا ان وقت سندن ذاتي ۽ خانداني مالي حيثت ڪهڙي هئي ۽ هاڻ هو ڪٿي وڃي پهتا آهن. قيادت جي ان وڏيرڪي روش جي ڪري ساڻن اختلاف رکندڙ ماڻهن مان هڪڙن جدا پارٽيون ٺاهيون. انهن پارٽين مان هڪڙيون پارٽيون ته ختم ٿي ويون جيئن ارباب کهاوڙ جي وطن دوست انقلابي پارٽي، ادريس چانڊيو جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ دوست انقلابي پارٽي وغيرهه، ٻين پارٽين جي اڳواڻن وري پنهنجي حساب سان پارٽي جي نالي ۾ پنهنجو ڌندو چالو ڪري ڇڏيو. ڪجهه پارٽيون وري پنهنجي ايمان جي روشني ۾ پنهنجي سفر کي جاري رکيون پيون اچن پر عوام ۾ کين ڪا موٽ نه ملي آهي رهندو انهن مان به ڌڙا ٿيندا پيا وڃن جيئن عبدالخالق جوڻيجو صاحب جي پارٽي آهي ۽ ان مان به علي نواز ٻٽ صاحب وارا جدا ٿي ويا آهن. اهو سلسلو جيڪو 80 جي ڏهاڪي کان شروع ٿيو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي. تازو هن ڏهاڪي ۾ به عوامي جمهوري پارٽي ۽ سنڌ نيشنل موومينٽ جو قيام ان ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن. ان ڀڃ ڊاهه واري عمل جو سڀ کان اهم نقصان اهو ٿيو جو مخلص ڪارڪنن جو وڏو تعداد مايوسي ٿي سياست کان ڪٽجي ويو آهي. جي پاڻ 60 جي ڏهاڪي کان ئي حساب ڪتاب شروع ڪيون ته سنڌ جي نالي تي ٿيندڙ سياسيت اندر مختلف پارٽين جي پليٽ فارم تان لکين ماڻهو مختلف وقتن تي سرگرم رهيا آهن پر انهن مان وڏي اڪثريت اڄ سرگرم نه آهي. مان اڪثر ٻڌندو آهيان ته اسان جا دوست چوندا آهن ته سنڌ کي عوامي ليگ جهڙي پارٽي جي ضرورت آهي. انهن کي ڪو اهو سمجھائي ته عوامي ليگ جي قيادت يعني شيخ مجيب الرحمان وٽ ته وقت جا سول توڙي ملٽري بيوروڪريسي ۾ شامل سڀ بنگالي آفيسر حاضري ڀريندا هئا. اسان جي قيادت ۾ ته شايداهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جنهن تي اعتبار ڪندي ٻيو ته ٺهيو پر ساڻس گڏ رهندڙ اهي قومي ڪارڪن جيڪي هاڻ ڪنهن سرڪاري نوڪري ۾ هجن اهي ساڻن ڪو تعاون ڪن. اسان جي قيادت جي وڏيرڪي روئي جي ڪري ته پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس جا ماڻهو ڪنهن به سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تي سرگرم نظر ڪون ٿا اچن.

اسان وٽ عام آدمي پارٽي جي ڳالهه ڪندڙ دوستن کي هڪ ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته ان طرح جي سياست مڊل ڪلاس ئي ڪري سگھي ٿو، جيڪو نه صرف اقتصادي طرح تي مڊل ڪلاس هجي پر ان ۾ سهپ، رواداري، گڏيل اڳواڻي، هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجھڻ، ٻي جي جائز ڳالهه کي قبول ڪرڻ جهڙيون وچين ڪلاس جون خاصيتون به موجود هجن. باقي انقلابن ۽ تبديلين جا گشا هڻي اڪيلي سر اڳواڻ بڻجڻ واري وڏيرڪي ذهنيت سان نه ته عام آدمي پارٽي ۽ نه ئي عوامي ليگ ٺهي سگھي ٿي. سنڌ کي جنهن متبادل قيادت جي ضرورت آهي سر دست ان حوالي سان ڪجهه به ميدان تي نظر ڪون ٿو اچي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو