Home / ڪئپيٽل افيئر / سينيٽ اليڪشن: مٺڙا گهوڙا اوري آءُ…!
above article banner

سينيٽ اليڪشن: مٺڙا گهوڙا اوري آءُ…!

پارليامينٽ جي مٿين ايوان سينيٽ مان 52 سينيٽر 11 مارچ تي رٽائرڊ ٿي رهيا آهن. انهن رٽائرڊ ٿيندڙ 52 سينيٽرن جي جاءِ تي نون سينيٽرن جي چونڊ 5 مارچ تي ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ گادي واري شهر ۾ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به اسلام آباد پهچي ويو آهي، هن جي يو آءِ جي سربراھ مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جي يو آءِ هن وقت ن ليگ جي اتحادي جماعت آهي، وفاقي ڪابينا ۾ به هن جماعت جي نمائندگي آهي، جڏهن ته مولانا پنهنجي مرضي سان ڪجهجه اهم عهدن تي پنهنجي مرضي جا ڪامورا به مقرر ڪرايا آهن، جڏهن ته 21 هين آئيني ترميم واري مسئلي تي مولانا حڪومت کان ناراض آهي، مولانا انتهائي مستقبل جي منظر نامي ۾ پنهنجي فائدي تي نظر رکڻ جي حوالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، گذريل ڪيتري وقت کان هو حڪومت جو حصو ئي رهڻ کي ترجيح ڏيندو آيو آهي. پر هن دفعي هن ٻه طرفو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ طرف زرداري صاحب سان معاملا هلندڙ آهن، ته ٻئي طرف هو حڪومت سان ناراضگي جو اظهار ڪري پنهنجي ” قد“ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم ميان نواز شريف فيبروي جي ٻئي هفتي جي شروع ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جا دورا ڪيا، ڪراچي جو هن دفعي جيڪو وزيراعظم جو دورو هو، اهو ڪيترن ئي حوالن سان انتهائي اهم هو، وزيراعظم جي ان دوري بعد هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته دفاعي اداري اڻ سڌي طرح معاملا پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتا آهن. سنڌ ۾ بدترين بدعنواني ۽ بداتنظامي جي ڪري سنڌ جو عام ماڻهو اڳي ئي بيزاريت جو شڪار آهي، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن سنڌ اندر پ پ پ جي حڪومت پاڻ کي شهيد ڪرائي ٿي ته کيس ئي سياسي فائدو ٿيندو، اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پاران سندس پراڻي دوست آصف علي زرداري مٿان سنگين قسم جي الزامن پيپلزپارٽي کي پريشان ڪري وڌو آهي، ته ٻئي طرف بلاول ڀٽو جي پ پ پ جي اعلي قيادت سان ناراضگي جي خبرن جو پراڏو وڌيڪ تيزي سان گونجي رهيو آهي، وزيراعظم جي ڪراچي واري دوري جو جيڪڏهن سرسري جائزو وٺجي ته ڪجهه حقيقتون جنهن انداز سان سامهون آيون آهن، اهي ڪافي غور طلب آهن، ان جا چند مثال هتي بيان ڪجن ٿا.

نمبر هڪ: وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڌار ڌار ڪراچي پهتا، وزيراعظم ڪراچي پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، هن ملاقات اندر ڇا ڳالهه ٻولهه ٿي ان جا تفصيل سرڪاري سطح تي جاري نه ڪيا ويا، پر اهي اطلاع آهن ته وزيراعظم پاڪستان جي فوج جي موڊ بابت اڳوڻي صدر کان آگاهي ضرور ڏني آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي سنڌ جي حڪومت جيڪڏهن پنهنجا معاملا بهتر نه ڪيا ته پوءِ سنڌ ۾ وفاق جي مداخلت کي روڪي نه سگهبو، جنهن وقت وزيراعظم اڳوڻي صدر سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪري رهيو هو عين ان وقت آرمي چيف رينجرس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪراچي آپريشن بابت رينجرس پاران بريفنگ وٺي رهيو هو. آرمي چيف ڊي جي رينجرس جي نه رڳو پُٺي ٺپري آهي، پر کيس فري هينڊ به ڏنو آهي، ان بعد آرمي چيف ۽ وزيراعظم گڏجي گورنر هائوس ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ آصف علي زرداري به موجود هو. ان موقعي تي جڏهن پوليس اندر سياسي مداخلت کي روڪڻ لاءِ ڪورڪمانڊر ڪراچي پوليس جا معاملا ايپيڪس ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته چون ٿا ته صدر زرداري ان دوران ڳالھايو ۽ چيو ته اسان ٽريڪ تان لهي رهيا آهيون، جنهن تي ڪورڪمانڊر جو چوڻ هو ته اسان صحيح ٽريڪ تي آهيون، جنهن بعد زرداري صاحب خاموش ٿي ويو، ۽ معاملا ايپيڪس ڪميٽي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتا آهن. ان اجلاس بعد سنڌ ۾ ٻي ته ڪابه واضح تبديلي نه آئي آهي، پر ٻه تبديليون محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ پهرين تبديلي اها هئي ته سنڌ ۾ صفائي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي، اڳي پئسا سڌي ريت چيڪ ڪڍي ايم اين ايز ، ايم پي ايز ۽ سندن ٻيا ڇاڙتا ڪڍي ويندا هئا، انهن کي رڳو جواز فراهم ڪرڻ لاءِ اهو سڄو ڌنڌو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي تبديلي پوليس جي مقررين ۽ بدلين تي هڪ سال لاءِ پابندي هنئي وئي آهي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان تبديلي ۾ به هنن جي نيت حالتن کي بهتر ڪرڻ نه پر ان مان به کانچا ڳولهڻ آهي، پهرين مرضي جا ڪامورا مقرر ڪيا ۽ ان بعد پابندي هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پوليس جي مقررين بابت ايپيڪس ڪميٽي جو ردعمل جلد سامهون اچڻ وارو آهي، پر حڪومت جي معاملن ۾ مداخلت بابت پ پ پ جي ٻئي نمبر واري قيادت پاران دانهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، اهڙي ريت ايم ڪيو ايم جيڪا ڪجهه وقت اڳ ۾ بلديه ٽائون سانحي جي جي آءِ ٽي رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد دفاعي پوزيشن ۾ اچي وئي هئي، سينيٽ جي چونڊن جي ڪري هو هاڻي سنڌ حڪومت جو حصو بڻجڻ وڃي رهي آهي، ان ڪري پيپلزپارٽي جا وزيرڪبير جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ جيڪو سچ ڳالھائڻ جو بخار چڙهيو هو اهو به لهڻ شروع ٿي ويو آهي. ان ڪري سينيٽ جي چونڊن جتي ايم ڪيو ايم کي فائدو ڏنو آهي اتي مولانا به اهو فائدو وٺڻ کان پوئتي نه رهيو آهي، سينيٽ جي انهن چونڊن دوران وزيراعظم کي اهو شوق جاڳيو ته سينيٽ جا ووٽ وڪرو ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ آئين ۾ 22 هين ترميم ڪئي وڃي، وزيراعظم کي اهو خيال ان ڪري آيو ته هو ڪراچي جي دوري بعد جڏهن ڪوئيٽا پهتو ته اتي به نيشنل ايڪشن پروگرام جو جائزو وٺڻ بعد جڏهن شام جو پنهنجي پارٽي جي ايم پي ايز ۽ ٻين اڳواڻن جو اجلاس سڏايو ته اتي ڪُل 19 ايم پي ايز مان رڳو 5 ايم پي ايز وزيراعظم سان ملاقات لاءِ پهتا، وزيراعظم لاءِ اها ڳالهه انتهائي ڇرڪائيندڙ هئي، وزيراعظم کي ان کان اڳ ۾ کيس اهو به ٻڌايو ويو هو ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ خيبر پختون خواھ ۾ به ايم پي ايز کان ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڏيتي ليتي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ساڳي صورتحال بلوچستان ۾ به آهي، عمران خان کي ان بابت اڳي ئي خبر پئجي وئي هئي، هو ان سلسلي ۾ بيان به جاري ڪري چڪو هو، ان ڪري وزيراعظم هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪرڻ جو رٿيو ۽ هن اچڻ ساڻ وفاقي ڪابينا جي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، ان اجلاس ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ آئين ۾ 22 هين ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ ٻه ڪميٽيون به جوڙيون ويون هڪ ڪميٽي جي ذميواري اها هئي ته اها 22 هين ترميم جو مسودو تيار ڪندي، جڏهن ته ٻي ڪميٽي سياسي ڌرين سان رابطا ڪري کين ان ترميم لاءِ حمايت حاصل ڪندي.

ان دوران سينيٽ جي چونڊن جي شيڊول جو به اعلان ٿي چڪو هو، وزيراعظم پاران آئيني ترميم لاءِ جوڙيل ڪميٽي اها تجويز ڏني ته هٿ کڻي ووٽ ڏيڻ بدران بيليٽ پيپر تي ووٽر جو نالو ليکيو وڃي، جڏهن ته ٻي ڪميٽي جڏهن سياسي ڌرين سان رابطا ڪيا ته جماعت اسلامي ، پي ٽي آءِ ۽ ڪجھ ٻين ڌرين حڪومت جي موقف جي حمايت ڪئي، پر ٻن اهم جماعتن پ پ پ ۽ جي يوآءِ ان ترميم جي سخت مخالفت ڪئي، ان ڪري حڪومت لاءِ اهو ممڪن نه هو ته اها ترميم ايوان مان پاس ڪرائي سگهي، وزيراعظم ممڪن آهي ته ان ڳالهه جو انداازو لڳايو هجي ته هو آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي اعلان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ کي ان ڳالهه تي راضي ڪري وٺي ته هو قومي اسيمبلي ۾ واپس وٺي اچي ۽ ان سان گڏوگڏ هو ايم پي ايز لاءِ لڳندڙ رقم واري واڪ جي عمل کي به روڪي سگهي، پر وزيراعظم پنهنجي رٿابندي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو ۽ هاڻي جنهن وقت سينيٽ جو چونڊون ٿي رهيون هونديون ته وزيراعظم سندس شيڊول تحت سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي هوندو، ان ڪري اهو واضح ٿي ويو آهي ته حڪومت نه رڳو 22 هين ترميم واري ڳالهه تان مجبوري ۾ هٿ کڻي وئي آهي پر کيس ان ڳالھ جي به پڪ ٿي وئي آهي ته هو سينيٽ جي چونڊن بعد ان جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ واري عمل مان به دلي طور تي ٻاهر نڪري وڃي.

5 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن جي نتيجن جو جيڪڏهن پارٽي پوزيشن جو اندازو لڳائجي ته جي يو آءِ کي شامل ڪرڻ کانسواءِ رڳو مخالف ڌر جون 54 سيٽون ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان پ پ پ هارس ٽريڊنگ ڪري هڪ ٻه سيٽ ڪڍي وڃي ٿي ته پوءِ کيس اڃا به وڌيڪ فائدو ٿيندو، ان ڪري زرداري صاحب جي اها ڪوشش آهي ته سينيٽ ۾ سندن ئي راڄ هجي جيئن حڪومت سان سوديبازي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي، اهو ئي سبب آهي ته مولانا جو لاڙُو هن وقت ميان نواز شريف بدران زرداي صاحب ڏانهن وڌيڪ آهي، جيئن هو پنهنجي اڳوڻي اتحادي سان گڏجي کل به سائي ڪري سگهي.

سينيٽ جي چونڊن ۾ مخالف ڌر سميت عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي به اها ئي خواهش آهي ته ن ليگ ڪنهن به صورت ۾ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس سياسي رويو ڪنهن به وقت فرعونيت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مخالف ڌر جي سينيٽ اندر اڪثريت جي صورت ۾ طاقت جو توازن به برابر رهندو.

سينيٽ جي مختصر تاريخ

1973ع جي آئين ۾ پاڪستان لاءِ ٻه ايواني پارلياماني نظام متعارف ڪرايو هو، جنهن تحت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ادارا وجود ۾ آيا، سينيٽ جي قيام جو بنيادي مقصد وفاقي صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏيڻ هو، ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جي باقي ٽنهي صوبن کان نمائندگي وڌيڪ هئي، ان ڪري سينيٽ جو ادارو وجود ۾ آندو ويو، پاڪستان جي پارلياماني نظام ۾ وفاقي بجيٽ جي منظوري کانسواءِ باقي سمورا قانون جيستائين ٻنهي ايوانن مان پاس نه ٿين تيستائين اهي قانوني جي صورت اختيار نٿا ڪري سگهن، شروعاتي طور تي سينيٽ جي ميمبرن جو انگ 45 هو، جيڪو 77ع ۾ وڌائي 63 ڪيو ويو ، 1985ع ۾ ان ۾اضافو ڪري اهو انگ 87 ڪيو ويو ، 2002ع ۾ اهو انگ 100 ٿي ويو ، جڏهن ته بعد ۾ نان مسلم لاءِ 4 سيٽن جو اضافو ڪيو ويو ، هن وقت سينيٽ ۾ ڪل سيٽن جو انگ 104 آهي.

سينيٽ ۾ موجوده پارٽي پوزيشن

هن وقت سينيٽ ۾ اي اين پي جا 12،

بي اين پي عوامي جا 4،

آزاد 11،

جي يو آءِ ( ف) جا 6

ايم ڪيو ايم جا 7،

نيشنل پارٽي جو هڪ،

پشتون خواھ ملي عوامي پارٽي جو هڪ،

فنڪشنل ليگ جو هڪ،

قاف ليگ جا 5،

ن ليگ جا 16،

پ پ پ جا 40 ميمبر آهن،

اليڪشن ڪميشن جو موقف

اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽ چونڊن جي شيڊول جي اعلان بعد ڪيترن ئي اميدوارن پنهنجا ووٽ هڪ صوبي مان ٻئي صوبي ۾ منتقل ڪرايا، جڏهن ته حڪومت پاران هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ آئين ۾ 22 هين ترميم جي اعلان بعد اليڪشن ڪميشن جي ترجمان خورشيد عالم کان ان باري ۾ پڇيو ويو ته “ ڇا آئيني طور تي ان ڳالھ جي اجازت آهي جي باري ۾ هن جو چوڻ هو ته آئين ان ڳالھ جي اجازت نٿو ڏئي، هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 22 هين ترميم پاس ٿي ٿي وڃي ته بيليٽ پيپر ڇپجڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪُل انگ 4 هزار هوندو آهي ۽ اهو رڳو ٻن ڪلاڪن جو ڪم آهي، راحيلا مگسي جي نامزدگي فارم رد ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به ٻڌايوويو آهي ته هن اليڪشن شيڊول جي اعلان بعد پنهنجو ووٽ وفاقي گادي واري شهر ۾ داخل ڪرايو هو، پر اهو عمل ته ٻين به ڪيو هو، پوءِ ڇا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جو جواب ڏيندي اي سي پي جي ترجمان جو چوڻ هو ته اهو فيصلو فارم رد ڪرڻ وارن ڪيو آهي، جيستائين انهن جو تفصيلي فيصلو نٿو اچي تيستائين ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو