Home / ڪتاب / شير ميربحر: هڪ خوبصورت دور کي قلمبند ڪندڙ ڪتاب
above article banner

شير ميربحر: هڪ خوبصورت دور کي قلمبند ڪندڙ ڪتاب

مسرور پير زادو

جھڙي طرح ماڻهن جا مختلف مزاج ٿين ٿا، تهڙي طرح ڪتابن جا به مختلف مزاج ٿين ٿا. منهنجي لاءِ ڪتاب جي حيثيت ۽ اهميت سدائين هڪ انسان واري رهي آهي. جيڪو قابلِ عزت ۽ سکڻ جا سبق ڏيندڙ ھوندو آهي. جيئن هر ماڻهو پنهنجي دلچسپي ۽ مزاج مطابق ماڻهن سان دوستيون ۽ تعلقات رکندو آهي، تيئن هو پنهنجي دلچسپي ۽ مزاج مطابق ڪتاب به پڙهندو آهي. منهنجي دلچسپي اڪثر ڪري شاعري ۽ تخليقي ادب ڏانهن وڌيڪ رهي آهي ان ڪري مان ڪتابن ۾ به اڪثر اهي ڪتاب پڙهندو آهيان جن ۾ شعر ۽ تخليق هجي. پر مان اهو به ضروري ٿو سمجھان ته زندگيءَ جي انيڪ ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ هر قسم جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن.

ڪجهه ڏينهن اڳ پياري دوست ۽ جاکوڙي، نامياري ليکڪ مولائي ملاح هڪ مختلف نوعيت جو ڪتاب، جيڪو شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت تي لکيل هيو موڪليو ۽ ان تي لکڻ لاءِ به چيو. پهريون ته مون ڪتاب ڏسي سوچيو ته مان هڪ ملهه پهلوان تي ڇا لکان۔ ڇو ته ملهه سان منهنجي دلچسپي نه رهي آهي. پر پوءِ جڏهن مون اهو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو ته منهنجي دلچسپي شير ميربحر ۽ ملهه ۾ وڌندي وئي. ملهه جي دنيا، اها دنيا جيڪا ننڍي هوندي ڳوٺن ۾ لڳندڙ ميلن ۾ ڏسندا هئا سين ۽ پوءِ اسين ان دنيا کان الڳ ٿيندا ويا سين. اها دنيا جنهن ۾ پهلوان هوندا آهن ۽ مقابلو ڪندا آهن. مان هينئرسوچيان ٿو ته زندگي به هڪ مقابلو ئي ته آهي. جنهن ۾ هر ماڻهوءَ کي پهلوان ٿي مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. زندگيءَ جي ملهه مارڻ لاءِ ماڻهوءَ جو پهلواڻ هجڻ ضروري آهي. توڙي جو موت هر پهلوان کي پوئين ملهه ۾ دسي ماري ٿو. مون کي هينئر پنهنجي ان غزل جو به هڪ شعر ياد ٿو اچي جيڪو مون پنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ لکيو هو. اهو شعر آهي ته:

پوئين ملهه ۾ موت کٽي ٿو.

مات اسان کي مڃڻي بابا!

هاڻي اچون ٿا هن ڪتاب تي. هي ڪتاب جنهن ۾ هڪ دنيا بند آهي. اها دنيا جنهن کان سنڌ جو پڙهيل لکيل ۽ جديد دور جو ماڻهو پري ٿيندو پيو وڃي. اهو هڪ الميو آهي. اسين پنهنجي ثقافت، روايتن ۽ سچائين کان پري ٿيندا ٿا وڃون ۽ هڪ مصنوعيت جي ڪوڙي جهان ۾ ٻُڏندا پيا وڃون. اسين انهن ڳوٺن ۽ ميلن، ملاکڙن کان پري آهيون جيڪي اسان جي سڃاڻپ رهيا آهن. هي ڪتاب وري اسان کي ان دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪا دنيا واقعي به اسان جي هئي. پر افسوس جو وقت گذرڻ سان اسان ان دنيا مان نڪرندا ويا سين.

سو اسان کي موٽڻو پوندو وري انهن ڳوٺن ڏي جن ۾ اسان جي جيءَ جو جڙون آهن. اسان جي اصليت آهي.

مولائي ملاح جنهن محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان هن ڪتاب کي اسان جي آڏو آندو آهي ان لاءِ هن کي شاباس هجي. هن جهڙي طرح ليکڪن کان لکرايو آهي ۽ شير ميربحر بابت لکڻيون گڏ ڪري ترتيب ڏنيون آهن اهو ڪو آسان ڪم ناهي. ۽ وري ڪتاب ڇپرائڻ ته اڃا به ڏکيو ڪم آهي. خاص طور تي ان سماج ۾ جتي ڪتابن کي پئسي ۽ وقت جو زيان سمجھيو وڃي ۽ ادبي ۽ علمي ادارن جو ڪو به سهڪار نه هجي. اهڙي ڪٺن صورتحال ۾ به هي ڪتاب ڇپرائڻ سچ پچ ته هڪ وڏي ڳالهه آهي.

ليکڪن ۽ ادارن کي سنجيدگيءَ سان ويچارڻو پوندو ۽ پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ شخصيتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. علمي ۽ ادبي ادارن تي ڀاڙڻ کان سواءِ مولائي ملاح پنهنجي محنت سان هي ڪتاب سهيڙيو ۽ ڇپايو آهي. هن مان اسان کي سکڻ گهرجي ۽ اهڙي محنت سان ڪم ڪرڻ گهرجي.

هن ڪتاب ۾ شير ميربحر بابت سنڌي ٻوليءَ جي سگهارن ليکڪن جا ليک آهن، جن ۾ اعجاز منگيءَ جو شاعراڻي نثر ۾ خوبصورت مهاڳ به شامل آهي. ان کان علاوه يوسف شاهين، شيخ عزيز، ايوب شيخ، انعام شيخ، مدد علي سنڌي، حميد سنڌي، جاويد قاضي، گل حسن ڪلمتي، رحمت الله ماڃوٺي، عمر قاضي، سڄڻ سنڌي، ادريس جتوئي، شهاب ملاح ، اقرار پيرزادو، ميرنادر علي ابڙو ۽ ٻين جا معلوماتي ليک پڻ شامل آهن. ان ڪتاب ۾ اُهي ايڊيٽوريل پڻ شامل آهن جيڪي مختلف وقتن تي شير ميربحر بابت سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيا.

ڪتاب ۾ موجود شير ميربحر جا دلچسپ انٽرويوز به آهن ته سندس تصويرون به ۽ آخر ۾ هن جو خط ۽ تعزيتي تاثرات پڻ. ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل پياري دوست ۽ خوبصورت آرٽسٽ اياز جوکيي جو ٺهيل آهي جنهن ۾ شير ميربحر ۽ سنڌو درياهه هڪ ٻئي جو حصو ڏيکاريل آهن. ’مولائي پبليڪيشن محرابپور‘ ((ISBN- 978. 969. 7534. 00. 5 پاران 208 صفحن جي پڪي جلد سان هن اهم ڪتاب جي قيمت 300 روپيا رکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت تي تفصيل سان ڄاڻ ڏنل آهي. شير ميربحر جنهن دنيا جي پهلوانن جن ۾ چيڪوسلواڪيا جي پهلوان زيبسڪو، جاپان جي آسٽن ۽ هندستان جي پهلوان گرنام سنگھ کي شڪست ڏئي سرسي حاصل ڪئي، پر هن مهل تائين کيس صدارتي ايوارڊ ۽ ٻين سرڪاري اعزازن کان محرور رکيو ويو آهي. اسانکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته هي ڪتاب سهيڙڻ وقت مولائي ملاح کي ڪيترا (مختلف تڪليفن جا ) ڪشالا ڪٽڻا پيا هوندا. جيڪي هن اڪيلي سر ڪٽي هي پيار جو پورهيو اسان اڳيان آندو جيڪو بيشڪ جو وڏي مانَ جو مستحق آهي. جنهن تي کيس جس هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو