Home / اسپيشل افيئر / عارف حسن جو ليڪچر ڏکڻ ايشيا جا مَها شهر
above article banner

عارف حسن جو ليڪچر ڏکڻ ايشيا جا مَها شهر

 ارشاد ميمڻ

 

سياست وارن جو ڏُٻرو حال پَسي جڳ جهان هاڻ سوشل سائنس جي ڏاهن طرف نهاري رهيو آهي. ٽائون پلانر، آرڪيٽيڪٽ ۽ سماجيات جي ماهر مانواري عارف حسن جو 30 آڪٽوبر 2010 ع جي ڊان اخبار ۾ خيرپور ناٿن شاهه بابت مضمون اڄ به ڪيترن وٽ محفوظ هوندو. ٻوڏ سندا ڏيهاڙا هئا جنهن دوران ڄاڻايل شهر ۾ پاڻي داخل ٿي، تباهي آڻي چُڪو. ايندڙ وقت منجهه اهڙي ڪنهن ٻي آفت گهڙيءَ هُن جا ويچار ضرور اسان جي رهنمائي ڪندا.

ڏهاڪا گذريا آهن جو نيپال جي راڄڌاني کٽمنڊو مان ڇپجندڙ انگريزي رسالو ‘هِمال’ ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي سياسي ۽ معاشرتي حيات تي اثرائتا ليک سانڍيندو رهيو آهي. ڪيئي ڀيرا منجهس سنڌ سان لاڳاپيل مضمون پڻ شايع ٿيا آهن. جن ۾ ڪاروڪاري ۽ ٻين عنوانن تي قلم کنيل هجي ٿو. 80ع واري زماني کان، اسان جا نوجوان جڏهن اک پَٽَي رهيا هئا، ٿر سان واسطو رکندڙ مهاگُرو ڊاڪٽر کاٽائو مل جي واتان تنهن ميگزين بابت ٻُڌوسين.

عزت لائق کاٽائو جا ٿورا جِن پوئين هفتي اِي ميل وسيلي هِمال جي ويب سائيٽ تي هڪڙي لنڪ موڪلي ڏني. ڄاڻايل ادارو هر سال ڏکڻ ايشا جي ڪنهن سُڄاڻ شخص کان ليڪچر ڪرائيندو آهي. هن دفعي 7 نومبر جي ڏينهن دهلي ۾ عارف حسن کي علائقي جي وڏن شهرن متعلق ڳالهائڻ لاءِ ڪوٺ ڏني وئي. لائق انسان اُتي جيڪي رايا پيش ڪيا تن کي سهيڙي رسالي جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو آهي. هتي ڪوشش ڪجي ٿي ته انهن مان ڪجهه کي سولي سنڌي ۾ آڻجي.

“دهلي مُون ڪاڻ خاص حيثيت رکي ٿو. منهنجو جنم هِت ٿيو. 15 آگسٽ 1947ع تي آخري ريل جيڪا ڪراچي طرف رواني ٿي ان جو مسافر ٿيس. واپس جڏهن به آيس، عجب سُڪون حاصل ٿيم.

41

“پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي منهنجي ويچار جو محور رهيا آهن. ڏکڻ ايشيا سميت پوري کنڊ جي ڪيترن ئي مُلڪن ۽ وڏن شهرن ۾ انيڪ پروجيڪٽس جو حصو رهيو آهيان. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن، رٿابندي ڪندڙن ۽ ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ڳڻپ کان ٻاهر ماڻهن سان ملاقاتي ٿيو آهيان. ميگا سِٽيز يا مَها شهرن جو موضوع سدائين گفتگوءَ هيٺ رهيو آهي. معاشيات جا ڄاڻو ايڪانامِڪس جي رخ کان. ماحوليات وارا تنهن پاسي کان. پلانرز بنيادي ڍانچن ۾ انهن اوڻاين ڏانهن اشارو ڪندا رهيا آهن جيڪي غربت جي گهاڻي ۾ پِسنجندڙ رهواسين ڪاڻ هاڃيڪار هُجن ٿيون. پريس اهڙي ڇِڪ ڇِڪان سان ڀريل ملندي. بحث کي نصابي اهميت ملي چُڪي آهي. آءُ مامري کي ٻئي انداز ۾، سماجي-معاشي تبديلين جي پسمظر ۾ پيش ڪندس. رياست پاران اهڙين تبديلين طرف رد عمل جو ڇيد. فزيڪل ۽ سيڙپ ڪاري جي ڏَسَ ۾ اسٽيٽ جي موٽ. ڇاڪاڻ ته منهنجي ريسرچ گهڻي قدر ڪراچي سان واسطو رکندڙ آهي، سا وسندي ئي حوالي طور ڪتب آڻيندس. تڏهن پڻ اوهان جي مَهاَ شهرن ۾ ساڳين لاڙن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪندس.

“ڏکڻ ايشيا جي ميگا سٽيز بابت سڀ کان ڳڻتي جوڳي ڳالهه گذريل آدم شماري جي ڀيٽ ۾ سندن آبادي منجهه اچرج ڏياريندڙ واڌ آهي. 2011ع جي ڳڻپ وقت دهلي ۾ 16 ۽ 17 ملين جي وچ تي رهواسي هئا. اڄ اهو انگ 24 ملين ليکيو ٿو وڃي. اعتبار ۾ ايندڙ نه ٿو لڳي پر ڳوڙهي نموني تيار ڪيل پيپرز ايئن ٿا چون. ڍاڪا ڪاڻ اڳڪٿي سا هئي ته 2015ع ۾ 18 ملين جو هوندو. بنگلاديشي دوست ٻُڌائين ٿا ته شهر جي آبادي 24 ملين ٿي چُڪي. آءُ انهن اکرن تي يقين نه ڪريان ها، جيڪڏهن ڪراچي مان نه اچان ها. اُتي جو لقاءُ اکين سان ڏسي چڪو آهيان. 1998ع ۾ 11 ملين ۽ هينئر اٽڪل 21 ملين. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ ٻيڻو. سو سيڪڙو اضافو. نه فقط ايترو پَرَ زميني لحاظ کان 23 سيڪڙو واڌ کاڌي اٿائين. آسپاس جا ڪيترائي ڳوٺ، زرخيز ٻنيون ۽ ضلعي جي ٻهراڙي واري ايڪانامي کي ڳڙڪائيندو ٿو وڃي. ان صورتحال متعلق ٻه مختلف رايا آهن. ٻنهي خيالن کي مسڪين دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هوشيار ڪراچي پلانر فرحان انور موجب اها ڪيفيت ڳوٺاڻي آبادي لاءِ هاڃيڪار آهي. جڏهن ته پروين رحمان ساڻس سهمت نه هئي. هُوءَ پوئتي پيل علائقن جي شهري تاڃي پيٽي جي ڀاڱي ٿيڻ کي چڱو سنوڻ سمجهندي هئي. ساڳيو سوال ڏکڻ ايشيا جي ٻين ميگا سٽيز لاءِ پڻ اُٿاري سگهجي ٿو. شهري ڪنارن سان، ڏُور، حدون آهن جتي غريب ماڻهو پنهنجي وِتَ آهر پلاٽ خريد ڪري گهر ٺاهي سگهن ٿا. اهڙيون آباديون اڪثر ڪري غير قانوني، بنيادي سهولتن کان وانجهيل ۽ روزگار جي هنڌ کان پري واقع آهن.

“2011ع ۾ ئي ڪاٿو لڳايو ويو ته ڏکڻ ايشيا جي ڪُل اربن آبادي 243 ملين هئي. منجهائنس 34 سيڪڙو وڏن شهرن، ميگا سٽيز ۾ رهائشي هئي. اڄوڪي انگ ڏانهن ٿا نهاريون. تمام ٿورڙن سالن ۾ سَا 40 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. اعتبار ته نه ٿو اچيم پَر سَروي جي نڪور طريقن سان تيار ٿيل جدولون سچ قبول ڪرڻ تي مجبور ٿيون ڪن. منهنجي سامهون سوال آهي-آخرڪار ايئن ڇو پيو ٿئي؟ رولانڊ ڊي سوزا، هڪ ٻئي ڪراچي پلانر مطابق ان جو سبب 1941ع کان 2011ع جي درميان ڏکڻ ايشيا جي انسانن ۾ 550 سيڪڙو واڌو آهي. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اهو اضافوالاهي گهٽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. ساڳئي عرصي منجهه ٿائيلينڊ 280 ۽ برطانيا 160 سيڪڙو وڌيا آهن. رولانڊ چواڻي ته جي اسان وٽ اضافو 300 سيڪڙو هجي ها ته حالتون مختلف پسجن ها. انهن ڏهاڪن ۾ اسان سواءِ ٻار پيدا ڪرڻ جي ٻيو ڪم ناهي ڪيو. هُن جي خيال ۾ گهٽ آبادي گهٽ لڏپلاڻ جو ڪارڻ هوندي آهي ۽ سرس آبادي وڌيڪ لڏپلاڻ جو. سيڪڙي جي حساب سان پاڻ حقيقتن جي ويجهو رَسي نه سگهنداسين. منهنجي راءِ ۾ ڳڻپ جي اهميت کي ڄاڻڻ جي سَئي ڪريون. پاڪستان ۾ اسان پنهنجي کوجنا مان سمجهيو آهي ته هجرت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڳوڻاڻي زندگيءَ ۾ سماجي ۽ معاشي تبديليون آهن. آءُ ڊگهي عرصي کان ان موضوع تي لکندو رهيو آهيان. موچاري تسلسل کانپوءِ ٻهراڙي جي ايڪانامي جنس جي بدلي جنس کانپوءِ جنس جي بدلي ڏوڪڙ جو مهانڊو اختيار ڪري مَٽجي چُڪي آهي. خدمتن، سروسز جي معاملي ۾ به ايئن ٿيو آهي. نتيجي ۾ ڌنڌي ۽ ذات جو تعلق ختم ٿي ويو آهي. ڳوٺن جي پاڻ-ڀَرائي رهي ڪانهي يا وري دٻاءَ ۾ آهي. پاڪستان جي ٻهراڙين ۾ هاڻ موچي، لوهار، ڊکڻ، رازو، اوڏ، ڪنڀار اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. اُهي سڀ شهرن ڏانهن لڏي ويا هليا. ڳوٺن جا ڳوٺ شهري علائقن ۾ ٺهيل شيون خريد ڪرڻ لاءِ لاچار آهن. سندن پَاڻ-ڀرائي جيڪا گانڌي کي وڻندي هئي، باقي نه رهي. بي زمين ڪَمي ۽ روايتي گهٽ پات وارا ماڻهو شهرن مان تيار ٿي آيل سامان واپرائڻ جي سگهه نه هئڻ سبب اربن علائقن طرف ٽپڙ کڻڻ تي مجبور ٿيا آهن.

“شهرن ۾ اڳوڻا انسان جيڪي لڏي آيا سي سوچيل سمجهيل فيصلن هيٺ هيڏانهن روانا ٿيا. کين پوئتي ڳوٺن ۾ ترسيل خاندان جي زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻي هئي. پختي سماجي بيهڪ رکندڙ چئجن. هينئر ايئن نه پيو ٿئي. اڄوڪي سمئه اربن علائقن ۾ وسندڙ نوان شهري معاشرتي ۽ خانداني ڀڃ ڊاهه جي نتيجي ۾ هتي پُهتا آهن. کانئن ڪنهن ضابطي کي قبول ڪرڻ جي اميد رکڻ اجائي ٿيندي.اها هڪ طاقتور لهر آهي جنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. هو روايتي فيوڊل نظام جي پابندين کان رَسَا ٽوڙائي هجرت ڪري رهيا آهن. ان ڪيفيتت کي گروهي سطح تي لڏپلاڻ جي آزادي ڪوٺجي. پهريون ڀيرو هيٺين سطح جون ذاتيون ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ ۽ جوڳي ميگا سٽيز ۾ آباد ٿيون آهن. اڳ هُو انفرادي طرح هيڏانهن ايندا هئا. هَاڻ سَي ٽولن جي شڪل ۾ رهڻ لڳا آهن. هُنر منديءَ جي اڻ هوند کين لاباري ۽ ٻين موقعن تي واپس ٻهراڙين ۾ وٺي ويندي رهي آهي. چُر پر جي اهڙي ڇُوٽ پوئين ويهارو سالن ۾ پير ڏاڍا ڪري چُڪي آهي، خاص طور تي پاڪستان ۾. ڳالهه جو ٻيو پاسو پڻ آهي. شهرن ڏانهن لاڏائو ٿيندڙ ليبر فورس گهڻي قدر عمارتن ۽ روڊن جي تعمير ۾ حصو وٺي روزي ٿي ڪمائي. انهيءَ سيڪٽر ۾ مشين جي آمد کين پوئتي ڌڪڻ لڳي آهي. جتي هزار مزدور روزانو ڪم ڪندا هئا، اُتي هينئر سٺ ڄڻا کپن. باقي خفو نت نئين مشينري پنهنجي بِلي کڻي چُڪي. روزگار جا دروازا ڏينهون ڏينهن بند ٿيندا پيا وڃن. تڏهن به ٻاهران ٽپڙ کڻي شهرن ۾ رهائش اختيار ڪندڙن جي انگ ۾ ڪا گهٽتائي ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي. ايستائين جو ميگا سٽيز ۾ مقامي آبادي جنهن کي کڻي سڏجي سَا هورڙيان هورڙيان سوڙهي ٿيندي، اقليت جو روپ وٺي رهي آهي. ڪراچي ته تنهن مرض جو ڪڏهوڪو شڪار ٿي چُڪو.

“مٿين صورتحال ڪارڻي شهرن جا مُهانڊا مَٽجي ويا آهن. اڍنگي پکيڙ ۽ ملڪيت جي قيمتن ۾ غير منطقي واڌ اُتي بيزاريءَ کي جنم ڏنو آهي. پراپرٽي کي سون سان ڀيٽ ڏني پئي وڃي. غير قانوني لينڊ ڪاري ناڻي کي پنهنجي گرڀ ۾ سانڍي، پالي وڏو ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ جو مثال کڻجي. تاريخي لحاظ کان اتي هاڻ ڪچي آبادي جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي. روزانو نيون وسنديون جُڙندي نهاربيون. جن ڪاڻ روايتي ڪچي آبادي جو محاورو ڪتب آڻڻ دُرست نه هوندو. نقشي ۾ تبديلي ڪنهن تازي قبضي يا ڏاڍ مڙسي جي بنياد تي اعلان ڪيل ڳوٺ، سوسائٽي کي هِسٽري عطا نه ٿي ڪري سگهي. سچ ته اها ايراضي آهي جتي خاص طور تي ٻاهران آيل غريب ۽ بي پهچ ماڻهو وِت آهر رهائشي پلاٽ وٺي سگهي ٿو. گهرن جي لانڍَ شهر جي ڪناري اُسري رهي آهي. روزگار جي هنڌن کان گهڻو ڏُور. بنيادي سهولتن کان وانجهيل. عنصر آهن جيڪي ڪراچي ۽ ٻين ميگا سٽيز ۾ غربت جي سطح کي اڃا مٿي کڻي رهيا آهن.

سمجهه استعمال ۾ آڻجي ته ڪاروباري مرڪز جي ويجهو ڀاڙي تي رهڻ سستو پوندو. ان جي مقابلي ۾ ته روزگار جي جاءِ کان بنهه پري ۽ مشڪل حالتن ۾ گذارو ڪجي. ڪم جي ماڳ تائين پهچڻ واسطي وقت ۽ پئسو برباد ٿئي. آمدني ۽ زمين جي ملهه ۾ تفاوت تي نظر وجهندا. ڪراچي ۾ ڪيل پنهنجي اسٽڊي اوهان آڏو ٿو عرض ڪيان. ذڪر هيٺ ايرياز ۾ 1991ع دوران في چورس ميٽر جي قيمت خريداري جي روزاني ڪمائي کان 1.7 دفعا وڌيڪ هئي. اڄوڪي حساب ۾ سا 40 ڀيرا سرس آهي. علائقا جي 1991ع جي ڀيٽ ۾ شهري مرڪزن کان گهڻو، تمام گهڻو ڏورانهان آهن. تڏهن جي ڀيٽ ۾ الاهي وڌيڪ پوئتي پيل چئجن. سِٽي ۾ باقائدي يا بي قائدي قسم جون رهائشي سهولتون کپن. وڌندڙ وچولي طبقي ڪاڻ. مڊل ڪلاس ۾ تيزيءَ سان اضافو پيو ٿئي. پوئين ڏهاڪي منجهه سندس لاءِ رهائشي ضرورتون 300 سيڪڙو وڌيون آهن. انهن اکرن کي مٿين سطح ڏانهن ڊوڙندو سمجهو.

“وچ شهر ۾ ڀاڙي تي ترسڻ جي مقابلي ۾ سِٽي جي ڪناري گهر اڏي آباد ٿيڻ وڌيڪ مهانگو فيصلو آهي. ڪاروباري ۽ ڌنڌي جي جڳهه تائين سواري، ڪرايو ۽ ٽائيم کپن. عورتون ڪم ڪرڻ لاءِ پري وڃڻ کان لهرائينديون آهن. ڊگهو عرصو ٻاهر هجڻ سبب مرد ماڻهوءَ جي گهر ۾ غير حاضري جا ٻارن تي منفي اثر پون ٿا. تفريح اڻلڀ الڳ هجي ٿي. نتيجي ۾ شهر اندر ٺهيل رهائشي عمارتون ڏيهاڙي ڊگهيون ٿينديون وڃن. گهڻ ماڙ بلڊنگز جو منظر بمبئي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ماحولياتي گدلاڻ جُدا مسئلو آهي. گهٽين ۾ آدم جا انبوهه ڌار.

ميرا باپت آرڪيٽيڪٽ پوني ۾ ۽ مان ڪراچي منجهه ان معاملي تي ريسرچ شروع ڪئي. اسان ٽيهه ورهيه اڳ آباد علائقن ۾ وياسين. اُتي شهري سهولتن ۽ ٻين مامرن متعلق سُڌاري سندو نظام هئو. سواءِ تنهن جي ته منجهن خلق ايتري اچي لٿي جو سوڙهه ٿي محسوس ٿي. سڀني چڱاين جي هوندي، رهواسين لاءِ زندگيءَ جو معيار هيٺ لٿل ڏسڻ ۾ آيو. ڏاڍا مُڙس پيدا ٿي چُڪا. مسواڙ تي گذاريندڙ ڪُڙمَ سندن عتاب جو شڪار هجي وقت ٽپائين. سرڪار ڇا ٿي ڪري؟ انڊيا ۽ پاڪستان، ٻنهي ملڪن ۾ رياست 1990ع کان ناڻي کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو.

وڃ ۽ مارڪيٽ ۾ لهي پَئُه- متي هيٺ. ان جو فائدو رڳو ڊيولپرز، عمارت سازي ڪندڙن کي ٿيو. عام شهري اجهو ٺاهڻ يا خريد ڪرڻ لاءِ اڪيلي سرِ قرض حاصل ڪرڻ جون ڪاغذي گُهرجون پوري ڪرڻ جي لائق نه هو. دفتري سرشتي ۾ مونجهارا ئي ايترا پئدا ڪيا ويا. ڊيولپرز ڪاڻ اهو ڪم آسان هئو سَو هُن پنهنجي گراهڪن واسطي، گروهه جي انداز ۾ پئسا وياج تي وٺڻ شروع ڪيا. منافعو ڪمائي الوپ ٿيو. گهٽ معيار جي رهائشي يونٽس ۾ گذر ڪندڙ، گهٽ آمدني وارا شهري ٻئي ٽئين نسل تائين پيا قسطون ادا ڪن. ڇت ڪِري پوندي پر قرض پورو نه ٿيندو. ڏينهون ڏينهن فليٽ توڻي زميني يونٽس ننڍي کان ننڍا ٿيندا وڃن. 30 ۽ پوءِ 24 چورس ميٽر. تنهن ۾ به ڏهه پندرهن ڀاتي. دهلي ۽ ڪراچي جي ڪناري اُسريل غير قانوني وسندين ۾ مالڪاڻا حق نه هجڻ گنڀير معاملو آهي. سرڪار جنهن طرف گهربل ڌيان ڏيڻ ۾ ناڪام چئجي. 2007ع کان ڪراچيءَ جي چوڌاري حيرانگي ڏياريندڙ تعداد ۾ آبادين ڪَرُ کنيو آهي. حڪومت وٽ سندن خاطر ڪهڙي رٿابندي آهي؟ “سَتر ۽ اَسي جي ڏهاڪن ۾ جوڙيل پاڙن ۽ پراجيڪٽس ۾ ٻي تبديلي پڻ نظر آئي. اڳ جڏهن اُتي وڃبو هو ته خالص اردو سُڻبي هُئي. اڄوڪي سمئه انگريزي لفظن سان ڀريل ٻولي اوهان جي آجيان ڪندي. هُو هاڻ ليبر فورس نه رهيا آهن. شهر جي وچولي طبقي ۾ پنهنجي ڳڻپ گهرن ٿا. کين بهترين اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا کپن. اڳتي وڌڻ جي امنگ اٿن. ووٽ ڏيڻ جي لاڙن ۾ فرق ڌار محسوس ٿيندو. پهريائين هُو ترقي پسند ڌرين کي چونڊيندا هئا جيڪي انهن وسندين کي ريگيولر ڪرائڻ جا وچن ڏين. حڪومت مخالف احتجاج ۾ شوق سان ڀائيوار.

هاڻوڪي سالن ۾ سرڪاري عملدارن سان بدليل رشتي ۾ آهن. وڳوڙ جي جاءِ تي ڳالهه ٻولهه، ڊائلاگ کي اهميت ڏيندي گڏبا. مڊل ڪلاس جا قدر اپنائي چُڪا آهن. ڪلچر جا فائدا ڀَلي ڀَت ڄـاڻين. ڪنزرويٽو سياست کي چاهڻ لڳا آهن. دوڪاندار، منڊي هلائيندڙ، ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو سگهه ماڻيندي پَسبا. هڪ ڏيهاڙي هنن جي طاقت منظر تي ايندي. اهڙو لقاءُ فقط ڪراچي ۾ نه پر سموري ڏکڻ ايشيا ۾ نهاري سگهبو. ڦُڙتيلا ماهر اربن ازم جا نوان خيال کڻي آيا آهن. آرڪيٽيڪٽس ۽ ٽائون پلانرز کي تنهن طرح جي سکيا ڏني پئي وڃي. انٽرنيشنل ناڻي دان ۽ اڪيڊمڪ ڄاڻو سندن پُٺڀرايءَ ۾ آهن. هُو شهرن جي ايراضي ۾ اضافي جي ابتڙ، ساڳين حدن ۾ انهن جي واڌ جي حق ۾ آهن. ‘جامع شهرن’ جو محاورو ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي. ياد رهي ته دنيا جا ٽي پهريان سَرس سوڙهه وارا ميگا سٽيز پاڻ وٽ آهن. ڍاڪا جي گهاٽائي 4440 فرد في هيڪٽر (اٽڪل اڍائي ايڪڙ). بمبئي 3090 ۽ ڪراچي 2800 ماڻهو. اها سطح موجود قائدن جي لتاڙ کانسواءِ حاصل نه ٿي آهي. قانون موجب ڪراچي ۾ في هيڪٽر 1625 انسان ترسڻا آهن. منجهس اهڙا هنڌ به آهن جتي 6000 شهري هڪ هيڪٽرتي رهن ٿا. بمبئيءَ جي قاعدن قانونن مطابق ماڙ ۽ ايراضي جي نسبت 1:1.33 کان گهڻو وڌيڪ آباد ٿي وئي آهي. ستابي مخلوق جي رهائشي ماڳن تي في هيڪٽر گهاٽائي 200 ملندي. اهوئي تفاوت گهرن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڏسبو. ڏکڻ ايشيا جي سڀني ميگا سِٽيز ۾ ايئن آهي. سوال سو ته ڇا ان ڪيفيت ۾ جَالي سگهبو؟ “ڳالهه کي سهيڙجي ته مَهَا شهرن کي هيٺيان ڪم ڪرڻا پوندا. کين نَون ۽ اوپرن ڀاتين کي رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ باقي سماجي خدمتون مهيا ڪري ڏيڻيون پونديون. اڳ موجود بي قائدي جُڙيل وسندين جي پرگهور-خالي ٿيڻ ۽ بي دخلي کان بچاءُ، بنيادي ڍانچي جي اوسر لاءِ گهربل قانون سازي. معاشرتي ڀائيچاري لاءِ لازم نڪور قدرن کي اُڀارڻ. هتي ذڪر ڪجي ته آدمشماري ۾ سڀ کان مکيه گروهه 14 کان 24 سالن جي نوجوانن جو آهي. منجهس ڪيترائي نوان لاڙا جنم وٺي رهيا آهن. مرضيءَ جو پرڻو ۽ انيڪ ٻيا. سي تبديليون آهن جي مستقبل ۾ ميگا سٽيز کي سنڀالڻيون هونديون. رياست جي ڪِرت ڪاروبار ڪرڻ نه آهي. مَها شَهر ترقيءَ جون ڪَلون آهن. سي تصور آڏو ڌَري فرد جي معاشي ڀلائيءَ جو مُلڪي پيداوار ۾ واڌ سان ڳانڍاپو سمجهڻو پوندو. نئين سِر نوان ايڪنامڪ زون کپن. ٻاهرين ملڪن مان سِڌي، ڊائريڪٽ سيڙپ جا فائدا ڄاڻڻ گهرجن. هڪ مطالعي موجب ايندڙ پنجن سالن ۾ اٽڪل چاليهه ڪروڙ آدم رضا خوشي يا لاچار ٿي اربن علائقن جو رُخ ڪندو. اهو انگ برطانيا، فرانس ۽ جرمني جي ڪُل آباديءَ جي ٻيڻ آهي. ڏکڻ ايشيا جي ميگا سٽيز کي تنهن لوڌ سان مُنهن ڏيڻ خاطر تياري وٺڻ کپي. روايتي سرڪاري ڪاڳر بازي ڪارگر نه چئجي. ڪراچي، دهلي ۽ بمبئي ورلڊ ڪلاس شهر ٿيڻ جي آشا ٿا رکن. دبئي ۽ شنگهائي وانگر. ان معيار تي پهچڻ لاءِ کين نَڪَ نقشا بدلائڻ جي گهرج هوندي. ورلڊ ڪلاس سِٽي باقي پاسن سان گڏ مثالي جماليات جو ڏيک ڏئي، لازم آهي. ٻاهرين سيڙپ ڪارڻي اڳ هلندڙ مارڪيٽ، مَال جي شڪل پيو وٺي. غربت ۽ انڊسٽري شهر جي حدن کان ٻاهر ڪنارن طرف ڌڪجي رهي آهي. تنهن جَا پنهنجا نقصان آهن. داخلي طور مضبوط ٿيڻ جي عمل کي ڌَڪُ رسندو.” (مختصر ڪيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو