Home / ايڊيٽوريل / سنڌ ۾ مذهبي سياست به ايجنڊا جو حصو آهي
above article banner

سنڌ ۾ مذهبي سياست به ايجنڊا جو حصو آهي

شڪارپور پوليس جس لهي جنهن 30 جنوري 2015 تي لکي در، شڪارپور جي مسجد امام بارگاه ڪربليٰ مولا مٿان ٿيل حملي پٺيان لڪل هٿ ڳولي لڌا. ان خودڪش حملي ۾ سٺ کان مٿي انسان مري ويا ۽ ڪيترائي اڃا اسپتالن ۾ آهن. گرفتار ٿيلن جو واسطو مولانا فضل الرحمان جي جماعت سان ٻڌايو پيو وڃي.

پر اهي ته ٿيا مذهبي جنونيت جي ور چڙهيل ننڍڙا ڪارندا جن کي ٻڌايو ويو ته کين بهشت ماڻڻ لاءِ اها وحشت ڏيکارڻي پوندي. شڪارپور پوليس جيڪڏهن سندن سرپرستن تائين رسائي ڪري، سندن نالا کڻي ۽ انهن ۾ هٿ وجهي ته ڳالهه مڃجي. ڇو ته رڳو علامت Symptom جي علاج سان مرض جو خاتمو ممڪن ناهي. سنڌ۾ مذهبي جنونيت کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ان لاڙي جون پاڙون سگهارين ڌرين جي پاليسين ۾ کتل آهن. ملا عمر کي ڪوئيٽا ۾ مهمان ڪري رهائيندڙ ڪيئن ٿا توقع ڪري سگهن ته ملا عمر جا نظرياتي ساٿي پنهنجي ڪاررواين کان هٿ روڪي ڇڏيندا؟ هي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن. ازبڪ، چيچين، عرب يا پنجاپي پٺاڻ، سڀ طالبان هڪ ئي نظرياتي مڪتب جا کٿابي آهن. سندن راشن جو ڊيپو ساڳيو آهي.

سنڌي قوم سادي سودي قسم جي مذهبي مخلوق آهي. الله رسول سان پيار ڪندڙ، پٽ پاراتي ۽ قبر جي عذاب کاب ڊڄندڙ، پيرن، فقيرن ۽ اوليائن کان اولاد، مدد ۽ چڱائي پنندڙ، مسجد کي مسيت ڪوٺيندڙ ۽ مذهبي ڪتابن کي پوتين ۾ ويڙهي، اکين تي چمي رکندڙ. کجي جي لڏندڙ لامن ۽ کبڙن ۾ جن پري باسندڙ. محرم کي امامن جو مهينو ۽ ربيع الاول کي عرس جو مهينو ڪوٺيندڙ. امامن جي مهيني ۾ نياز ڪندڙ ۽ محرم جي ڏهي تائين گهر ۾ گانا وڄائڻ کان منع ڪندڙ. يزيد، شمر ۽ معاوئي جو نالو ڀلجي به ٻار تي نه رکندڙ بلڪه ڪنهن به ظالم کي يزيد ڪوٺيندڙ. ڪنهن به هندو يا سک سان ساڳي ٿانوَ ۾ کائڻ ۾ ڪوبه عار نه سمجهندڙ. سچل، ڀٽائي ۽ قلندر تي باسون باسيندڙ . کين صوفي چئو يا سست چئو، بهرحال سندن مذهب ڏاڍو سولو ۽ سادو آهي. نماز پڙهن نه پڙهن، روزا رکن نه رکن ان بابت هو ڪنهن ٻئي ماڻهو بجاءِ ڌڻي ڏي جوابده. گهر ۾ ويلن تي ويٺل پر پوءِ به حال احوال پڇبو ته وراڻي ملندي ته ، “خدا جو شڪر آ.”

feb 28-2015

هاڻ اهڙي مخلوق جنهن اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ تائين نه بريلوي جو اکر ٻڌو هو نه وهابي جو سا مذهب جي نالي تي جڙيل نوان نوان گروه ۽ پارٽيون ڏسي رهي آهي. سنڌ جي روايتي مدرسن، جتي جا کٿابي فقر تي پلبا هئا، جي جاءِ قلعن جهڙي شڪل ۽ هيبت رکندڙ مدرسن ورتي آهي جن ۾ هڪ ئي وقت سوين هزارين مقامي غير مقامي کٿابي پڙهن ٿا. انهن مدرسن جو خرچ پکو وري ٻاهران اچي ٿو. سعودي، قطر ۽ دبئي جي اميرن کي تلور پکي سان گڏ ان ڳالهه جي به ڳڻتي آهي ته سنڌي ماڻهو جو ايمان ڪچو آهي. سندن ريال ۽ دينار سنڌين جي ايمان جو قلعو مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم اچي پيو. مٿان رياست جي سگهارن حلقن کي سنڌ جي قومپرست سياست سان گڏ قومپرست فڪري ڌارا مان خطرو محسوس ٿيندو رهيو آهي. قومپرست سياست جو ته علاج ٻه چار اڳواڻن سان ياري رکڻ رستي ڳولي لڌائون، سيڪيولر ۽ لبرل سوچ کي ڪيئن ماٺو ڪن؟ سنڌي ماڻهو نه ڪشمير مسئلي تي ڳڻتي ۾ ڳري نه قاديانين ۽ يهودين جي عقيدن تي ڪڙهي ۽ ڪُڇي ان ڪري اهو ضروري ڄاتو ويو ته سنڌ ۾ مذهبي سوچ کي هٿي وٺرائجي. مولانا فضل الرحمان جي پارٽي، الياس قادري جي پارٽي توڙي گڏيل قومن جي اداري پاران پابندي وڌل جميعت الدعوه ، سڀني کي سنڌ ۾ ڇپر ڇانوَ ۾ هلايو پيو وڃي.

اسي جي ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ مذهبي سياست يا مدرسن جو ڪو خاص اثر ڪونه هيو. سنڌ شاعرن جي ڪافرانه شاعري سرمد ۽ سڄڻ سنڌي پارن فنڪارن جي آواز ۾ هوٽلن ۽ موٽرن ۾ ڌم پئي هلندي هئي. پر پوءِ ڏنڊا بردار مومن هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ نمودار ٿيڻ لڳا جن کي ٿئيٽرن ۽ ڊرامن تي اعتراض هيو، شاعري ڪرڻ تي فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون. محرم جي ڏينهن ۾ شيعا ماتمي جلوسن جي گذرڻ وارن لنگهن کي تڪراري بڻايو ويو. شيعن تي چٿرون ٿيڻ لڳيون. ائين سنڌي قوم کي پهرين شيعا سني ۽ پوءِ وهابي بريلوي ۾ ورهايو ويو. ان سڄي راند ۾ غيبي قوتون مذهبي سياست جون ڀرجهليون رهيون. حيرت ته ان تي آهي ته هاڻ جڏهن ملڪ جي اترين علائقن ۾ طالبان توڙي ٻين دهشتگرد گروهن تي آپريشن جاري آهي تڏهن به سنڌ ۾ سندن سوچ فڪر کي ويجها مدرسا ۽ گروه بنا روڪ ٽوڪ هلن ڦرن پيا.

شڪارپور ۾ خودڪش حملو هجي يا ان کان اڳ حاجن شاه ماڙي واري تي بم حملو يا حسين شاه قمبر واري مٿان جيڪب آباد ۾ حملو، انهن سڀ حملن جون ڪڙيون وهابي فڪر جي شدت پسندن سان ملن ٿيون. سنڌ، جيڪا اهڙن واقعن کان اڳ پنهنجي صوفياڻي: مُونن منجهه گذار …۾ رهندي آئي سا هڪ ڇرڪ سان خواب مان جاڳي پئي ته سندس پاند مذهبي جنونيت ۾ ڀڄڻ کان بچيل ناهن.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ تي وڌندڙ طالبانيت آڏو بند ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي سيڪيولر قومپرست سياست کي اڳ کان اڳري ٿي اڳتي اچڻ کپي ۽ سنڌي سماج ۾ طاقت جو توازن پنهنجي پاسي ڪرڻ کپي. کڻي جو سندن صحت ان جي اجازت نه ٿي ڏئي پر علامتي طرح ئي سهي، جوئي صاحب ۽ پليجي صاحب کي سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي جيان اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سگهارا ادار جنهن قومپرست سياست ۽ فڪر جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ جنونيت لهر جي پرورش ڪري رهيا آهن تنهن جو ٽوڙ به ان ئي سياست ۽ فڪر وٽ آهي. ڀٽائي، سچل، سيد، اياز جي سوچ، سرمد ۽ عابده جو آلاپ. سنڌي اڄ به عقيدي جي نانوَ تي رت وهائڻ جا حامي ناهن. هي سنڌ مٿان ٻاهران مڙهيل جنگ آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو