Home / اسپيشل افيئر / سڪرنڊ، 24 ورهين کان ريل جي انتظار ۾!
above article banner

سڪرنڊ، 24 ورهين کان ريل جي انتظار ۾!

فاروق سومرو

 

سڪرنڊ ريلوي اسٽيشن تان ٿي سگهي ٿو ته آخري ٽرين کي نڪرندي 24 ورهين جو عرصو ٿيڻ وارو هجي، ليڪن ان جي عمارت هاڻي به مقامي ماڻهن لاءِ گڏ ٿيڻ جو هنڌ آهي. وقت اسٽرڪچر تي اثر ضرور وڌا آهن، ليڪن ان جي شاندار هجڻ کي هاڻي به محسوس ڪري سگهجي ٿو. اها عمارت دراصل ننڍي کنڊ ۾ تعمير ٿيندڙ ريلوي عمارتن جو نمونو آهي، ان ڪارڻ ئي اها ريلوي لائينن سان سلهاڙيل يادن ۽ جذبن کي جاڳائي ٿي ڇڏي.

آءُ ڪراچي کان نوابشاهه وڃي رهيو هئس، رستي ۾ سڪرنڊ ۾ ٿوري دير لاءِ رُڪجڻ جو فيصلو ڪيو. سڪرنڊ ڏانهن وڌندي گهٽين جي ڀتين منهنجي نظرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، اهي سڀ ڀتيون ٽيليڪام پئڪيجز جي اشتهارن سان ڀريو پيون هيون. هن اسٽيشن جي ٻاهر وارين ڀتين تي مقامي سياسي ليڊرن جا پوسٽرز ۽ نعرا به جام لکيل هئا. جڏهن آءُ اندر داخل ٿيس ته اتي مون ڪجهه ماڻهن کي بيٺل ڏٺو. هتي ٿيندڙ گوڙ ڪنهن ننڍي بازار جي ياد ڏياري رهيو هو. حقيقت ۾ اها ننڍي موبائيل مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي. اسانجي ماڻهن کي موبائيل فون ڊوائسز رکڻ جو شوق تمام گهڻو آهي ۽ اهڙيون مارڪيٽون اسانکي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ سهولت مهيا ڪن ٿيون.

37

عمارت اندر ماڻهن جا ننڍا ننڍا گروپ گهمي رهيا هئا ۽ ٻاهر موجود ريلوي ٽريڪ غائب، جڏهن ته اتي مينهون ٿڌ سبب سج جو سيڪ وٺي رهيون هيون. اسٽيشن جي هڪ ڪنڊ ۾ پارسل گودام آهي، جنهن کي پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اتي وچ ۾ هڪ ٽيبل رکيل هئي جنهن تي ڪجهه ٻار کيڏڻ ۾ رڌل هئا. اتي ڪجهه اونداها ڪئلينڊر به ڀتين تي لٽڪي رهيا هئا. جڏهن ته هڪ بلب ڇت سان لٽڪي رهيو هو. آءُ اتان نڪتس ته ماڻهو مونکان اهو پڇي رهيا هئا ته ڇا منهنجو تعلق ريلوي هيڊڪوارٽرز سان آهي ۽ ڇا آءُ سڪرنڊ ۾ ريلوي سروس جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ٿو؟

ماضيءَ ۾ سڪرنڊ اسٽيشن هڪ مصروف جنڪشن هو، جنهن جي تعمير 1936ع ۾ ٿي ته جيئن ڀٽ شاهه ۽ نوابشاهه جي ٻين شهرن کي نوابشاهه سان ڳنڍي سگهجي.

ماڻهن اسانکي ٻڌايو ته هتان آخري ٽرين 1991ع ۾ نڪتي هئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ريلوي هتان آمدني نه ٿيڻ جو سبب ڄاڻائي ريلوي سروس ختم ڪري ڇڏي. باوجود ان جي هتان جا عام ماڻهو اها آس لڳايو ويٺا آهن ته هڪ نه هڪ ڏينهن ريلوي سروس ٻيهر ضرور بحال ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو