Home / اسپيشل افيئر / عمر ڪوٽ جي گهوٽ ۽ جئه پور جي ڪنوار جو وهانو سنڌ – راجستان لاڳاپن جي تجديد!
above article banner

عمر ڪوٽ جي گهوٽ ۽ جئه پور جي ڪنوار جو وهانو سنڌ – راجستان لاڳاپن جي تجديد!

لڇمڻ سنگهه

 

پاڪ ڀارت جي و چ ۾ ڪهڙا به لاڳاپا رهيا هجن پر صوبي راجستان جي سرحد پار پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن سان ثقافتي لاڳاپن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

انساني رشتا رياستي ورهاست کان مضبوط ۽طاقتور هوندا آهن، اها چوڻي ان وقت صحيح ثابت ٿي جڏهن سنڌ جي راجپوت برادري جو 26 هون راڻو همير سنگهه سوڍو پنهنجي پٽ ڪنور ڪرني سنگهه جي شادي ڪڻوٽا جي 6 هين ٺاڪر مانسنگهه چمپاوت راٺوڙ جي نياڻي سان ڪرائڻ لا۽ عزيزن ۽ دوستن سان گڏ راجستان جي گادي واري شهر جئه پور پهتو.

20 فيبروري جمعي جي ڏينهن سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ گهوٽ ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو ۽ جئه پور جي ڪڻوٽا ٺڪاڻي سان تعلق رکندڙ ڪنوار پدمڻي ڪماري سان شادي جي تقريب جئه پور ۾ ٿي.شادي ۾پاڪستان کان 120 ڄڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ايم اين اي شازيه مري، پيرنورمحمد شاه، عبدالستاربچاڻي، لال مالهي، ايم پي اي مهيش ملاڻي ۽ وزيراعلي جو صلاحڪار سهراب خان مري، اڳوڻي تعلقي ناّظم خالد سراج سومري، پير تاج حسين شاه ۽ٻين پڻ شرڪت ڪئي، شادي جي تقريب ۾ هندستان کان بيڪانير، اجمير شريف، جوڌپور، اوڌيپور،ٻامير، جيسلمير کان راجائن ۽ عام ماڻهن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شادي ۾ شريڪ اڪثر ماڻهو راجستاني ويس پهريل هئا.

feb 28 52

هلندڙ مهيني ۾ سنڌ جي راڻي خاندان جي اها ٻي شادي هئي. پهرين شادي 10 فيبروري تي راڻي همير سنگهه سوڍي جي سئوٽ ۽ ٺاڪر راجوير سنگهه جي ڀاءُ ٺاڪر وڪرم سنگهه جي سڪيلڌي نياڻي ڪرن ڪماري جي شادي السيسر ٺڪاڻي جي ٺاڪر گج سنگهه سيکاوت جي پٽ دروو سنگهه سان نارگڙ حويلي ضلعي رنٿمبور ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. گهوٽيتن جو تعلق جئه پور جي السيسر ٺڪاڻي سان آهي.السيسر هوٽل ۽ نارگڙ حويلي سندن ورثو آهي. شادي جي تقريب ۾ راجستان جي هاڻوڪي وزيراعلي وسندرا راجي ۽ سندس پٽ کانسواءِ پاڪستان ۽ راجستان جي مختلف علائقن مان ماڻهن شرڪت ڪئي.

گذريل سال ڪنور ڪرني سنگهه جي پدمڻي ڪماري سان پهرين ملاقات کان ڪجهه ڏينهن بعد 10 جون تي مڱڻي واري رسم ٿي جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار هڪٻئي کي سون جون منڊيون پارائي ۽ پسند ڪري جيون ساٿي طور قبول ڪيو.پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيڪا رسم جي ادائيگي لاءِ 7 ڊسمبر تي ڪڻوٽا جو ٺاڪر مانسنگهه 32 رڪني وفد سان گڏ پاڪستان آيو هو.ٽيڪا رسم شاهي گهراڻن جي شادي جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي رسم هوندي آهي جنهن ۾قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان گڏ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي مختلف برادرين جا معتبر ماڻهو شريڪ ٿيا هئا.

ميندي جي رسم نارائڻ نواس پئلس هوٽل ۾ وڏي ڌوم ڌام سان ٿي. نارائڻ نواس کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو، ان موقعي تي زبردست آتش بازي ڪئي وئي هئي تنهن کانپوءَ محفل موسيقي ۾ راجستان جي مشهور لوڪ فنڪار ٻيجل مهر ۽ ٻين لوڪ گيت ڳائي محفل مچائي.

نارائڻ نواس پئلس 1928ع ۾ان وقت جي جئه پور رياست جي ڪمانڊر جنرل امر سنگهه راٺوڙ پنهنجي پيءُ ٺاڪر نارائڻ سنگهه جي نالي تي ٺهرايو هو. نارائڻ نواس پئلس ڪڻوٽا جي ٺاڪرن جو شاهي محل هو جيڪو هينئر جئه پور جي عاليشان هوٽلن مان هڪ آهي. ٺاڪر مان سنگهه راٺوڙ نارائڻ نواس پئلس ۽ ڪئسل ڪڻوٽا هوٽل جو مالڪ آهي . بالي ووڊ جون مشهور فلمون بول بچن، لال بادشاهه ۽ زبيده جي شوٽنگ به هن ئي هوٽل ۾ ٿي چڪي آهي.

راڻا همير سنگهه جو خاندان پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي . هو صوبائي ميمبر ۽ صوبائي وزير رهيو ۽ سندس والد راڻا چندر سنگهه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ وفاقي وزير به رهيو، شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ بنظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي به رهيو. راڻي همير سنگهه جو سئوٽ راجوير سنگهه به صوبائي ميمبر رهيو.

سنڌ جو گهوٽ ڪنور ڪرني سنگهه هٿ ۾ تلوار کڻي شاهي پوشاڪ ۾ملبوس مٿي تي رنگين ڦينٽو (پٽڪو) ٻڌل هئس ۽ ان تي سون جي ڪلنگي سجايل هئي، ساڻس گڏ ڀاڻيجو ڪنور شيو پرشاد سنگهه شاهي پوشاڪ پاتل ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو. ٻنهي کي هاٿي تي رکيل پالڪي ۾ چاڙهي شادي واري هنڌ پهچايو ويو. ڄڃ ۾ اٺ، گهوڙا ۽ ڍڳي گاڏين تي سوار جٿا ۽ ڏانڊيا ڊانس وارو گروپ جيڪي نچندا ڪڏندا ڄڃ کي وٺي شادي واري هنڌ نارائڻ نواس پئلس پهتا، جتي ڪنواريتن پاران گلن جي ورکا ڪري ڄاڃين جي آجيان ڪئي وئي. گهوٽ کي سفيد گهوڙي تي سوار ڪري ليڊيز پورشن ڏانهن آندو ويو، جتي سڀئي مذهبي رسمون ادا ڪري تنهن کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار اگني جا ست ڦيرا ڏنا جنهن بعد جئه پور ۾ راڻي همير سنگهه جي رهائش گاهه تي اچي رهيا.

ڪنوار پدمڻي ڪماري ٻڌايو ته منهنجي مڙس جي ماءَ جو تعلق راجستان سان آهي ۽ سندس ڀينرن جون شاديون به هتي ٿيل آهن تنهنڪري انهي نموني آئون به اتي وڃي رهان ٿي ته عمرڪوٽ به ثقافتي لحاظ راجستان جهڙو هوندو.

ڪڻوٽا جي ڇهين ٺاڪر مانسنگهه راٺوڙ ۽ پدمڻي ڪماري جي پيءَ ٻڌايو ته جڏهن رشتو هن وٽ آيو ته هن يڪدم قبول ڪيو، مون پاڪستان۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدن جي باري ۾ نه سوچيو. هن ٻڌايو ته مون صرف هڪ معزز، ثقافتي ۽ تاريخي خاندان سان رشتو ڪرڻ جو سوچيو هو.

ڪنور ڪرني سنگهه جي پيءَ راڻا همير سنگهه افئير سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هي شادي انوکي نه هئي اسان جا راجستان جي راجپوتن سان سڱابندي لاڳاپا رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڀارت سرڪار مڪمل تعاون ڪيو ۽ رڪارڊ وقت ۾ پاڪستان کان 100 ڄاڃين کي ويزائون جاري ڪيون .جڏهن پاڪستاني ۽ ڀارتي اهڙن موقعن تي هڪٻئي سان ملندا ته هنن جو هڪٻئي جي باري ۾ خيال تبديل ٿيندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته پدمڻي ڪمار کي پاڪستان جي ويزا ملڻ تائين ڪرني سنگهه ۽ سندس فيملي ڀارت ۾ رهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو